Sunday 13 November 2022

Sindh in history today (14th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(13th November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [To what extent we honour & love and accept & respect human-beings, is the only criteria to determine our dignity as a noble. Whoever is kind, sees beauty in every heart and works for peace & progress for all, is a nice, like you my dear] نینھن نڀائي نہ ڪي لنوائي، انساني خدمت محبت احترام، ان لاء تہ ملیس خاصو انعام، سرت سونھن نیاز سلام سندو. 14 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي واقعاتي تاريخ. تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ *************** ڪجھ واقعا ************** 14.11.1838: ڪئپٽن برنس اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته حيدرآبادي مير لاهي پاهي خيرپوري ميرن کي مڇرائن ٿا ته اوهان فرنگي ايجنٽن کي ٿڙي ڪڍو. پر شڪر آھي جو خيرپور وارا سندن ڳالهين ۾ نه ٿا اچن. برنس اهو به ٻڌايو ۽ لکيو ته مان پنهنجئ فوج لاء ھتي اناج، اٺ ۽ گاه هٿ ڪرڻ ۾ مصروف آھيان. 14.11.1842: ھڪ ئي ڏينهن تي فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي ٻه خط لکيا. انهن جون خاص ڳالهيون هي آھن: 1). ميرن کي منهن ڏيڻ لاء جي چاهين ته وڌيڪ فوج موڪليان. پر سمجهان ٿو هنن سان پڄڻ جيتري تو وٽ فوج آھي، وڌيڪ گهرجئي ته ٻڌائجان، 2). ڪو مير مستي ڪرئي ته هن جي زمين ۽ مال ملڪيت ضبط ڪجان ۽ اهڙي سزا ڏجانس جنهن جو هندستان ۾ مثال موجود نه هجي، بلڪ مثال ٿي پئي. 14.11.1843: مير ٺٽي جي سيدن جي مالي مدد ڪندا هئا، جيڪا فرنگي سرڪار بند ڪئي. ان تي سيدن سرڪار کي درخواست ڪئي ته کين 1400 روپيا سالياني سرڪاري مدد ڏيو. اها درخواست ڪراچئ جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي، پر ان تي سيدن جي گهر خلاف نوٽ ھنيائين. ٺٽي جي سيدن جي انهئ مامري تي کوڙ سارو مواد موجود آھي. 14.11.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ شڪارپور جي تاريخ تي نهايت اهم دستاويز لکيو. 14.11.1857: هن کان اڳ ”سنڌ“ لفظ انگريزئ ۾ مختلف مختلف صورتن ۾ لکيو ويندو هو. اڄ ڪمشنر طرفان سمورن عملدارن کي تاڪيد ڪيو ويو ته Sind لکيو وڃي. 14.11.1961: خان عبدالغفارخان ۽ جي.ايم.سيد ڄڻ ڄاوا ئي جيل پوڻ يا نظربند ٿيڻ لاء ھئا. اڄ خان غفار خان جي نظربندئ ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي وئي. 14.11.1993: فاروق لغارئ پاڪستان جي صدر طور قسم کنيو. پيپلز پارٽئ کيس پنهنجو سمجهي صدر بڻرايو. پر هن ئي پيپلز پارٽئ جي حڪومت ڊاهي پٽ ڪئي. 14 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون {جنم ڏينهن}: 14 نومبر 1889ع ڀارت جي پهرين وزيراعظم جواهر لال نهروجي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 14 نومبر 1931ع ناول نگار گرڌاري لال گاريجا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي 14 نومبر 1938ع جهڏي جي ليکڪ فيض محمد ٽالپر جو جنم ٿيو 14 نومبر 1944ع مشهور سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ جو هالا ۾ جنم ٿيو 14 نومبر 1952ع شاعر گل حسن غمگين ابڙو جو جنم ڏينهن آهي 14 نومبر 1958ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ الطاف بيدار جو جنم ڏينهن آهي 14 نومبر 1970ع نصير آباد سان تعلق رکندڙ صحافي الهه بخش قريشي جو جنم ڏينهن آهي {وڇوڙو}: 14 نومبر 1928ع سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج ڇتومل (شڪارپور) جي ديهانت ٿي. 14 نومبر 1972ع مذهبي اسڪالر مولانا ظهورالحسن درس جو انتقال ٿيو 14 نومبر 1984ع ليکڪ صوفي لعل بخش ڪانڌڙو جي وفات ٿي. 14 نومبر 2017ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ستار ڀٽي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************* 1838: Captain Burns, assigned duty to negotiate with Khairpur Ruler, is directed by his Government of India that the task of finalizing treaty with ruler be taken with seriousness, but with utmost care. It must be avoided to call up him to contribute any some for maintenance of subsidiary force and make him believe that Bukhar fort is required to be used by the Government of India as a depot for treasure only. 1932: Second Sindh Azad conference is held at Hyderabad. It is a big show of political strength of Sindh Muslim politicians to popularize the case of the separation of Sindh from Bombay Presidency and for this purpose a religious scholar from Punjab is brought to preside over the conference. On this occasion a political party is also formed with Sir Shahnawaz Bhutto as its president. 1936: Jamshed Mehta presides over the Hari Conference at Tando Jam. The Sindh Congress is cooperating with Hari leaders and activists also. Jeramdas Doulatram, Prof. Ghanshyamdas, Naraindas Anand, Santdas Mangharam; Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Comrade Abdul Qadir Khokhar; Dr. Chamandas; Jethmal Parsram; Gopaldas; Haji Jamal –u- ddin attend this conference . 1947: An Inter – Dominon Minority Board is set up by India and Pakistan so as to protect the interests and rights of the minorities. 1951: Khowaja Nazimuddin replaces Nawabzado Liaquat Ali Khan as the president of Pakistan Muslim League. 1953: The constitution of Pakistan is medieval and totally opposed to democratic conceptions, says Indian Prime Minister Nehru. 1961: The U.N.O general Assembly adopts resolution moved by Pakistan asking the French Government to recognize the political status of Algerian prisoners in France. 1968: Lawyers and students take out separate processions in Karachi, Multan; Lahore and Rawalpindi. Most of them are arrested for violating Section 144. 1981: Atmosphere in the country is not congenial for holding elections. Restrictions on political activities will continue in order to restore the situation to normalcy, says Gen. Zia.

No comments:

Post a Comment