Thursday 1 December 2022

Sindh in history today (1st December). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (1st December, 2022). ************** Here is Dr.Dur Muhanmad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute to wish you Good Day and to share Events from history of Sindh (including Pakistan) with you today on 1st December 2022. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پهرين ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 1.12.1836: ممبئئ جي واپارئ علي محمد خان اڄ مرزا باقر سان ملاقات ڪئي ته جيئن هو کيس مير نور محمد کان جان ۽ مال جي حفاظت لاء ڪو يقين ڏياري ته جيئن هو سنڌ ۾ خشڪئ ذريعي واپاري سرگرميون ڪري سگهي. ياد رهي ته پاٽينجر ممبئئ جي واپارين کي منع ڪئي هئي ته اهي سنڌ ۾ خشڪئ وارا رستا استعمال نه ڪن, ڇو ته سنڌي عوام فرينگين ۽ سندن ساٿي واپارين تي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به حملو ڪري سگهن ٿا. 1.1.1836: اڄ پارڪر جو سابق راڻو پاٽينجر سان حيدرآباد ۾ ملڻ آيو ۽ پاٽينجر سندس مالي مدد ڪئي. هن پاٽينجر جو انھئ ڳالھ تي به ٿورو مڃيو ته سندس ڪوششن سان مير نور محمد مهربانئ سان مليو. 1.1.1836: اڄ پاٽينجر جي ملازم منشي ڄيٺانند کيس ٻڌايو ته مير صوبدار خان گهٽي ٽال مٽول ڪرڻ کان پوء نيٺ فرنگين سان معاهدي واري دستاويز تي دستخط ڪئي ۽ منشئ کي اهو به چيو ته فرنگي مون سان الڳ ۽ سڌو معاهدو ڪن ۽ مير نور محمد کي وچ ۾ نه آڻن. 1.1.1838: ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجي سرڪار کي لکيو ته سنڌ ۾ ڏکيئي وقت ۾ مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي اسلحي ۽ خزاني سنڀالڻ لاء سنڌ ۾ پنهنجي فوج Subsiday Force رکجي. انھئ تي ايندڙ خرچ ميرن کان اهو چئي وٺبو ته اها فوج سندن حڪمرانئ ۽ ملڪ جي بچاء پيا رکون. 1.1.1842: نيپيئر سکر مان اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکيو ته مون وٽ ايتري فوج آھي, جنهن سان حالتن کي منھن ڏئي سگهان ٿو, ان ڪري منھنجي مدد لاء وڌيڪ فوج نه موڪليو. مان ليفٽيننٽ اسٽنلئ کي ميرن سان نئون معاهدو ڪرڻ لاء حيدرآباد موڪلي رهيو آھيان. مان ڪالھ روهڙئ ويو هئس. مون فوجي مقصدن ۽ هيڊڪوارٽر بنائڻ لاء روهڙي سکر کان وڌيڪ مناسب لڳي. 1.1.1847: نڀاڳو نيپيئر جيڪو سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء لڳ ڀڳ چار سال سنڌو جو گورنر ٿي رهيو, تنھن اڄ سنڌ ڇڏي ۽ کيس پنهنجئ فوج ۽ عملدارن آخري سلامي ڏني. 1.1.1938: سنڌ هاري ڪميٽئ پنهنجو آئين منظور ۽ نافذ ڪيو. 1.1.1948: "مهاجرن جي مامرن ڏسڻ" واري وفاقي وزير خواجا شھاب الدين جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ پناهگيرن کي اجهي ۽ روزگار ڏيڻ بابت فيصلا ڪيا ويا. 1.1.1950: "مهاجرن جي مامرن سنڀالڻ" واري وفاقي وزير ڊاڪٽر اشتياق حسين سرندئ وارن کي اپيل ڪئي ته چندو ڏيو ۽ مالي مدد ڪريو ته جيئن ڪراچئ جي فٽ پاٿن تي رهندڙ ٽيٽيه هزار پناهگيرن کي اجهو ڏئي سگهجي ************* ڏينهن پهرين ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** پهرين ڊسمبر 1938ع اديب ۽ صحافي نصرت حسين ابڙو(مديجي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1938ع عادلپور سان تعلق رکندڙ شاعر قاضي حفيظ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1940ع شاعر، صحافي ۽ اداڪار گورڌن گهايل (ميهڙ/پونا) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1940ع ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ شاعر ڪرم ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1941ع ليکڪ، صحافي ۽ شاعر امير بخاري جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1945ع ليکڪ پنهل پنجوديرائيءَ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1945ع شاعر شمس ڀيو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1946ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1948ع صحافي فقير محمد عباسي (سوڀوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1949ع اسڪالر ڊاڪٽر عبدالرسول قادري جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1949ع سياستدان ڊاڪٽر قادر مگسي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1952ع ليکڪ فياض بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1952ع شاعر شيوڪ نورت (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1953ع شاعر حاجي خان مسڪين (راضي جتوئي) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1955ع غزل جي ناليواري راڳي اُدت نارائن جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1956ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ديدار مٺياڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1956ع ليکڪ حافظ ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1956ع ليکڪ ۽ شاعراقبال بلوچ(تلهار) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1958ع ٺري ميرواهه سان تعلق رکندڙ صحافي ممتاز شر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1958ع شاعر افضل سولنگي(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1959ع ڪي اين شاهه سان تعلق رکندڙ ليکڪ شهاب عباسي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1968ع شاعر وحيد محسن جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1968ع شاعر عاشق سمون (خانپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1969ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ صحافي ديدار سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1971ع سماج سڌارڪ فياض ڀان جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1972ع پبلشر ۽ نئون نياپو جي ايڊيٽر انعام عباسي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1972ع شاعر، ليکڪ، ٻولي لاء ڪم ڪندڙ امر فياض ٻرڙو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1974ع صحافي محمد سليم سيال جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1974ع ليکڪ برڪت پله جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1975ع صحافي زاهد راجپر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1976ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ غلام مصطفى مگسي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1977ع ارونا حسين جو جنم ڏينهن آهي. پاڻ پهرين سنڌي ڇوڪري آهي جنهن کي ننڍي عمر ۾ ئي ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپني جو CEO مقرر ڪيو ويو. پهرين ڊسمبر 1981ع ليکڪ وحيد آگرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر اديب مسلم ميراڻئ جي جنم جي تاريخ آھي *************** وڇوڙو: *************** پهرين ڊسمبر 1904ع روهڙي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر همٿ علي شاهه جي وفات ٿي. پهرين ڊسمبر 1980ع اسڪالر، ليکڪ ۽ اداڪار منگهارام ملڪاڻي (حيدرآباد / ممبئي) جي ديهانت ٿي. پهرين ڊسمبر 2003ع ناليواري مزاحيه ليکڪ ۽ صحافي ۽ ڪامورو علي احمد بروهي جي ڪراچي ۾ وفات ٿي. پهرين ڊسمبر 2016ع اديب، شاعر، ڪمپيئر، اداڪار، صداڪار ۽ صحافي پروانو ڀٽي لاڏاڻو ڪري ويو. 1. Good Day Good Day. [Every soul & soil, every body & every thing is beauty of this beautiful world. Dear! You are part of it and not whole. Love is approval of your beauty, accept it and avoid to divert hearts & minds to an other beautify] ھر جاء ء ھر جئ اندر، سندرتا جو سنسار، آئون نہ اڪيلو عاشق، تون نہ اڪیلو یار. سونهين نٿو پيار سان، تڪرار یا اجایو انڪار، سرت سندو سینگار، شل ماڻين سلام جيان. 2. EVENTS: 1838: Colonel Pottenger feels that his staff and other attached people are not safe in Sindh and might face insult and personal danger at Hyderabad. He requests Bombay Govt. for subsidiary force to Sindh without any delay. Thinks that Shah Shuja's presence in Sindh would be advantageous for them. He seeks permission to sale bullion at Hyderabad to get coin to meet expenses. 1847: Charles Napier is given farewell salute. He remained the Governor of Sindh for four years and with his departure Sindh lost its provincial status and became part of Bombay Presidency. 1938: Sindh Hari Committee adopts its Constitution. 1947: In a Jirga presided by the Governor of NWFP at Miranshah, tribal leaders of Mahsood and Ahmadzai Vaziri assure their loyality with Pakistan. Now a day Mahsood tribe is heading Talban . 1948: Khowaja Shahabuddin Minister for Muhajir affairs presides over meeting to chalk out policy and program for providing jobs and shelter to Indian Muslim migrants. 1949: The International Islamic Economic Conference held at Karachi decides to establish Federation of Islamic Chamber of Commerce. 1950: Dr.Ishtiaq Qureshi, minister for Muhajir affairs asks for donation to Anjuman Punjabi Sodagran , so as to provide shelter to 33,000 Muhajreen living on foot paths of Karachi.

No comments:

Post a Comment