Friday 14 July 2023

Sindh in history today (15th July). Portion of Post in English by Mumtaz Pathan and Portion of Post in Sindhi By. Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 2:49 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {15th July} and Good Day Wish ************ Dr.Pathan wishes you Good Day. [ I can't forget for a single moment, but am forgotten since centuries. Perhaps lovely people have imposed ban on the tradition of reciprocation, response and remembering others. Why we can't find those, who are very much needed? Why we can't understand that peace and progress can be witnessed only because of cooperation? Why we don't believe that love and beauty are natural needs of everybody? What has happened to our hearts and minds? ] ساریان ته بہ سپرین نہ سارین، ورھین کان ایئن اسان کي وسارین، اسان طلبیون من جئ کي جیارین، پنھنجي دل جي نیٹن سان نھارین، امرت سونھن سندو ھو شل پیارین، پر نہ ٿا جیئارن پر جدائئ ۾ مارین، گھنگھر گھارین، تن من روح اسان جو.‏‎ ‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {15th JULY} EVENTS: 1921: The Karachi Congress Committee appeals to the Business community of Sindh not to import more foreign-made cloth. (Source: “Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1924: Delhi, Nagpur and other cities of India witnesses Hindu-Muslim riots on the eve of Bari Eid. Muslims are blamed for slaughtering Cows. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1924). 1940: In the Punjab Legislative Assembly, the first secret Session in the history of Indian Legislatures commenced when the Assembly by 91 to 48 accepted the motion of Sir Sikandar Hayat Khan , Premier that proceedings of the day be held in camera. (Source: The Indian Annual Register, Vol-!1, 1940). 1947: Indian Independence Bill is passed by the House of Lords.(Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1947), 1950: Jamait-i-Islami opts fpr politics.Moulana Moodudi announces 14-point Manifesto of the Party that is going to contest polls. (Source: ‘Source-Material on Jamait-I Islami’, compiled by Gul Hayat Institute). 1957: Dr.Khan Sahib resigns as the Chief Minister of the West Pakistan (Source: Newspapers). 1963: U.S.A has started supporting separationists in East Pakistan,. Reports are appearing in the press. (Source: Newspapers). 1969: Makhdoom Muhammad Zaman Talib-ul-Moula joins PPP. (Source: Newspapers). 1971: Pakistan has played a praise-worthy role in bringing U.S.A and China near to each other, says U.S President Nixon. (Source: ibid) EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th July) By: Dr. Pathan ** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪري سنڌ جي واپارين کي اپيل ڪئي وئي ته اهي ڪپڙن سميت ٻاهرين ملڪن جون ڪي به شيون امپورٽ نه ڪن، ٻاهرين ملڪن ۾ ٺهندڙ شين کي پنهنجي ملڪ ۾ نه گهرايو وڃي. ** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب ليجسليٽو اسيمبلي جو پهريون ان ڪئميرا اجلاس ٿيو، سر سڪندر حيات خان جي پيش ڪيل تحريڪ تي ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن ۾ 91 مان 48 ميمبرن حمايت ڪئي. **1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ان حوالي سان جماعت جي سربراهه مولانا مودودي پنهنجي پارٽي جي 14 نقاطي منشور جو اعلان ڪرڻ سان گڏ چونڊ وڙهڻ جو به باضابطا اعلان ڪيو. **1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊاڪٽر خان صاحب ويسٽ پاڪستان جي وزيراعليٰ طور عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ باضابطه طور پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صدر نڪسن اعتراف ڪيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڊو ويجهو هڪ ئي ڪٽنب جي 8 ڀاتين سوڌو 56 مسافرن کي اغوا ڪيو ويو، جن مان بعد ۾ 37 ڄڻن کي آزاد ڪري باقي ماڻهن کي ڌاڙيل پاڻ سان گڏ وٺي ويا، اهو واقعو گڊو بئراج پل تي ڪشمور صادق آباد روڊ تي پيش آيو، جتي ڌاڙيلن هڪ بس ۽ ٻين گاڏين جي مسافرن کي اغوا ڪيو، اغوا ٿيلن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڄڻا ٺل جا رهواسي هئا، ڌاڙيلن 15 منٽن تائين فائرنگ به ڪئي ۽ روڊ کي هڪ ٽرڪ بيهاري بلاڪ رکيو پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ۽ ڌاڙيل ٻيلي ۾ لهي هليا ويا، پوليس ڌاڙيلن جي وڃڻ بعد يرغمالين جي آزادي لاءِ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ خاص عدالت جوابدار عمر شيخ کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قائم خاص عدالت جي جج ٽن جوابدارن کي جنم ٽيپ ۽ 40 لک ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي، 55 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ شيخ عمر کي مک جوابدار قرار ڏيندي موت جي سزا ڏني وئي، جوابدار سزا جو فيصلو ٻڌي کلندا رهيا، سندن وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ************* اڄوڪي ڏينهن 15 جولاءِ تي جنم وٺندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 15 جولاءِ 1878ع سياستدان ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ غلام محمد ڀرڳڙيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1929ع سياستدان ڄام ڪرم الدين جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1934ع صحافي علينواز سومرو (وڳڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع شاعر مرشد گيلاني (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع صحافي هادي بخش ابڙو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع شاعر الطاف عباسي(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ گلوڪار سريچند جاني (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1948ع شاعر سرور نواز ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1951ع ليکڪ بخشل شاهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1952ع راڳي سڄڻ سنڌي(ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1953ع شاعر انعام آزاد لاڙڪ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1955ع شاعر امان راهي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1956ع ريڊيو پروڊيوسر آغا محمد علي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1962ع ليکڪ اشرف زمان جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1963ع شاعر ۽ صحافي نياز پهنور (شادي پلي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1963ع ليکڪ نثار شاهين جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1971ع صحافي سهيل پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1976ع شاعر راز شاهاڻي (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1977ع صحافي حميد سومرو (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1978ع ليکڪ عابد سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.

No comments:

Post a Comment