Thursday 24 November 2022

Sindh in history today (24th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(24th November). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 24 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 24.11.1831: فرنگي سرڪار "سنڌ مشن" جو آغاز ڪيو, جنھن جو ميرن کي مياڻئ جي جنگ ۾ شڪست ڏئي ملڪ تي قبضي ڪرڻ تي ختم ٿيو. انھن ٻارنھن سالن ۾ فرنگين سنڌ ۾ فريب, توسيع پسندئ ۽ منافقئ جي سوين داستانن کي جنم ڏنو. 24.11.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکيو ته تون سنڌ ۾ آھين ۽ مون کان وڌيڪ سنڌ جي صورتحال کي سمجهين ٿو. ان ڪري جيڪو تون فيصلو ڪندين, مان ان منظوري ڏئي ڇڏيندس. مير نصير خان ۽ مير رستم علئ جيڪي پنجاب جي مهاراجا ڏي اسان خلاف جيڪي خط موڪليا هئا, اهي پڪڙي تو وڏو ڪم ڪيو آھي. مير رستم علئ جو وزير فتح محمد غوري جيڪي گوٿناڪيون ڪري ٿو, ان جو ذميوار ۽ جوابدار مير رستم علي ئي آھي. ميرن هٿ سان سيد محمد شريف کي ڀڄايو آھي, جڏهن ته کين خبر به هئي ته هو اسان جو ڏوهاري هو ۽ اسان کي گهربل هو. سيد کي ڀڄائي ميرن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. مير علي مراد کي اقتدار ۾ آڻڻ انصاف ۽ اسان جي حق ۾ آھي. ڇوته گهڻن ميرن بدران هڪ مير کي سنڀالڻ سولو آھي. ڏکڻ سنڌ ۾ گرمين کان اڳ اسان کي فوجي حملو ڪرڻ گهرجي. 24.11.1920: انگريزن مان جان ڇڏائڻ لاء اسان جي وڏڙن وڏيون قربانيون ڏنيون. شايد ئي ڪا اهڙي مشھور اخبار نه هجي, جنھن جي ايڊيٽر جيل جي سزا نه ڪاٽي هجي. "الوحيد" اخبار جي لڳ ڀڳ سمورن ايڊيٽرن تي ڪيس ٿيا. اڄ ھن اخبار جي ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان کي پڪڙيو ويو, ڇو ته هن حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ وارئ تحريڪ جي حق ۽ فرنگي حڪومت جي خلاف لکيو. 24.11.1942: اڄ کان 80 سال اڳ گهٽھڙ تعلقي قمبر جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هئو. ان ۾ ڳوٺاڻن ڏينھن رات هڪ ڪري پاڪستان جي تحريڪ هلائي. اڄ گهٽھڙ ۾ ”مسلم ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪيو ويو. 24.11. 1947: سرڪار نامدار پڌرو ڪيو ته سوني پٽ, ڍولڪوٽ ۽ باڙا مان 245000, ۽ ڪرنال ۽ جالندر مان 2151 پناهگير خير سان پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي هتي پهتا. [آھي ڪو محقق جو ٻڌائي ته انھن ھنڌن تي پاڪستان تحريڪ ڪنهن ۽ ڪيئن هلائي ۽ اتي ڪيتريون قربانيون ڏنيون] 24.11.1951: "سنڌ مهاجر بورڊ“ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پناهگيرن جا مسئلا هڪدم حل ڪيا وڃن. 24.11.1963: اڄ ملڪ جو وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو, آمريڪي صدر ڪينيڊئ جي تدفين وارن رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاء واشنگٽن روانو ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي ڪيترن ملڪن جي اڳواڻن جي تدفين ۾ شرڪت ڪئي پر سندس تدفين ۾ پنهنجا يا پراوا به شريڪ نه ٿي سگهيا!!! 24.11.1970: انڊيا سان جنگ وارئ صورتحال ڪري موڪلن تي ويل ۽ رزرو سامونڊي ۽ باقي فوجين کي هڪدم ڊيوٽئ تي پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو. 24.11.1996: قومي اسيمبلي ڊاهڻ خلاف بينظير ڀٽو اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي. *************** 24 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 24 نومبر 1938ع ليکڪ، قانوندان ۽ بئنڪر قاضي فضل ڪريم (دادو) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1956ع شاعره ۽ ليکڪا اندرا شبنم پوناوالا(ڪراچي/ پونا) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1952ع اردو ٻوليء جي مشهور شاعره پروين شاڪر جو جنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1961ع هندستاني ترقي پسند ليکڪا ارون ڌتي راءِجوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1967ع سنجهوري سان تعلق رکندڙ صحافي شبير قريشي جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1972ع شاعر سورج سجاولي جوجنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 24 نومبر 1935ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ڏيئومل ديپچند ديهانت ڪري ويو. 24 نومبر 1952ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر محمد بخش واصف (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 1967ع شاعر ۽ مولودي جهانگل شاهه مست جي وفات ٿي. 24 نومبر 1977ع اسڪالر ۽ ليکڪ محبوب علي چنا جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2004ع تي پرسوجي گدواڻيءَ جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2012ع ڊان اخبار جو ناليوارو ڪالم نگار ۽ ببيباڪ ليکڪ اردشيرڪائوسجي گذاري ويو. 24 نومبر 2012ع موري سان تعلق سياستدان۽ اڳوڻو سينيٽر قرارالدين جو جي وفات ٿي. ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever has ego, wealth and authority, but has no human love & respect in heart & mind, is promoter of problems and evil-maker.He/She becomes high-risk for common peace & progress and love & beauty. It becomes tough task to beautify his/her vision and purify his/her wisdom] اھا دل دنیا ۽ ساري دانائي، آھي ادب آدمیت کان سواء سور، سو سور بٹجي پئي ناسور، جي ماٹھو ماٹھوء ھٿان مجبور،‏ پر تن کي ملي سدا سرور، جي سوچن لوچن سونھن سلام لاء. ‏ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. *************** EVENTS 1920: The editor of Al - Wahid, Qazi Abdul Rahman is arrested due to preaching Non - co - Operation Movement against the Govt. 1942: The Ghathar Muslim League resolves to support Sir Ghulam Hussain ministry. 1947: 245,000 Indian Muslims of Sonipat, Dhoolkot, Rohat and Bara migrate to Pakistan. More 2150 enter Pakistan by Motor transport from Karnal, Jullandhar and Nahan state. 1951: Sindh Muhajreen Board demands redressing of problems of farmer Muhajreen. 1952: Pakistan releases and publishes the text of the Indo - American agreement of 1951, which made India a member of a Regional Security Pact as early as March 1951. 1963: The External Affairs Minister, Z.A.Bhutto leaves for Washington to represent Pakistan at the funeral of J.F.Kennedy. 1967: Pakistan backs restoration of the lawful right of Chaina in the United Nation. 1970: All personnel of Pakistan army up to the rank of Major and those belonging to reserve list and sailors under age of 50 years are ordered to report for duty. 1973: Pakistan may seek arms aid from Arabs if U.S.A persistently refuses for deliver arms. 1981: Pakistan lodges a protest with the Govt. of India over beating of a staff member of embassy in New Delhi on November 21. 1996: Supreme court admits Benazir Bhutto's petition about National Assembly dissolution.

No comments:

Post a Comment