Tuesday 29 November 2022

Sindh in history today (29th November). By.Dr.Pathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 29 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** [ ڪو پنهنجو پاڻ کي, قوم کي, قوم جي ماضئ حال مستقبل کي پڙھي ٿو يا نه, اهو منھنجو مسئلو ناهي. منهنجو ڪم آھي ته تاريخ کي جامع ۽ غير جابدار بنائڻ جا جتن ڪريان.] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ طرفان اوهان جي خدمت ۾ 29 نومبر تي سلام ۽ دعا سان گڏ 29 نومبر جي واقعاتي تاريخ *************** 29.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان پنهنجي گورنر جنرل کي مراسلو موڪلي تجويز ٿو ڪري ته شڪارپور جو ڪجھ حصو ميرن اسان جي حوالي ته ڪيو, پر ان مان سندن ساڙ, ڊپ ۽ نفرت پيدا ٿي آھي. ان ڪري اسان سنڌ جي ڪنهن حصي/علائقي کي قبضي ۾ نه وٺون. ان سان جتي ڪٿي اسان تي توسيع پسندئ جا الزام لڳندا ۽ رنجيت سنگ به ڪن اڀا ڪندو. منهنجي صلاح آھي ته اسان سنڌ ۾ پنهنجا پنج يا ڇھ ھزار فوجي رکون ۽ انھن تي ايندڙ خرچ حيدرآباد جي مير نورمحمد, مير نصير خان, مير محمد خان ۽ خيرپور جي مير مبارڪ خان کان زورئ ڀرايون. 29.11.1842: خيرپور بابت فرنگي جاسوسن جيڪا اڄ رپورٽ لکي آھي, ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 23 نومبر تي مير علي مراد پنهنجئ گذارش تي سکر ۾ نيپيئر سان ملاقات ڪئي ۽ ڪيترين ڳالهيون مخفي ڪيون ويون. نييئر 24 تاريخ تي شڪارپور ويو ۽ 25 تاريخ تي واپس موٽي آيو. سبزل ڪوٽ وٽ اسان جي واپارين کان مير رستم علئ جي ڪاردار جيڪا ٽئڪس ورتي هئي, اها به نيپيئر واپس ورتن ۽ پنج ڏينھن ڪاردار کي سکر ۾ اسان جي جيل ۾ بند ڪرڻ جو حڪم به ڪيائين. مير علي مراد وري 29 نومبر تي نيپيئر سان ملڻ آيو. 29.11.1922: برطانيه ترڪئ خلاف سمرنا ڏانھن پنهنجا جنگي ٻيڙا موڪليا ته انهئ قدم خلاف سمورئ سنڌ ۾ خلافتين طرفان احتجاجي ميڙاڪا ڪيا ويا. بٺي, تعلقي ميروخان ۾ احتجاجي جلسي جي صدارت قاضي عزيزالله ڪئي. نصرپور ۾ مولوي تاج محمد جي صدارت ۾ جلسو ٿيو. درگاه ٺلاه, لڳ باقراڻي ۾ جلسي جي پير محمود شاه راشدئ جلسي جي صدارت ڪئي. اهڙا ميڙاڪا انڙ پور, مٽيارئ, امروٽ ۽ وسي ملوڪ شاه ۾ به ٿيا. 29.11.1922: "الوحيد" اخبار جي ايڊيٽر تي "ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ 108" هيٺ سٽي ماجسٽريٽ ڪراچئ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. 29.11.1926: جئرامداس دولترام ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. اڄ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل گڏجاڻي ڪري ووٽرن جا ٿورا مڃيا. 29.11.1948: پناهگيرن جي "بامبي مسلم ائسوسيئيشن“ ڪراچئ ۾ سنڌ حڪومت جي مذمت ڪئي ته اها پناهگيرن جا مسئلا حل نه پئي ڪري. ياد رهي ان وقت پير الاهي بخش جي وڏ-وزارت هئي. هن پناهگيرن کي ڪراچئ ۾ آباد ڪرڻ لاء ”پير الاهي بخش ڪالوني" ٺھرائي. سندس ئي ايمڪارئ ۽ اڳواڻئ ۾ ڪراچئ کي مرڪز حوالي ڪيو ويو هو. 29.11.1953: جتي جتي "سنڌ هاري پارٽي" جون شاخون ھيون, انھن اتي "عدم تشدد" جو ڏينھن ملهايو ۽ سنڌواسين کي امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جو تاڪيد ڪيو. 29.11.1955: اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي وڏي پئماني تي گرفتار ڪيو ويو. اهڙن سخت قدمن کڻڻ جو روحاني راز اهو هو ته عوام ۾ نفرت ۽ علحدگئ جا جذبا اڀاريا وڃن. 29.11.1968: ايوب-شاهئ کان جان ڇڏائڻ لاء زندگئ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻھون ميدان ۾ لهي پيا. اڄ وڪيلن مختلف شھرن ۾ جلوس ڪڍيا. 29.11.1976: پهرين ڊسمبر 1976 کان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ الڳ الڳ هاء ڪورٽون ڪم ڪنديون- صدر اهڙو حڪم نامو جاري ڪيو. 29.11.1998: سنڌي ادبي سنگت, خداآباد شاخ طرفان "شاه جو فڪر" جي موضوع تي نظير احمد ڀنڊ ليڪچر ڏنو. جن شرڪت ڪئي, انھن مان محمد ابراهيم پنهور, اعجاز علي ڀٽي, الله بچايو پنهور, محمد ابراهيم ڀنڊ, محمد علي جتوئي, محمد خان برماڻي, محمد حنيف برماڻي ۽ بشير احمد قريشئ جا نالا ذڪر لائق آھن. *************** {29 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: *************** 29 نومبر 1933ع سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى ۽ سياستدان ممتاز ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي. 29 نومبر 1939ع ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر ممتاز مرزا جي پيدائش ٿي. 29 نومبر 1972ع ليکڪ عبدالسميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي. 29 نومبر 1975ع شاعر ياسين بادل لاشاري (ڪامارو شريف) جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: ************** 29 نومبر 1882ع صوفي شاعر الهداد صوفي جو انتقال ٿيو. 29 نومبر 1938ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي پرمانند ميوارام جي ديهانت ٿي. 29 نومبر 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل اوڍي جي وفات ٿي. 29 نومبر 2005ع سنڌي فلمن جي ناليواري هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪار شاهه اسد جو دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 29 نومبر 2006ع مفتي ڪريم بخش مگسي جي وفات ٿي. 29 نومبر 2014ع مذهبي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر ۾ مسجد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (29th NOVEMBER. ************** Here is Dr.Dur Muhanmad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute to wish you Good Day and to share Events from history of Sindh (including Pakistan) with you today on 29th of November 2022. If you want to know about me and my humble services, visit my website www.drpathan.com 1.Good Day wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You can't see clear picture, if tears are in our eyes. Let your eyes rain over desert of your own heart, but people need your charming eyes, smiling face and helping hand. Let the people must not catch, but surely avail your vision & wisdom and beauty & love. Don't be sand in any hand, including your own. Be flower with beautiful colour and wonderful fragrance. It is life. It is your definition.] لڙڪ نہ مگر تنهنجئ مرڪ جي ضرورت آھي, مٺين ۾ وارئ کي جهلڻ جي اها صورت آھي, ماڻهو نہ مورت آھي, سرت سلام سونهن سواء. 1922: U.K has sent Fleet to Samarna to attack Turkey and this action provoked people in Sindh. Protest public meetings are held in the length and breadth of the country. Some of places/villages of protest are Buthi of taluka Mirokhan, Nasrpur, Dargah Thullah, Bakrani, Unarpur, Matiari, Amrote & Vasi Maluk Shah. 1926: Jairamdas Doulatram has been elected as the member of the Bombay Legislative Council. Today, the Hyderabad District Committee in its meeting adops resolution to express thanks to people for support in election. This may be kept in mind that Jairamdas Doulatram was a first Sindhi who became Governor of Bihar, in India after partition. 1948: Bombay Muslim Association of Karachi condemns Sindh Ministry of Pir Illahi Bux for not resolving of the problems of Indian Muslim migrants. 1953: Sindhi Hari Committee observes 'Anti - violation Day'. 1955: Workers and leaders of Awami League are arrested in East Pakistan on large scale. 1968: Lawyers are on roads. They take out procession in various cities with demand for restoration of the democracy in Pakistan. 1976: Separate High Courts for Sindh and Baluchistan from 1st of December. Notification is issued.

No comments:

Post a Comment