Thursday 13 July 2023

Sindh in history (13th July). Post in English by Mumtaz Pathan & Post in Sindhi by. Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 4:28 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {13th July} and Good Day Wish. ************ Dr.Pathan wishes you Good Day. [Big silence, in other words is Big No leading towards the climax of criminal negligence. It is to accept status quo in letter & spirit and shows firm unwillingness for better change. It indicates that people those are bent upon to say No, have bodies, but have no souls. Is it not amazing that here in my society dears are silent, leaders are silent and public is silent. But, in spite of Big No and Big Silence they are in need of love & beauty, respect & peace] چپ نہ چورن چپ رھن جيئن ڪي قبولین صورتحال، ڏسين فردن جو اھو افعال، تہ لکين نالا زندہ لاشن ۾ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {13thJULY} EVENTS: 1844: The Governor-General of India disposed to sanction as experimental measures the establishment of dispensaries at Sukkur, Shikarpur, Hyderabad and at Karachi and asks for submission of a specific proposition, the plan and cost of the buildings and the expense for establishment that would be required for the purpose. (Source: Letter No.359). 1945: Sir Hugh Dow, Governor of Sindh addresses general meeting of the Sindh Scout’s Association. Thisbe kept in mind that Sindh Scout’s Association was most active Association of Sindh during the British era. It was established much before 1900 and a Journal in Sindhi & English ‘Scout’ was also published for years. In April 1939, Sea Scout Group Council was also formed with efforts of Rai Sahib Gokaldas Ahuja. (Source: Dr.Pathan’sPh.D Thesis and BheromalAdvani’s book Sindh Ji Hindun Ji Tarekh). 1950: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan refuse to answer to the question of a journalist that Pakistan will send troops to Korea as desired by U.S.A. (Source: Newspapers). 1951: In recent election Punjab Muslim League members worked agaist candidates of the party. 474 involved members are expelled from the party. (Source: ibid). 1952: Acting General Secretary of the Communist Party of Pakistan is released from Lahore Jail. He was arrested last year in July under Pakistan Safety Act. (Source: ibid). 1960: Khuhro and Nawab Akbar Bugti are disqualified for taking part in politics. (Source: ibid). 1962: I was asked and advised by U.S.A for taking extra-constitutional step, admits ex-President IskandarMirza. (ibid). 1965: U.S.A is bent upon to postpone the World Bank Consortium, but Pakistan will, in no case subject itself to economic or political domination from any Great Power, says Z.A.Bhutto, Foreign Minister of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1966: The full bench of the West Pakistan High Court dismisses writ petition of 22 opposition leaders detained under defense of Pakistan Rule. (Source: ibid). 1972: Language issue in Sindh has political motives behind it, says Hafiz Pirzado, Education Minister of Pakistan. (Source: ibid) EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th July) By: Dr. Pathan ** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سکر، شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ تجرباتي بنيادن تي ڊسپينسريون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان حوالي سان هن حتمي پلان ۽ ڊسپينسرين تي ايندڙ لاڳت جي حوالي سان رپورٽ پڻ طلب ڪئي.جيڪا کيس بعد ۾ موڪلي وئي. ** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور جي ميرن کي پنهنجي جاگير جي ڳوٺن تي مالڪي جي دعويٰ جنگ جي ميدان تي آڻي بيهاريو، مير محمد خان سنڌ جي ڪمشنر سان رابطو ڪري مير علي مراد ٽالپر جي دور واري جاگير جي حدن کي بحال ڪرڻ جي گهر ڪئي، جنهن تي فيصلي جي تاريخ رکي وئي. ** 1903ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سمورن ضلعن جي آفيسرن کي هدايت جاري ڪئي وئي ته اهي پنهنجي پنهنجي نگراني ۾ رڪارڊ کي سنڀالي رکن، ڇو ته اهو مستقبل لاءِ مستند تاريخ ۽ ڄاڻ جو ذريعو آهي. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان ڪوريا جي دوري دوران آمريڪا جي خواهش تي ڪوريا ۾ فوج موڪلڻ بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان وقت اهي خبرون رپورٽ ٿيون هيون ته پاڪستان آمريڪا جي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجون فوجون ڪوريا موڪلي رهيو آهي. ** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ پنجاب مان 474 عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي پارٽي مفادن خلاف ڪم ڪرڻ جو الزام هڻي نيڪالي ڏني وئي. ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻن سينيئر سياستدانن محمد ايوب کهڙو ۽ نواب اڪبر بگٽي کي نااهل قرار ڏنو ويو. ** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسڪندر مرزا پنهنجي بيان ۾ چيو ته مون آمريڪي مشوري تي آئين کان مٿانهون قدم کنيو ۽ آئين کي معطل ڪيو. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته آمريڪي دٻاءُ تي عالمي بينڪ مالي سهڪار کان انڪار ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان وٽ ان کانسواءِ ٻي واٽ ناهي ته پنهنجي پيرن تي بيهون ۽ معاشي طور مضبوط ٿيون ۽ سياسي حاڪميت حاصل ڪري طاقتور بڻجون. ** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ مخالف ڌر جي 22 اڳواڻن کي ڊفينس آف پاڪستان قانون تحت حراست ۾ رکڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعليم جو وفاقي وزير عبدالحفيظ پيرزادي خدشو ظاهر ڪيو ته سنڌ ۾ ٻوليءَ واري معاملي جي پويان ڪنهن جا سياسي مقصد ٿي سگهن ٿا. جنهن ڪري ئي صورتحال خراب ڪئي پئي وڃي. ************* اڄوڪي ڏينهن 13 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 13 جولاءِ 1934ع ليکڪ گنو سامتاڻي (حيدر آباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 جولاءِ 1937ع ليکڪ سرلا ڪان آهوجا (سکي / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 جولاءِ 1951ع ليکڪ شبنم شلواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 13 جولاءِ 1959ع شاعر ڄام جمالي (شاهبيگ جمالي) جو جنم ڏينهن آهي. 13 جولاءِ 1962ع شاعر حمز علي سوهو جو جنم ڏينهن آهي. 13 جولاءِ 1977ع ليکڪ اقبال هاليپوٽو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 13 جولاءِ 1913ع صحافي تولارام عاجزجي وفات ٿي. 13 جولاءِ 1978ع شاعر پياسي رانجهن خان لاڏاڻو ڪري ويو. 13 جولاءِ 1989ع شاعر ۽ ليکڪ احمد خان آصف مصراڻئ کي شهيد ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment