Monday 31 July 2023

SINDH in history today (1st August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 4:25 AM SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st August} ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Emotion-driven will always take wrong decisions, make bad comments and will believe in hypotheses. What we see, listenlisteng and understand is not complete truth. We must wait and see. We must investigate causes and reasons so as to understand repercussions and reactions of events and individuals properly. In every situation and on every time, at every place and in every circumstance we must trust our Self and promote love, beauty and peace with devotion & sincerity. Let emotions must not pave way for deterioration of situation, relations and values ] دل لاء ڌيرج ۽ تحمل سان دلبر ايئن ايڏو نہ ٿجي جذباتي, سمجهڻ مشڪل مامرا جي سرت سان لنئون نہ اسان لاتي, ڳن وڍيندڙ ھٿ ۾ ان لاء فقط ڏوهي ناهي ڪهاڙي ڪاتي, اٻھرو ڇا سمجهي آدمي ڇاهي نفي ڇاهي اصل اثباتي, ڪجي ڪارج واري حياتي, پنهنجي سونهن سلام سان. ************** EVENTS: 1st August 1832: The Government of Bombay intimates Colonel Pottenger of: A), appointment of Lieutenant Colonel Litchfield to the command of the expedition against Tharparkar, B) Vesting Colonel Pottenger with general political superintendence and management of expedition and measures consequent on its termination, C) Directing that Lieutenant William Pottenger should accompany the expedition in civil capacity and afford to Lieutenant Litchfield advantage of his experience and knowledge of Sindh Auxiliaries. (Source:Bombay Government’s letter No.162). 1842: Ross Bell, who played a vital role in favour of his Government in upper Sindh, is dead. His death is reported to the Government of India by Lieutenant Brown. (Source: Brown’s letter No.2072). 1857: Assistant Commissioner for Jageers furnishes the detailed report to the Sindh Commissioner on : A) Gemological tree of the Shahdadanees, Shahwanees, Khananees, and Manikaness, B) Roll of every member or professed member of the four great Talpur families holding alienated land in Sindh but not included in the list of members recommended for Sardariship or special promotion. (Source: Assistant Commissioner’s letter Nos. 110 & 111). 1901: The Larkano District comes into existence. New District is formed out of Karachi and Shikarpur districts. (Source: Sindh Official Gazette). 1920: It is a day of turning point in the politics of the united India. Congress and Khilafat have decided to launch Non-Co-Operation Movement against the British Government of India. The movement starts today and lasted up to 12th of February 1922. It was the longest political struggle. Today, ‘Third Khilafat Day’ is observed in the length and breadth of Sindh. More than hundred branches of Khilafat Tahrik and about fifty branches of Congress took processions, held public meetings and pledged to get rid of slavery. The source-material on this one event is sufficient to produce two books. (Source: Newspapers). 1948: Beginning of deterioration of history starts in Pakistan. Lahore Corporation sets example. Minto Park is renamed as Iqbal Park. (Source: Newspapers). 1950: Special Board is constituted by the Government to resolve problems of Indian Muslim migrants presently living in Sindh. The are to be rehabilitate properly. The Prime Minister is taking personal interest in the matter. (Source: ibid). 1951: It is hearing of the Rawalpindi Conspiracy Case today. Cross questioning from the witness, by the Advocate Lari starts. (Source: ibid). 1953: Lieutenant Colonel Iskandar Mirza is promoted as an honourary Major General. (Source: ibid). 1955: The Government of Pakistan with ‘approval’/instructions of the International Monetary Fund (IMF) re-fixes the par value of the Pakistani Rupee. The new parity is 0.186621 grams of fine gold per rupee or rupee 4.76190 per U.S dollar. (Source: ibid). "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(پهرين آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 1.8.1832: ممبئي حڪومت ٿرپارڪر ۾ فرنگين کي ڦرڻ وارن خلاف مسلح ڪاروائي ڪرڻ لاء اڄ پاٽينجر کي لکيو ته ليفٽيننٽ ڪرنل ليچ فيلڊ Lichfield کي مقرر ڪيو آھي ۽ هو فوجي ڪاروائين جي نگراني ڪندو ۽ تون (پاٽينجر) فقط سياسي ۽ سفارتڪارئ واري ڪم تي نظر رکندين, هدايتون تنهنجون هونديون. مهم ڪڏهن ختم ڪبي, اهو فيصلو تون ڪندين. پر فوجي ڪاروائي ڪيئن ڪبي, اهو فيصلو لچفيلڊ ڪندو . (حوالو: بمبئي حڪومت جو خط نمبر 162). 1.8.1839: ڪمپني حڪومت جا فوجي ڪراچئ ۽ ٺٽي ۾ رکيا ويا هئا. حڪومت کي ڪجه فوجين جي مستقل بيمار رهڻ تي خيال آيو ته متان انھن ٻنھي شھرن جي آب و هوا فوجين جي صحت کي نقصان ڏيندي هجي. ان ڪري اڄ صوبائي حڪومت کي چيو ويو ته انھئ ڳالھ جي جاچ پڙتال ڪري تفصيلي رپورٽ موڪليو. (حوالو: گورنمينٽ آف انڊيا جو خط). 1.8.1842: راس بيل ، جنهن اپر سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت جي حق ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، سو فوت ٿي ويو آهي. هن جي موت جي خبر ليفٽيننٽ براؤن اڄ انڊيا سرڪار کي ڏني راس بيل خيرپوري ميرن جي باهمي اختلافن دوران سندن فيصلا ڪيا. هن خيرپوري ميرن کي فرنگين ويجهي آڻڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو. (ذريعو: براون جو خط نمبر 2072). 1.8.1857: جاگيرن جي اسسٽنٽ ڪمشنر اڄ ڪمشنر کي شھداداڻي, شاهواڻي, خانائي ۽ ماڻڪاڻي ٽالپورن جا شجرا ۽ ٻيا تفصيل لکي موڪليا. ٽالپورن جي انھن چئن شاخن تي هن وڏي معلومات فراهم ڪئي آهي ۽ سندن جاگيرن بابت به معلومات ڏني آهي (حوالو: اسسٽنٽ ڪمشنر جو خط نمبر 110 & 111). 1.8.1920: اڄ گڏيل هندستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياست ۾ هڪ اهم موڙ وارو ڏينهن آهي. فرنگي حڪومت خلاف ڪانگريس ۽ خلافت "عدم تعاون تحريڪ" شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . اها تحريڪ اڄ کان شروع ٿي ۽ 12 فيبروري 1922 ع تائين برقرار رهي. اها تمام ڊگهي سياسي جدوجهد هئي. ‘ٽيون خلافت وارو ڏينهن’ به اڄ سنڌ ۾ ملهايو ويو, جنھن ۾ خلافت تحريڪ جي سو کان وڌيڪ شاخن ۽ ڪانگريس جي تقريبن پنجاهه شاخن بهرو ورتو, جلوس ڪڍيا ، عوامي ميٽنگون ڪيون ۽ غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ جو عهد ڪيو. (ذريعو: اخبارون). 1.8.1948: پاڪستان ۾ تاريخ ميسارڻ جا سرڪاري سرپرستئ ۾ واقعا ٿيڻ شروع ٿيا. اڄ لاهور ڪارپوريشن اهو مثال قائم ڪندي, "منٽو پارڪ" کي "اقبال پارڪ" جي نالي سان تبديل ڪيو. (ذريعو: اخبارون). 1.8.1950: سنڌ ۾ رهندڙ هندستاني مسلمان مهاجرن/پناهگيرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان اسپيشل بورڊ قائم ڪيو ويو. لازمي. وزيراعظم لياقت علي خان انهيءَ معاملي ۾ ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي. (ذريعو: اخبارون) 1.8.1953: ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪندر مرزا کي اعزازي ميجر جنرل طور ترقي ڏني وئي . (ذريعو: سرڪاري نوٽيفيڪيشن) 1.8.1955: پاڪستان سرڪار ، آءِ ايم ايف جي ‘منظوري’ / هدايتن سان پاڪستاني روپيئي جي قيمت ۾ ردوبدل آندي. نئين تبديلئ مطابق هڪ روپيو هاڻي 0.186621 گرام سون برابر يا 4.76190 رپيا في آمريڪي ڊالر هوندو. (ذريعو: اخبارون) 1.8.1959: صدر ايوب اڄ ڪراچئ ۾ 1500 ڪوارٽرن تي مشتمل ڪورنگي ڪالوني جو افتتاح ڪيو. انھن ۾ مهاجر/ پناهگيرن ، يا سرحد صوبي کان ايندڙن جي بحالي ڪئي ويندي. (ذريعو: اخبارون). 1.8.1972: اڄ هندستاني لوڪ سڀا ”شمله معاهدي“ جي توثيق ڪئي ، پر پاڪستان جي گلين گهٽين ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي مخالفت ڪئي پئي وڃي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته ڀٽو شملا ۾ سفارتي جنگ هارائي چڪو آهي (ذريعو: ‘ڀٽي خاندان تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مواد'). 1.8.1973: اڄ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري غير جانبدار حڪومت تحت تازين چونڊن جو مطالبو ڪيو.ڇ (ذريعو: اخبارون). [جنم ڏينهن پهرين آگسٽ]: *1887ع عيساڻي خاندان جي سربراهه غلام صديق عيساڻي. *1894ع ڪراچي جي اڳوڻي ميئر قاضي خدا بخش. * 1895ع شاعر ثناءُ الله ثنائي (آريجا/ڍورائي سهڙا). *1909ع شاعر گوبند رام سائل (شهدادڪوٽ / اندور) . * 1922ع سگهڙ فيض محمد سومرو. * 1930ع ليکڪ امام بخش عاصم(شڪارپور). * 1932ع شاعر ۽ اديب احمد مجتبى غالب ملڪاڻي. * 1938ع صحافي محمد نواز عباسي (لاڙڪاڻو). * 1939ع شاعر خادم جلالي (ٽالپر وڏا). * 1939ع ليکڪ شمس نصرپوري. * 1941ع اسڪالر ڊاڪٽر صاحب خان چنا . * 1944ع شاعر نظام زائر (خيرپور ميرس). * 1948ع ليکڪا منور سلطانا. * 1948ع شاعر نظام الدين ناظم چانڊيو. * 1951ع شاعر عزيز سنڌي. * 1953ع شاعر عبد الحئي راهي. * 1953ع صحافي محمد جمن چانگ. * 1956ع شاعر علي اڪبر آزاد (ڪنڊيارو). * 1958ع شاعر غلام قاسم ڪوثر. * 1958ع صحافي سيد مظهر علي شاهه (جيڪب آباد). * 1959ع شاعر راشد سومرو (چڪ). * 1961ع صحافي محرم علي شيخ (باقراڻي) . * 1962ع صحافي عبدالستار گهوٽو. * 1966ع صحافي اياز منگي (جيڪب آباد) . * 1967ع ليکڪ آزاد منگي. * 1968ع ليکڪ شوڪت قريشي (جيڪب آباد) . * 1969ع ليکڪ عاشق ڪلهوڙو (ميهڙ) . * 1972ع اسڪالر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. * 1975ع صحافي دودو چانڊيو. * 1978ع شاعر عنايت انڙ . * 1980ع صحافي راجا نديم لاشاري (جوهي) جو جنم . * 1981ع صحافي عرض محمد بنگلاڻي. [وڇوڙو پهرين آگسٽ]: 1971ع ليکڪ تيرٿ داس هوتچند. 2014ع مصور ۽ اداڪار ساقي عالم ابڙو

No comments:

Post a Comment