Friday 11 November 2022

Sindh in history today (12th November). By. Dr.Pathan

INDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(12th November). ************* 1. GOOD DAY WISH‎: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Kindness is better than Rightness. Because, what you believe is Right, it may be Wrong for others. Whoever hurts hearts, can't earn any heart and you will find him/her as wandering soul in search of peace of mind. Beauty is not in body, but it is in sincerity, sacrifice and dedication. Love is life, otherwise, it is terrible high-risk for human & natural values.] سرت سان سوچ پرين دردمند عقلمند کان گهڻو بهتر, دلين کي ويران ڪندڙ ٺوڪرون کائيندو پيو در در, پيار ايثار وفا سان سونهن ٿيندي مڪمل سربسر, عشق کان سواء اٿئي ابتر,دعا سلام رشتا هي سمورا. ‏‎ *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 12 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 12.11.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور ۾ اسان جي وڪيل مير رستم علئ سان مخفي ڳالهيون هلايون آھن, جيڪي اميد ڀريون آھن ۽ اسان جي وڪيل ڏاهپ سان مير رستم علئ کي حيدرآبادي ميرن کان ڪنهن حد تائين لاتعلق ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. 12.11.1838: پاٽينجر اڄ حيدرآباد منجھان پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ طويل ۽ تفصيلي خط لکيو, جنهن جون ڪي خاص ڳالهيون هئ آھن: 1). مير نور محمد جو نمائندو مرزا چئي ٿو ته مير جڏهن اوھان کي سنڌ مان فوج افغانستان موڪلڻ لاء رستو ڏنو آھي ته اوهان کي وفادار يار طور باقي ڪهڙي ثابتي ڏيڻي آھي. اوهان هاڻي اره زورائي ڇڏيو. 2). مير نور محمد چئي ٿو ته مون ته اوهان کي حيدرآباد ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ جي اجازت ڏني آھي, پر اوهان نواب احمد خان لغارئ جي ٽنڊي ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ تي ضد ڪيو آھي. 3). سيد اسماعيل شاه ٻن پٽن سميت مون سان ٻه ڪلاڪ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اسان جيڪڏهن محمد شاه کي خط لکيو ته ان تي گورنرل جنرل شڪ ۽ ڪاوڙ ڇو ٿو ڪري. محمد شاه ڪو اسان جو پڳ-مٽيو يار ڪونهي. هن جو پئ مري ويو ته به اسان هن سان رضاالاهي نه ڪئي. گورنر جنرل کي اسان جي خط تي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي. 4). نواب احمد خان لغاري جڏهن به اچي ٿو اسان کي ڄڻ ڊيڄارڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ چئي ته اها مير حڪمرانن جي اوهان تي ٻاجھ ۽ مهرباني آھي جو اوهان جو وار ونگو نه ٿيو آھي. هونء نه ته عوام اوهان کي ڪچو کائي وڃي, ڇو ته سنڌ ۾ فرنگين جي هجڻ کي عوام سٺو سونڻ نه ٿو سمجهي. 12.11.1919: برطانيه ۽ سندس اتحادين ترڪئ کي شڪست ڏني ته انھئ خوشئ ۾ ھندستان ۾ ”فتح جو هفتو" ملهايو ويو. اڄ انھئ جشن جو پهريون ڏينھن هئو. سنڌ ۾ به سرڪار کي راضي ڪرڻ ۽ وفاداري ثابت ڪندڙ سنڌين انھئ جشن کي ملهايو. پر اهو جشن ملهائڻ سرڪار کي سنڌ ۾ ڳچئ ۾ پيو. ڇو ته هن کان پوء "خلافت" ۽ "عدم تعاون" جون تحريڪون هليون ۽ عوام انگريز حڪمرانن خلاف ٿي بيٺو. 12.11.1928: "سائمن ڪميشن“ جي اچڻ جي خلاف ته عوام وڏو آواز بلند ڪيو, پر پوء به اها ڪميشن سنڌ آئي. سر شاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاه انھئ جا مقامي ميمبر هئا. اڄ محمد ايوب کهڙي سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي حق ۾ ۽ پروفيسر ڇٻلاڻئ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ خلاف ڪميشن کي پنھنجا پنهنجا ياداشت ناما پيش ڪيا. *************** 12 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 12 نومبر 1917ع اخبار "جوت" جي آخري ايڊيٽر راڌا ڪرشن ڪوٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1918ع شاعر سليم هالائي جو جنم ٿيو۔ 12 نومبر 1928ع شاعر طالب لغاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاهه (ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1937ع باليووڊ جي ناليواري اداڪار قادر خان جي پشين ۾ پيدائش ٿي۔ 12 نومبر 1946ع ليکڪ سڪندر بختيار کوسو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1951ع سگهڙ علي گوهر خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1962ع شاعر علي احمد عاجز هڪڙو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1970ع آرٽسٽ بدر سومرو (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي۔ *************** وڇوڙو: *************** 12 نومبر 1640ع هالا جي بزرگ ۽ شاعر مخدوم محمد امين اول جي وفات ٿي۔ 12 نومبر 1959ع لاڙڪاڻي جو شاعر نواز علي نياز جعفري گذاري ويو۔ 12 نومبر 1961ع سياستدان سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جو انتقال ٿيو. 12 نومبر 1969ع پاڪستان جي پهرين صدر اسڪندر مرزا جي لنڊن ۾ وفات ٿي. 12 نومبر 2002ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻئ کي شهيد ڪيو ويو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1838: Colonel Pottenger informs his Govt. the deputation sent to Mir Noor Muhammad Khan has returned with positive results and this big breakthrough will be in the greater interest of Govt. 1853: Sindh Commissioner directs the Collector of Shikarpur that the list of alineations (Jageer record) be updated with names of persons whom Jageers have been granted. 1919: It is the first day of Victory celebrations. Govt. and its most loyal people held public functions and greeted British Govt. on its military victory over Turky. 1928: Simon Commission is in Karachi and Sir Shahnawaz Bhutto and Miram Muhammad Shah are also its members. Muhammad Ayub Khuhro on behalf of the Sindh Muhammadan Association and Prof. Chhablani on behalf of Hindu Maha Sabha present Memorandum on the dispute of separation of Sindh from Bombay Presidency.

No comments:

Post a Comment