Monday 7 November 2022

Sindh in history today (7th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(7th November). ************* 1. GOOD DAY WISH‎: Dr. Pathan wishes you Good Day. [As you are perfect in beauty, vision and wisdom, in such a way I am matured in love, dedication and trust. To you, it is my crime that I declare my affiliation with you boldly and openly. The reason behind it is that I am in dire need of you, your beauty and vision & wisdom. No doubt distance and differences are there, but in spite of that we both are human-beings with equal aspirations, hope and urge. But, you are bound to hurt and ignore and I am bound to pray and advocate your beauty, vision and wisdom.] اسان عاقل بالغ عشق ۾ پر تنهنجئ پر ۾ ڄڻ نادان, بس ڏوه اهو جو تو سان سليم سور گهڻا ارمان, نہ آئون پتل جو تو ڪو سونو آھيون ٻئي انسان, قرب محبت پيار وفا جا دنيا کي ڏي ڪجھ دان پيو ڳائيندس شان, سندء سونهن جا سلام سان. ‏‎ ‎ *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 7 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 7.11.1842: برنس اڄ پنھنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته مير رستم علي خان کيس دانھن ڏني آھي ته مير علي مراد خان ٻٻرلوء ۽ هڪ اڌ ٻئي ڳوٺ تي ناجائز قبضو ڪيو آھي, اهي واپس وٺي ڏي. مون کيس وراڻيو آھي ته مير علي مراد خان سان ڳالهائي ڪو حل ڪڍندس. 7.11.1850: ممبئي سرڪار مشهور واپاري "جهانگير نسروانجي ائنڊ ڪمپنئ" کي اجازت ڏني ته اها ڀلي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ آگبوٽن ذريعي سامان آڻي ۽ نئي. 7.11.1854: ٽالپور حڪمران مدرسن ۽ ديني عالمن کي سالياني گرانٽ ڏيندا هئا. فرنگين جي حڪومت آئي ته انھن کي مالي مدد ملڻ بند ٿي ۽ جتان ڪٿان داد فرياد جون دانھون ٿيڻ لڳيون. ان تي جاگيرن واري کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر کي سرڪار چيو ته شڪارپور ضلعي ڪليڪٽوريٽ ۾ ڪنهن ڪنهن کي ٽالپور حڪمران گرانٽ ڏيندا هئا, اها رپورٽ ٺاهي پيش ڪر. هن رپورٽ ۾ ٻڌايو ته شڪارپور ۾ 42 ادارن/شخصيتن کي مير مالي مدد ڏيندا هئا. [ياد رهي ته مير علم ۽ عالم دوست هئا. هو اهل تشيعت سان تعلق رکندي به سني عالمن ۽ مدرسن جي مالي مدد ڪندا هئا] 7.11.1931: ڪانگريس طرفان هلايل تحريڪ کي ٻنجي ڏيڻ لاء سرڪار سنڌ ۾ ڪانگريس جي هنن ذيلي شعبن تي بندش وڌي: سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪميٽي, ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪميٽي, سنڌ ستيگره ڪائونسل, بائڪاٽ ڪميٽي, وديارٿ منڊل, گجرات ڪمار سنگ, نوجوان ڀارت سڀا, ڪراچي وڌيارٿي سماگم, راشٽريه استري منڊل ۽ شيوڪ دل 7.11.1948: سنڌ هاري ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هارين بابت "مسعود رپورٽ" به شايع ڪئي وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي "سنڌ ٽئننسي ايڪٽ" جلد از جلد پاس ڪري. [ مسعود رپورٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي] 7.11.1957: سنڌ ۽ صوبي سرحد ڪڏهن به ون-يونٽ کي تسليم نه ڪيو. اڄ پشاور ۾ ون-يونٽ خلاف زبردست جلوس ڪڍيو ويو. 7.11.1963: اولھ پاڪستان جي گورنر امير محمد ملڪ چيو ته شاگردن کي دهشتگردئ جا درس ڏيندڙ جماعت اسلامي آھي. 7.11.1973: ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي سياسي گروء ايوب لاء چيو ته تاشقند ۾ صدر ايوب ملڪي سلامتي داء تي لائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. *************** 7 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 7 نومبر 1872ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ سر عبدالله هارون جو جنم ٿيو۔ 7 نومبر 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 7 نومبر 1930ع تي ناليوارو محقق ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو۔ 7 نومبر 1945ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي دلدار سنجراڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 7 نومبر 1955ع ليکڪ مهيش اڏياڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 7نومبر 1979ع ميرپور ٻرڙو سان تعلق رکندڙ راڳي عبدالجبار ٻرڙو جي پيدائش ٿي۔ 7 نومبر 1991 تي صحافي زبير لوهار ڄائو. وڇوڙو: 7 نومبر 1938ع نوان جتوئي سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ شاعر امام بخش ”صابر“ جتوئيجو انتقال ٿيو۔ 7 نومبر 1973ع شاعر علي تقي شاهه جو انتقال ٿيو۔ 7 نومبر 1974ع ليکڪ عبدالغفور انصاري جي وفات ٿي. 7 نومبر 1977ع سياستدان سيد عابد علي شاهه جو انتقال ٿيو۔ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1954: Sindh rulers granted charity table money & Grain Allowances to Syed’s of Shikarpur but it was stopped by new British government conquest of Sindh. Today affected Syed’s approached Captain Goldsimd, Assistant Commissioner for Jaggers. 1948: Sindh Hari Committee held meeting at Hyderabad. Its working committee by Resolution demanded that Masood Report be published & made public & Sindh Tenancy Act be passed by the Sindh Assembly.

No comments:

Post a Comment