Sunday 2 July 2023

Sindh in history today (3ed July). English Section By Mumtaz Pathan and Sindh Section by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {3rd July} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [No any charm should make you part of so called "main stream", that is for exploitation, by violation of human values and of egoism & individualism. Dear! Be part or be on side of love & respect, beauty & peace and sincerity & sacrifice. It is better to be in "single man's procession", than in " crowd of cowards"] وھن واھڙ انا نفرت مطلب جا، متان ٻڏين ۽ نہ پھچین ٻئي پار، پاڻ سرت سچائي سونھن اڪار، محبت ماٹھپي ۽ دعا سلام سان ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {3rd JULY} EVENTS: 1844: Lieutenant Colonel Outram writes to Major General William Napier criticizing Sir Charles Napier’s Sindh policy and undue actions taken soon after conquest of the country. Later on this letters was published by press and integrity of Sir Chales Napier stood questioned.(Source: Governor-General’s letter No.514). 1856: Political Superintendent, Upper Sindh Frontier (Jacobabad) informs the Sindh Commissioner that hostilities are reported between Murres and Bugtis and Nathanee branch of Bugtis is in trouble.(Source: Letter No.229) 1857: Government of Bombay asks Sindh Commissioner to offer his comments on three projects to be launched very soon. The projects are: (a) The means of transport between Ghizri Bunder and the Harbor of Karachi, (b) The means of water transport between Indus and Keamari and (c) The means of supplying drinking water to Karachi and its environs. (Source: Sindh Commissioner’s letter No.183). 1949: Muslim League leaders demand Ch.Khalq-u-Zaman to resign as president of the Muslim League. (Source: Newspapers). 1952: The work starts on Kashmore-Jacobabad Railway Project. (Source: Newspapers). 1958: Now One-Unit is becoming matter of anxiety for Punjab leaders. Prime Minister Malik Feroz Khan Noon says that this scheme needs to be reviewed and suggests that changes in its administrative setup must be brought. (Source: Newspapers). 1964: Raj Gopal Acharya proposes that Kashmir administration should be handed over to U.N.O for supervision, till the dispute is resolved between India and Pakistan. (Source: The Hindutan Times) 1967: Kazi Fazlullah joins West Pakistan ministry.(Source: An interview with Kazi Fazlullah by Dr.Pathan). 1972: National Assembly to approve Simla Agreement. It is our great and historic achievement, says Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: PNA rejects amendment suggested by the Government and insists on acceptance of its new demands and proposal. (Source: Ibid) ** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام ميجر جنرل وليم نيپيئر کي خط لکي چارلس نيپيئر جي سنڌ بابت پاليسي تي تنقيد ڪئي، بعد ۾ سندس خط پريس ۾ شايع ٿيا ۽ چارلس نيپيئر بابت ڪيترائي سوال اٿاريا ويا. ** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي بابت مقرر پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ سنڌ جي ڪمشنر کي آگاهي ڏني ته مرين ۽ بگٽين وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي، جڏهن ته بگٽين جي ناٿاڻي شاخ جا ماڻهو وڏي مشڪلات ۾ آهن. **1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته گذري بندر ۽ ڪراچي هاربر وچ ۾ رستو ٺاهڻ، سنڌو درياءَ ۽ ڪياماڙي وچ ۾ واٽر سپلاءِ توڙي ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ٽن منصوبن تي پنهنجي راءِ پيش ڪريو. ** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻن مسلم ليگ جي صدر چوڌري خليق الزمان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪشمور کان جيڪب آباد تائين ريلوي جي پٽڙي وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ون يونٽ وارو معاملو پنجاب جي اڳواڻن جي مٿي جو سور پڻ بڻجي ويو، وزيراعظم ملڪ فيروز خان نون چيو ته ون يونٽ اسڪيم تي نظرثاني ڪرڻ ۽ ان ۾ انتظامي حوالي سان تبديليون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راجا گوپال آچاريه تجويز پيش ڪئي ته ڪشمير جو انتظامي ڪنٽرول گڏيل قومن جي حوالي ڪيو وڃي، جيستائين پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار جو ڪو حل نٿو نڪري. ** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قاضي فضل الله ويسٽ پاڪستان منسٽري ۾ شامل ٿي ويو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي شملا معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي، ذوالفقار علي ڀٽو انهيءَ معاملي کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. اهو معاهدو 1971ع واري جنگ ۾ بنگال وارو علائقو پاڪستان کان ڌار ٿيڻ بعد پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيو، جنهن تحت ڀارت والاريل علائقو ۽ گرفتار ڪيل 80 هزار فوجي واپس ڪيا. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيشنل الائنس حڪومت طرفان تجويز ڪيل ترميمن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجا نوان مطالبا ۽ تجويزون پيش ڪيون. ************* اڄوڪي ڏينهن 3 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 3 جولاءِ 1924ع ليکڪ تيرٿ باگواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1929ع ليکڪ مرزا نادر بيگ (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1935ع شاعر گل محمد اشق (ڏيپلو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1945ع شاعر انب شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1955ع شاعره زبيده ميتلو (قمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1962ع آمريڪي اداڪار ۽ هدايتڪار ٽام ڪروزجو جنم ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1965ع براڊڪاسٽر، صحافي ۽ شاعر امين ارباب(ماتلي) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1970ع صحافي غضنفر ثناگر (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1980ع هندستاني ڪرڪيٽر هرڀجن سنگههجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 3 جولاءِ 1918ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عثمان قريشي جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جولاءِ 1929ع جديد سنڌي ادب جي بانيڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگجي وفات ٿي. 3 جولاءِ 1979ع لوڪ گلوڪار عالم لوهارجو انتقال ٿيو. 3 جولاءِ 2004ع ناليوارو اداڪار حسام قاضي دل جي دوري سبب ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 3 جولاءِ 2017 نامياري اسڪالر، اديب ۽ تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداريجو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment