Sunday 6 November 2022

Sindh in history today (6th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(6th November). ************* 1. GOOD DAY WISH‎: ‏‎ ‎Dr. Pathan wishes you Good Day [Making requests and crying with cause to be near to you, are gifts of your love. I know that beauty is bold, but you my beloved are bound not to listen and pay heed. However, to remember and remind you, to project & advocate your beauty is total sum of my prayers] نہیں ہیں بے سبب یے شکایتیں، تیرے پیار کی ہیں یےعنایتیں. کچھ نہ سننا کچھ بھی نہ کہنا، یے ہی تو حسن کی ہیں عادتیں. ورد و وظائف یاد اور فریاد کے، میری بے بدل سب یے عبادتیں. جان دینا اور‎ ‎کچھ‎ ‎بھی نہ کہنا، سب عشق کے ہیں یے روایتیں. انتظاری بے قراری اور غم گذر، مجھ کو ملیں یے سب سعادتیں، *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڇهين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 6.11.1838: ملڪ جا حڪمران مير آھن, پر فرنگي فوجي عملدار جان رامسي John Ramsay اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل ۽ ليفٽيننٽ ٽريهاير Trehire اسسٽنٽ ڪمانڊنگ جنرل گهوڙاٻارئ ويا ته جيئن سنڌ ۾ پهچندڙ فرنگي فوج جي آمدرفت ۽ رهائش جي انتظامن بابت ڪو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. 6.11.1841: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ليفٽيننٽ ٽيرئ تي شڪارپور جي سروي ڪرڻ جو ڪم رکيو هو, جيڪو هن اڄ پورو ڪيو. هئ 1841 جو زمانو آھي. جڏهن ته سنڌ تي فرنگين 1843 ۾ قبضو ڪيو. آزاد سنڌ ۾ سنڌ جي حڪمرانن ايڏي ڇڙواڳي ڏئي ڇڏي هئي جو اسان جي شهرن وغيره جي سروي ڪري ٿي سگهيا. 6.11.1858: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت هڪ سال اڳ هندستان ۾ ”آزادئ جي جنگ" کي ڪچليو. هاڻي هندستان ۾ ڪو ان جي اختيارئ کي چئلينج ڪرڻ وارو ڪونه هو. ممبئي حڪومت انھئ صورتحال مان فائدو وٺندي, پنهنجو سرڪيولر نمبر 3140 اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي ڏياري موڪليو ته انھئ سرڪيولر جي روشنئ ۾ سنڌ ۾ مذهبي آزادي ڏني وڃي. فرنگين کي ڪو اسلام يا هندو ڌرم جي آزادئ جو اونو ڪونه هو, پر چاهين پيا ته عيسائيت جي تبليغ جي رستي روڪ نه ٿئي. 6.11.1920: ورهاڱي کان اڳ نواب شاه سياست جو فعال مرڪز رهيو. خلافت ۽ ڪانگريس هتان جون مقبول پارٽيون هيون. اڄ ضلعي "خلافت ڪميٽئ" طرفان وڏو عوامي جلسو ٿيو, جنھن ۾ عوام کي تلقين ڪئي وئي ته دين/ڌرم ۽ سياست ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ انگريزن جا حامي يا وفادار نه ٿين. 6.11.1939: اخبار "الوحيد" هن دور ۾ مسلم ليگ جو پرچارڪ سهارو بڻجي چڪي هئي. اخبار "مسجد منزلگاه" وارئ باه ڀڙڪائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اڄوڪي ايڊيٽوريل ۾ اخبار هندو اخبارن ۽ حڪومت تي وڏا ڇوه ڇنڊيا ۽ مطالبو ڪيو ته مسجد منزلگاه بچايو تحريڪ ۾ گرفتار ڪيل سيٺ محمد اسماعيل, عطا محمد ۽ حافظ عبدالحميد کي هڪدم غير مشروط طور آزاد ڪيو وڃي. 6.11.1947: سرڪار نامدار "آيا اڱڻ عجيب" جي لات لنوندي ٻڌايو ته ڀارت مان اسي هزار پيرين پيادي, ساڍا ٽي هزار ٽرين ذريعي ۽ ست هزار موٽرن/لارين ذريعي پناهگير پهچي ويا. 6.11.1948: حيدرآباد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئئ جي صدارت ۾ ”ھاري پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ پارٽئ جو آئين منظور ڪيو ويو. *************** 6 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 6 نومبر 1898ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ آزادي پسند حاتم علوي جو جنم ٿيو۔ 6 نومبر 1919ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر چيتن ڀمڀاڻي (پڊ عيدن / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 6 نومبر 1919ع مشهور محقق اي جي اين قاضي جو جنم ڏينهن آهي۔ 6 نومبر 1953ع ليکڪ بشير احمد هيسباڻي (ڪنڊيارو)جو جنم ڏينهن آهي. 6 نومبر 1955ع ليکڪ ۽ سياسي ورڪر ايس جي ڀاٽيا(پنو عاقل ) جو جنم ڏينهن آهي. 6 نومبر 1960ع شاعر نذير رمز سومرو (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 6 نومبر 1969ع شاعر مدهوش ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 نومبر 1997ع شاعر غمگين ظفر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 6 نومبر 1869ع مير سليمان سهراب خان جو انتقال ٿيو۔ 6 نومبر 1917ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل جو انتقال ٿيو۔ 6 نومبر 1996ع ٺٽي سان تعلق رکندڙ مشهور معاشي ماهر اين ايم عقيلئ جو انتقال ٿيو۔ 1838: East India Co. Govt military officers have started wandering Sindh for their national interests. John Ramsay, Assistant Quarter Master - General and Lieutenant Trerhire, Assistant Commanding General proceeds to Ghorabari. 1841: Lieutenant Terry completes the survey of Shikarpur. 1854: Sindh Commissioner orders that Dharamshalas/Musafirkhanas be provided along with the direct route from Kotri to Fatehpur and onwards to Larkana. 1858: The Govt. of Bombay sends its Circular No.3140 to Sindh Commissioner and asks him to follow it and ensure the freedom of religion in Sindh. The British Gout. of India was interested in the freedom of Islam or Hinduism, but in fact it was procting preaching of their own religion. 1920: A big public meeting is held at Nawabshah by the District Khilafat Committee. Speakers ask people to part in politics as it is our national and religious duty to protect the interests of people and motherland. 1939: In the course of its editorial, the Daily Al - Waheed condemn the Sindh Govt. 's policy and the role of some Hindu Newspapers regarding the Masjid Manzalgah issue and demand immediate and unconditional release of Seth Muhammad Ismail, Atta Muhammad and Hafiz Abdul Hamid recently arrested in connection with Masjid Restoration movement. 1947: Eighty thousand refugees reach Pakistan by foot, 3500 by train and 7000 by Motor transport. 1948: In its meeting held at Hyderabad, with Comrade Hyder Bux Jatoi in chair, the Hari Party approves its constitution.

No comments:

Post a Comment