Tuesday 18 July 2023

Sindh in history today (19th July). English Portion of Post by Mumtaz Pathan and Sindhi Portion by Dr.Pathan

SINDH (icluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th July} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [It is not because of 'generation gap', but illiteracy in logic & philosophy of human values and zero level knowledge of human instincts that people start seeing crime in the love of elders and love in the crime of younkers. It is not intellectual or ideological advancement, but insolvency in vision & wisdom. It deprives people of benefitting from experience and knowledge of elders] محبت ماٹھپي خلوص سان جي پوڙھا ھلن تان پاپ، ڏوھ گناھ ڳڀرن جو پر ڄاڻجي عشق سندو آلاپ، ايئن اگر ھرڪو هر پل ٿيندو آپي منجھ صاحب آپ، پوء ڪيئن سمجھي منطق محبت سرت سلام جو. ‏‎ ‎ ************ SINDH IN HISTORY TODAY (19th JULY) EVENTS: 1909: Mr. Wright, Educational Inspector of Sindh presides over Conference in N.J.V.High School at Karachi in which Course Outline for Anglo-Vernacular schools was discussed. The Conference is also attended by the principals of N.H. Academy of Hyderabad and Nau Vidyala of Hyderabad including Head Masters of A.V. schools. (Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi) 1910: The Sindh Commissioner directs to the District Local Board Larkano to open Dispensaries at Dadu, Bubak and Warah (Source: Commissioner’s letter No 1416). 1920: First Karwan of Sindhi migrants reaches Jalalabad. They migrated on the call of Khilafat Committee and in protest against Government’s anti-Turkey and anti-Islam policy. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1921: Aman Sabha is formed at Ladyoon and our upper class of the area is in fron row of the Sabha. Khair Muhammad Chandio (President), Metharam Ajit Sing (Vice Presidnt), Varomal Parmanand (Secretary) and Bulchand Bhupatrai (Treasurer) are elected as office-bearers. There is lengthy list of members of the Working Committee.(Source: The Daily Gazette, Karachi). Aman Sabha will guide people to be faithful, loyal and sincere subjects of the Government and remain away from freedom fighters. 1936: The Socialist Conference is held at Karachi and attended by Pandit Jawaharlal Nehru. In this conference the attitude of the Socialists towards Congress is explained and Congress is advised to include socialism in its program )Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1936). 1950: We want to make Pakistan a America of East, says Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan (Source: Newspapers). 1958: General elections are postponed till February 1959. (Source: Official Announcement). 1969: Shaikh Mujeeb was not author of 6-points, but it was assignment for him designed by Government officer, says Chowdhri Muhammad Ali in an interview. (Source:The Chittan, journal). EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th July) By: Dr. Pathan ** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر رائيٽ ڪراچي جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ڪوٺايل تعليمي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ايلگو ورڪيولر اسڪولس ڪورس تي بحث ڪيو ويو، ڪانفرنس ۾ اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد جي پرنسپال ۽ ٻين استادن توڙي تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ** 1910ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون ته دادو، بوبڪ، وارهه ۽ ٻين شهرن ۾ ميڊيڪل ڊسپينسريون کوليون وڃن. ** 1919 تي ڪمشنر سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي ته جيئن ترڪئ جي شڪست ۽ مٿس مهاهدو مڙھڻ وارئ خوشئ جو ڏينهن ملهائجي. هن ڏينهن تي سرڪار پرستن شادمان ڪيا, پر عوام حڪومت تي ڏمرجي پيو ۽ جنهن جي نتيجي اڳتي هلي ”خلافت تحريڪ“ ھلي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هجرت تحريڪ دوران سنڌين جو پهريون قافلو افغانستان جي شهر جلال آباد پهتو، خلافت ڪاميٽي حڪومت خلاف تحريڪ دوران هجرت جو اعلان ڪيو هو، خلافت ڪاميٽي جو فيصلو هو ته سرڪار ترڪي ۽ اسلام مخالف پاليسي ترڪ ڪري. ** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي امن سڀا طرفان لاڏيون ڳوٺ ۾ شاخ قائم ڪئي وئي، جنهن جو صدر خير محمد چانڊيو، نائب صدر ميٺا رام اجيت سنگهه، سيڪريٽري ويرو مل پرمانن ۽ خزانچي ٻولچند ڀوپتراءِ کي چونڊيو ويو، جڏهن ته ورڪنگ ڪاميٽي ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو کنيا ويا، اها تنظيم خلافت ڪاميٽي جي مخالفت ۾ سرڪار طرفان جوڙائي وئي هئي. ** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سوشلسٽ ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ پنڊت جواهر لال نهرو پڻ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڪانگريس کي صلاح ڏني وئي ته هو پنهنجي سوشلسٽ پروگرام تي عمل ڪري. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان چيو ته اسان پاڪستان کي آمريڪا وانگر بڻائڻ چاهيون ٿا. ** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار عام چونڊون فيبروري 1959ع تائين ملتوي ڪري ڇڏيون. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگي اڳواڻ چوڌري محمد علي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته شيخ مجيب الرحمان 6 نقطا پاڻ نه لکيا هئا پر اها ڪنهن ٻئي جي اسائنمينٽ هئي. ************* اڄوڪي ڏينهن 19 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 19 جولاءِ 1932ع گلوڪاره پاروتي چاولا (سيوهڻ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع ليکڪ سيتل هيمراجاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع اسٽيج ڊائريڪٽر ايس ڪمار (نصير آباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1947ع سياستدان قاضي شفيق احمد مهيسر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1950ع صحافي محمد شفيع قريشي (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1956ع فلم اسٽار نديم جو جنم ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1958ع ليکڪ پروانو سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1962ع درگاهه سچل سرمست جي گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي (چار) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 19 جولاءِ 1883ع ليکڪ منشي اوڌارام جي وفات ٿي. 19 جولاءِ 1937ع شاعر مسڪين حاجن شاهه جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1958ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالحق (پڊ عيدن) جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1969ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولوي احمد ملاح جو لاڏاڻو ٿيو.

No comments:

Post a Comment