Wednesday 2 November 2022

Sindh in history today (3rd November). By. Dr. Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(3rd November). ************* 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr.Pathan wishes you Good Day. [ You can't get results and response on your own and as desired or required by you. It depends upon will, wish and desire of your dear. May be dear is pleased to see sincerity & sacrifice and dedication & trust. So, wait for kindness and pray for kindness] پنھنجي فقط پڪارن بنا ناھي ٻیو ڪو چارو ، نيڻن ۾ نينهن,نرمل ۽ مينهن جو هجي ڀل نظارو, اهو ٿئي جو ڪري قرب قبولڻ وارو ڪوھیارو، محبت جي مھراڻ جو ملي نہ نائکي بنا ڪنارو، الفت ایثار ڏسي جان نثاري متان ڏئي سھارو، قلب جو ڪارو, ڪري روشن سونھن سلام سان.‏‎ ‏‎ ‎ *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 3 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 3.11.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ برنس کي لکيو ته حيدرآبادي مير پرشيا ۽ هرات وارن حڪمرانن سان اسان خلاف اتحاد ڪري رهيا آھن. ان ڪري تون خيرپوري ميرن جو انت ڪڍ ۽ هنن کان انھئ اتحاد بابت شاهديون هٿ ڪري موڪل ته جيئن حيدرآبادي ميرن جي اصل نيت جي خبر پئي. 3.11.1838: الينگزينڊر برنس خيرپور مان پاٽينجر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن جي روين توکي اهڙيون ڌئونسون ڏنيون آھن جو تون خيرپوري ميرن جي نيتن تي به شڪ ڪرين ٿو. حالانڪ خيرپوري مير منھنجي سڳي ڌاڳي ۾ آهن. مير رستم خان ته مون کي اهي خط به ڏسڻ پڙھڻ لاء ڏيندو آھي, جيڪي مير نور محمد خان هن ڏي مخفي طور موڪليندو آھي. 3.11.1842: فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر ڏي ٻه خط موڪليا. پهرين خط ۾ لکي ٿو ته ميرن جي اڻ وڻندڙ روين جي موٽ ڪهڙي ۽ ڪيئن ڏيون, اهو توکي سوچي پوء ٻڌائيندس. في الحال سکر تي تسلط قائم رکڻو آھي. ٻئي خط ۾ لکيس ٿو ته مير رستم خان جي مخفي خطن ۽ رابطن مان شڪ پئي ٿو ته هو اسان سان سچو ناهي. هن اسان جي دشمن سيد محمد شريف کي ڀڄڻ جون سهولتون ڏنيون. هوڏانھن مير نصير خان اسان خلاف بيربڪ بگٽئ سان مخفي خط و ڪتابت ڪرڻ ۾ مصروف آھي. انھن حالتن باوجود سنڌوندئ کي واپاري ۽ دفاعي مقصدن لاء ڪم آڻڻ لاء ميرن, بهاولپور وارن ۽ لاهور جي مهاراجا سان ڳالهائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻا آھن. 3.11.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 35 مطابق ڪمشنر کي ٻڌايو ته اسلام خان کان سواء باقي سمورا ويڙهاڪ بگٽي پيش پيا آھن. وڏي ڏوهئ ڏوتل موندرانئ کي پڪڙيو آھي ۽ هن تي ڪيس هلايو پيو وڃي. 3.11.1856: سول انجنيئر پرائيس سکر ۽ روهڙئ وچ ۾ پل ٺاهڻ جو پلان ٺاهيو هو. سندس اندازي مطابق انھئ پل تي ست لک روپيا خرچ ٻڌايو ويو. اهو اهو پلان صوبائي (ممبئي) حڪومت ڏانھن موڪليو ويو. 3.11.1919: سکر ضلعي جي ڪانگريس ڪميٽئ اڄ ڊاڪٽر چوئٿرام کان ليڪچر ڪرايو. مقرر ملڪي صورتحال تي روشني وڌي ۽ پنجاب ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ عوام سان ٿيل سرڪاري آزار تي روشني وڌي. 3.11.1928: سنڌ ۾ شاگردن تعليمي ادارا ڇڏي روڊن رستن تي نڪري آيا ۽ سائمن ڪميشن خلاف احتجاج ڪيائون. 3.11.1975: مير رسول بخش ٽالپور "قومي جمهوري تحريڪ" جي نالي سان پارٽي ٺاهي. تمام ڏکيئي وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس پارٽئ سان شروعات ۾ ساٿ ڏنائين. پيپلز پارٽئ جي ڏينهن ۾ گورنر به ٿيو. پوء سياسي اختلافن ڪارڻ اها پارٽي ڇڏيائين. 3.11.1977: مارشل لا حڪومت "هلال پاڪستان" جي ايڊيٽر سراج الحق کي هٽايو ۽ سندس جاء تي محمد هاشم ميمڻ ايڊيٽر مقرر ٿيو. ************* { 3 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1618ع مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير. 1889ع مذهبي اسڪالر ۽ تحريڪ آزادي جو اڳواڻ مولانا محمد ابراهيم (ڳڙهي ياسين). 1916ع نامياري تعليمدان ۽ سياستدان احمد محمد قاضي(قاضي احمد). 1921ع شاعر، مصور، گلوڪار ۽ ليکڪ ڀڳوان کلناڻي ساقي(ڀريا / پونا). 1929ع ناليواري محقق ڊاڪٽر مرلي ڀاوناڻي (حيدرآباد / دهلي)۔ 1957ع ليکڪ ڊاڪٽر اسد جمال پلي. 1958ع ليکڪ اصغر گوزائي۔ 1962ع سياستدان عبدالڪريم سومرو. 1963ع صحافي فيض ميراڻي (شڪارپور)۔ 1966ع شاعر حاڪم مهر (چڪ). 1967ع شاعر نور الله مهر ”کوهي وريام“۔ [وڇوڙو]: 3 نومبر 1984ع گلوڪار ۽ شاعر ماسٽر چندر. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1847: The Collector of Shikarpur sends to the Commissioner report on operation against Bugties and gives details of capturing Dotal Moondrani. 1858 : Price, Civil Engineer on Special duty prepares plan for construction of bridge between Sukkur and Rohri. It will cost Govt. rupees seven lakhs and odd. 1917: Most of us are unaware about warm political activities of our forefathers relating to the British Sindh. In those day annual political conferences, known as Sindh Provincial Conference were held in variour districts. Today, Special Sindh Conference is held at Hyderabad. Its proceedings and other details -are uploaded on website of the Gul Hayat only. 1919: Under the auspices of the Sukkur District Congress a public meeting is held and Dr. Choithram Gidwani gives lecture on the present conditions of Bharat Varsh (Hindustan) and disrobes the terrible condition of Indians in Punjab, South Africa and Fiji. 1928: It is first time in the history of Sindh education during British period that teachers and taught boycott their class in the length and breadth of Sindh to show their resentment on Simon Commission. 1975: Mir Rasool Bux Talpur forms Quomi Jamhori Tahrik. 1977: Muhammad Hashim Memon takes over as the editor of the daily Hilal -i- Pakistan. Whereas Siraj -ul- Haq Memon is removed by the Martial Law Government.

No comments:

Post a Comment