Saturday 29 July 2023

Sindh in history today (29th July). Post in English By. Mumtaz Pathan & in Sindhi By. Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 8:24 PM SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th July} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! Peep into your self. There are treasurers of Human love & beauty and sincerity & selflessness. There is light sufficient to face darkness of prevailing conditions, your ego and anti-people attitude of discrimination. You have Day Light in your heart. Share & promote it] کول اکیون تون اندر جون، پس پنھنجا پوء نرمل نظارا، محبت ماٹھپي ۽ ایثار جا، سرت سونھن جا سارا، ڏینھن راتین جيان ڪارا، جرڪاء سرت سلام سان.‏ ************** SINDH IN HISTORY TODAY {29th JULY} EVENTS: 1843: Captain Young is appointed as Judge Advocate for Sindh. (Source: Governor-General’s letter/order No.267). 1849: Major Jacob informs the Sindh Commissioner that the boundary between the territories of His Highness the Khan of Kelat and Mir Ali Murad Khan Talpur of Khairpur has been settled by arbitration to the satisfaction of the parties concerned. (Source: Jacob’s letter No. 160). 1857: The Collector of Shikarpur furnishes a statement to the Sindh Commissioner showing the sums released from the ferries between Sukkur and Rohri and between Sadar Bazar and Peer Subra. This may kindly be noted that in those days ferries were the source of transportation and communication between places cited above. (Source: The Collector’s letter No.241). 1948: NWFP Muslim League blames the provincial Government that it is not taking the notice of anti-country activities of Khan Abdul Ghafar Khan. (Source: Newspapers). 1954: K-2, the world’s second highest mountain is conquered by an Italian expedition led by Professor Desio. (Source: Newspapers). What a difference is between professors of other countries and professors of my province, and attitude/policies of other Governments and Governments of these countries! 1960: President Ayub lays the foundation stone of the Mausoleum of the Quaid-i-Azam at Karachi. (Source: ibid). 1972: G.M.Syed terms Language Bill against the interests of Sindh and Sindhis. (Source: Newspapers). 1973: Pir Pagaro is elected president of combined Muslim League. Mumtaz Doultana and Sardar Shoukat Hayat are expelled from party for siding PPP. (Source: ibid). 1977: Hearing starts regarding the petition of Ahmad Raza Kasuri about murder of his father. (Source: ibid). 1996: Fifteen new federal minister and ministers of State including Asif Zardari take oath of their offices EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th July) By: Dr. Pathan ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي حڪومت ڪيپٽن ينگ کي سنڌ ۾ جج ايڊووڪيٽ مقرر ڪيو، ان حوالي سان هڪ آرڊر پڻ جاري ڪيو ويو. ** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميجر جيڪب سنڌ جي ڪمشنر کي آگاهي ڏني ته هز هائينس خان آف قلات ۽ مير علي مراد خان ٽالپر آف خيرپور وچ ۾ علائقن جي سرحدن تان هلندڙ تڪرار حل ڪرايو ويو آهي، ٻنهي ڌرين ٽياڪڙي ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو آهي. ** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور جي ڪليڪٽر سنڌ جي ڪمشنر جي حوالي سان چيو ته سکر ۽ روهڙي توڙي صدر بازار ۽ پير سبرا وچ ۾ هلندڙ ٻيڙيون ڇڏيون ويون آهن، واضح رهي ته انهيءَ ڏينهن ۾ فيري سروس ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ استعمال ڪئي وئي. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي مسلم ليگ جي اڳواڻن الزام لڳايو ته صوبائي سرڪار خان عبدالغفار خان جي ملڪ دشمن سرگرمين جو نوٽيس ئي نٿي وٺي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي ٻيو نمبر سڀ کان بلند چوٽي ڪي ٽو کي اٽلي جي جبل چاڙهو پروفيسر بيسيئو سر ڪري ورتو، واضح رهي ته دنيا جي مختلف ملڪن جا پروفيسر اهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندا رهيا آهن پر اسان وٽ پروفيسر سياست ۾ ڪاهي پيا آهن. ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جو مقبرو ٺاهڻ لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سائين جي ايم سيد چيو ته سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل ٻولي وارو بل سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن خلاف آهي. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير پاڳاري کي گڏيل مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته ممتاز دولتانه ۽ سردار شوڪت حيات کي پ پ جو پاسو وٺڻ تي پارٽي مان خارج ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي احمد رضا قصوري جي سندس والد نواب احمد جي قتل بابت درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي وئي، واضح رهي ته انهيءَ ڪيس ۾ چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي. ** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آصف علي زرداري سميت وڌيڪ 15 نوان وفاقي ۽ مملڪتي وزير وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويا. ************** اڄوڪي ڏينهن 29 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 29 جولاءِ 1894ع شاعر هدايت الله نجفي (لالو رائنڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 جولاءِ 1933ع گلوڪاره راڻي گدواڻي (حيدر آباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 جولاءِ 1951ع صحافي حسين بخش چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 29 جولاءِ 1959ع باليووڊ اداڪار سنجي دتجو جنم ڏينهن آهي. 29 جولاءِ 1961ع شاعر عاشق هالائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 جولاءِ 1883ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽبري جو انتقال ٿيو. 29 جولاءِ 1938ع شاعر آغا غلام نبي صوفي لاڏاڻو ڪري ويو. 29 جولاءِ 1997ع قومپرست سياستدان ۽ وڪيل چاچو حفيظ قريشيوفات ڪري ويو. 29 جولاءِ 2005ع راڳي استاد وريل داس(شڪارپور) جي ديهانت ٿي. _______

No comments:

Post a Comment