Wednesday 19 July 2023

Sindh in history today (20th July). Post in English by Mumtaz Pathan and in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 3:35 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th July} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! Every day early in the morning, I will be there at the door of your heart & mind with Good Wishes and with humble pray that without your participation, cooperation and kindness we are in trouble, sorrows & longings. You are beauty, vision & wisdom. You are source of peace & progress. Don't deprive me and my society of your guidance & role, please] تنھنجي دل جي در تي اچي روز، دوست ! ڪيان دل سان صدا سلام، شل رھین صاحب سکیو سدا ستابو، ڏکن بدران ڏسین سدائين چین آرام، ملي تنھنجئ شفقت جو اگر انعام، تان لھن مونجھارا منھنجا مارن جا. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {20th JULY} EVENTS: 1849: The Sindh Commissioner request the Bombay Government to supply copy of rules and practice on the subject of marrying, baptizing and burying Christian members of civil establishment. (Source: Commissioner’s letter No.1523). 1920: The Al-Wahid, Karachi, in the course of its editorial advocates ‘Non-Co-Operation Movement’ and advises people to join hands with Khilafat Tahrik. The editor of this Newspaper on contributing this earned imprisonment. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1932: On behalf of the Sindh Azad Jamait, Muhammad Ayub Khuhro presents Memorandum to the Joint Parliamentary Committee in London requesting for separation of Sindh from Bombay Presidency. (Source: The Daily Al-Wahid). 1947: NWFP decides by vote to join Pakistan. (Source: Newspapers) 1954; The Constituent Assembly of Pakistan resolves to make Karachi as permanent Capital of Pakistan (Source: ibid). 1973: It is very difficult to work with Z.A.Bhutto. Baluchistan has been badly victimized in his tenure, says Attaullah Khan Mengal. (Source: Newspapers EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th July) By: Dr. Pathan ** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي انجمن مومنين رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کي درخواست ڪئي ته هو انهيءَ تنظيم جي صدارت جو عهدو قبول ڪري، ان حوالي سان هن کي لکت ۾ درخواست پهچائي وئي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روزاني الوحيد پنهنجي ايڊيٽوريلز ذريعي عوام کي عدم تعاون تحريڪ بابت آگاهي ڏني ۽ ماڻهن کي اها صلاح ڏني وئي ته اهي خلافت تحريڪ جي اڳواڻن جا هٿ مضبوط ڪن، بعد ۾ انهيءَ عمل تي اخبار جي ايڊيٽر کي سزا پڻ آئي ۽ پابنديون به لڳيون. خلافت تحريڪ جي ڪاميابي ۾ الوحيد وڏو ڪردار ادا ڪيو. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد ايوب کهڙي سنڌ آزاد جماعت جي پاران لنڊن ۾ گڏيل پارلياماني ڪاميٽي کي ميمورنڊم پيش ڪيو، جنهن ۾ اها درخواست ڪئي وئي هئي ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪيو وڃي. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سردار عطاءُالله مينگل چيو ته هن وقت بلوچستان جون حالتون انتهائي خراب ٿي ويون آهن، هاڻي ذوالفقار علي ڀٽو سان وڌيڪ گڏ نٿو هلي سگهجي، هن جي دور ۾ بلوچستان سان انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان ۾ سياسي گهوٽالو وڌي ويو، نواز ليگ کان پوءِ پ پ به سردار اختر مينگل جي سرڪار جي حمايت واپس وٺي ڇڏي، جڏهن ته 7 باغي وزيرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون، ناراض گروپ صدر ۽ نواز شريف سان ملاقاتون شروع ڪري ڏنيون، پ پ سان لاڳاپيل صوبائي وزير بسم الله ڪاڪڙ اختر مينگل کي استعيفا جي صلاح ڏني، وزيراعليٰ مينگل جو چوڻ هو ته غيرجمهوري قوتن اهو سياسي بحران پيدا ڪيو آهي، اسان جي حڪومت کي هلڻ نه ڏنو ويو. ** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي سيڪريٽري ظفرالله خان اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو فيصلو هلندڙ سال ٿي ويندو، عالمي مالياتي ادارا فنڊ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اهڙو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڊيم جي اڏاوت تي لاڳت جو ڪاٿو 6 ڏهائي هڪ ارب ڊالر آهي، ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ بعد سنڌ جي واهن ۾ سڄو سال پاڻي موجود هوندو، ڪالاباغ ڊيم ته سنڌ جي فائدي ۾ آهي، ان مان ڪوبه نقصان ناهي، هوڏانهن سنڌ سرڪار توڙي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري جي اهڙي بيان کي رد ڪيو ۽ چيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي، اهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ************* 20 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 20 جولاءِ 1926ع اسڪالر سنت داس جهانگياڻي (حيدرآباد / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1932ع شاعر ساقي هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1934ع شاعر گلاب خان مهجور جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1939ع گلوڪار گرڌاري لال رتناڻي (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1941ع ليکڪ منير گوزئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1942ع ليکڪ پدن شرما (ميرپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1950ع باليووڊ اداڪار نصير الدين شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1956ع ليکڪ، براڊڪاسٽر ۽ شاعر نصير مرزا جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1959ع شاعر پهلاج جيواڻي (ڏهرڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1961ع ليکڪ رمضان نول (مورو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 20 جولاءِ 1859ع شاعر غلام علي مائل ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. 20 جولاءِ 1979ع ليکڪ ولي دائودپوٽو جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment