Thursday 24 November 2022

Sindh in history today (25th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(25th November). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 25 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 25.11.1842: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپئر کي خط لکيو ته جيئن تو سنڌ جي صورتحال جي روشنئ ۾ ميرن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪئي آھي, آئون ان جي منظوري ڏيان ٿو ۽ تو کي ان تي عمل ڪرڻ جو اختيار به ڏيان ٿو. مان ممبئي سرڪار کي به اهڙو اطلاع ڏيان ٿو. تو ڏانھن پنجاب مان فوج ۽ ٻيڙيون سکر ڏياري موڪليان ٿو. 25.11.1934: “ٻالڪن جي ٻاري" نالي تنظيم اڄ پنهنجو 8 قيام ڏينھن ملهايو ۽ ان موقعي تي رنگ برنگي تقريب ٿي. هن تنظيم جو باني دادا شيوڪ موٽواڻي هو. اڄ سالياني/پروگريس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄئ سنڌ ۾ ”ٻالڪن جي ٻارئ" جون 14 شاخون قائم ٿي چڪيون آھن ۽ 1500 ٻار انھن جا ميمبر آھن. 25.11.1935: مهين جي دڙي جي کوٽائئ مان لڌل ڪڻڪ کي تجربي طور بنگال ۾ پوکيو ويو ۽ اهو تجربو ڪامياب ويو. 25.11.1954: ڪراچئ ۾ “پهرين بين الاقوامي اسلامڪ ڪانفرنس" ٿي. 25.11.1962: قومي اسيمبلئ ۾ مخالف ڌر پنهنجو "پيپلز پارٽي" جي نالي سان اتحاد ٺاهيو. ["پيپلز پارٽئ" جو نالو ورهاڱي کان اڳ سر شاهنواز ڀٽي ڪم آندو ۽ هن هم خيال سياستدانن سان گڏجي انھئ نالي سان "سنڌ پيپلز پارٽي"ٺاهي. ورهاڱي کان پوء جي.ايم.سيد ۽ خان عبدالغفار خان "پيپلز پارٽي" نالي سياسي تنظيم ٺاهي] 25.11.1968: ايوب-مخالف سياستدانن جي دڙي طرفان ايوب خلاف هلايل تحريڪ "پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ" ملڪ جي ڪيترن شھرن ۾ مظاهرا ڪري مطالبو ڪيو ته سياسي قيدي هڪ دم آزاد ڪيا وڃن ۽ بلوغت جي بنياد تي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏئي چونڊون ڪرايون وڃن. 25.11.1971: پاڪستان سرڪاري طور برطانيه کي گذارش ڪئي ته انڊيا ۽ پاڪستان جي بگڙجندڙ لاڳاپن کي بهتر بھائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 25.11.1993: ڪراچئ ۾ ”ملير ضلعو" قائم ڪيو ويو. هئ ڪراچئ ۾ قائم ٿيندڙ پنجون ضلعو ٿيو. *************** 25 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: ************** 25 نومبر 1879ع شاعر، ليکڪ ۽ فلاسافر ساڌو ٽي ايل واسواڻي(حيدرآباد / پونا) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1911ع ليکڪ ماني رام سائيناڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 نومبر 1914ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ اداڪار گوپي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 نومبر 1919ع شاعر، راڳي ۽ اداڪار ديپڪ آشا (ٽنڊو آدم / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1930ع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ سياستدان احمد علي خان جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1942ع شاعر عبدالغفور عابد جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1945ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1946ع ليکڪ نام ديو تاراچنداڻي (لقمان / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1952ع ناليواري ڪرڪيٽر ۽ سياستدان سابق وزير اعظم عمران خان جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1959ع ليکڪ منظور علي مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1968ع شاعر، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر اسلم عباسي(مورو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1973ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي عبدالسميع سومري جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 25 نومبر 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا عبداللطيف جي وفات ٿي. 25 نومبر 1985ع سگهڙ محمد خان لاڙڪ جي وفات ٿي. 25 نومبر 1999ع شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اسلام آباد ۾ وفات ٿي. 25 نومبر 2013ع نامياري اسڪالر ۽ عالمِ دين علامه عبدالغفور قاسمي سجاولي جو انتقال ٿيو. 25 نومبر 2014ع تعليم جي ميدان ۾ اهم خدمتون انجام ڏيندڙ آپا مريم سلطانه نوحاڻي لاڏاڻو ڪري وئي ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are beauty & love, vision & wisdom and peace by birth and by nature. Open doors of your Golden Heart. Let the people peep into it and witness a wonderful and beautiful universe there. Let the people know and understand the reason and cause of loving, respecting and accepting you as my second to none Ideal.] تنهنجي هٿ چاٻي پنهنجي دل جو تون دروازو کول, نينهن-نگر جو تون رهواسي اها ئي ٻھڳڻ ٻولي ٻول, سندء فطرت انمول, سينگاريل سونهن سلام سان. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************** 1844: The Govt. of India provides guidance to the Sindh Govt. about nature and extent of relations with nearer states. 1934: Balkan Ji Bari - An organization of Youngsters, celebrates its 8th anniversary. It is told in its report that 14 branches of Bari are functional in Sindh and 1500 are enrolled so for. 1935: The wheat found from Mohen -Jo- Daro is harvested in Bengal and amazing results are gained. The intimate and efforts were taken by Sir Daniel Hamilton, who purchased Wheat from the England Mission. 1956: Sardar Abdul Rab Nishtar demands Pakistan to quit Common Wealth Part2 1949: The first International Islamic Conference opens in Karachi. 1954: The Federal Legislative Assembly unanimously welcomes the One Unit Scheme for West Pakistan 1962: Opposition groups in National Assembly form alliance to be known as Peoples' Party. 1968: Pakistan Democratic Movement holds protest marches in many towns of West Pakistan and demands restoration of adult franchise, release of political leaders and lifting of emergency without fail. 1971: Pakistan officially asks Britain to use its influence to prevent worsening Indo - Pak situation. 1993: Fifth district in Karachi, to be called as Malir District is created.

No comments:

Post a Comment