Saturday 15 July 2023

Sindh in history today (15th July). English Portion of Post by Mumtaz Pathan & Sindhi Portion by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 7:51 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY [16th July] and Good Day WISH. ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [ I can't forget for a single moment, but am forgotten since centuries. Perhaps lovely people have imposed ban on the tradition of reciprocation, response and remembering others. Why we can't find those, who are very much needed? Why we can't understand that peace and progress can be witnessed only because of cooperation? Why we don't believe that love and beauty are natural needs of everybody? What has happened to our hearts and minds? ] ساریان ته بہ سپرین نہ سارین، ورھین کان ایئن اسان کي وسارین، اسان طلبیون من جئ کي جیارین، پنھنجي دل جي نیٹن سان نھارین، امرت سونھن سندو ھو شل پیارین، پر نہ ٿا جیئارن پر جدائئ ۾ مارین، گھنگھر گھارین، تن من روح اسان جو.‏‎ ‎ ************** SINDH (including Pakistan ) IN HISTORY TODAY {16th JULY} EVENTS: 1857: The Commissioner Sindh asks Superintending Surgeon in Sindh to examine the place named ‘Lakhan’ on western side of ‘Hubb’ River about 60 miles from Karachi and report it fitness as a sanitarium. This may kindly be noted that Dr.Hunter submitted his report that the hill did not possess any of requisites to render it for a sanitarium. (Source: Letter No. 1115 from the Commissioner). 1901: Under section 7 of the Bombay Revenue Code, Notification is issued for creation of the Larkano District. It is signed by J.V.P. Muir Mackenzie, Chief Secretary to the Government of Bombay. (Source: Bombay Government’s Notification Number 4942 & 4942 A). 1919: The event of victory by Allies makes so many people in India. Pandit Panchandas Shiwala of Larkano and Personal Landlord of Shahdadpur share their happiness with the Government and send message of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Offical Gazette). 1921: The Hyderabad District Congress Committee invites applications from deserving students of the District for three scholarship of Rs.15/ each for getting education in Aligarah University and Gujrat Vidya Pith. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1943: ‘Trade Day’ is observed by Sindh on the call of Sindh Muslim League. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1946: Sindh Minister for PWD, Muhammad Ayub Khuhro delivers his lecture on the topic of ‘Sindh Politics’ in D.J.Sindh college. The program is chaired by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, ex-Finance Minster of Sindh. (Source: Newspapers). EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th July) By: Dr. Pathan ** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سپرنٽينڊنگ سرجن کي هدايت جاري ڪئي ته حب نديءَ جي ويجهو علائقي لکڻ جو جائزو وٺي ان جي سينيٽيريم فٽنيس رپورٽ موڪلي وڃي، بعد ۾ سپرنٽينڊنگ سرجن ڊاڪٽر هنٽر پنهنجي رپورٽ ڪمشنر وٽ جمع ڪرائي. ** 1901ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز سرڪار پاران بمبئي روينيو ڪوڊ جي قلم 7 تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪري لاڙڪاڻو ضلعو قائم ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن تي بمبئي حڪومت جي چيف سيڪريٽري جي وي پي ميڪنزي جي صحيح ٿيل هئي. ** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز وائسراءِ پنهنجي اتحادين جي هڪ تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي پنڊت پنچنداس شيوالا ۽ شهدادپور جي پيرو مل شرڪت ڪئي ۽ بمبئي حڪومت کي مبارڪباد ڏني. ** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ضلعي جي ڪانگريس ڪاميٽي ضلعي جي مختلف اسڪولن جي شاگردن کان اسڪالر شپ لاءِ درخواستون گهرائي ورتيون، ڪانگريس ڪاميٽي طرفان ڄاڻايو ويو ته ٽن شاگردن کي في شاگرد 15 رپيا ڏنا ويندا ته جيئن اهي عليڳڙهه يونيورسٽي ۽ گجرات وديا پٿ ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن. ** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مسلم ليگ جي سڏ تي واپار جو ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي واپارين شموليت ڪئي. ** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي پي ڊبليو ڊي جي وزير محمد ايوب کهڙي ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ سنڌ جي سياست جي عنوان هيٺ ليڪچر ڏنو، اهو پروگرام شيخ عبدالمجيد سنڌي طرفان منعقد ڪرايو ويو هو. ** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر حڪومت خلاف لانگ مارچ ملتوي ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ بينظير ڀٽو اسلام آباد ۾ صدر غلام اسحاق خان ۽ آرمي چيف عبدالوحيد ڪاڪڙ سان ملاقاتون ڪرڻ بعد لانگ مارچ ملتوي ڪيو، بينظير ڀٽو کي خاطري ڪرائي وئي ته قومي اسيمبلي ٽوڙي چئني صوبن ۾ غيرجانبدار نگران حڪومتون جوڙيون وينديون، ان کانپوءِ شفاف چونڊون ٿينديون، اهڙي خاطري تي بينظير ڀٽو وزيراعظم نواز شريف خلاف لانگ مارچ تان هٿ کڻي وئي، ان کان اڳ پ پ اڳواڻ فاروق لغاري صدر غلام اسحاق خان سان ملاقات ڪئي ۽ صدر جو پيغام کڻي لاهور آيو، جتي هن بينظير ڀٽو کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ذريعن اهوبه چيو ته وزيراعظم نوازشريف اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صدر کي ايڊوائيس موڪلڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ************* اڄوڪي ڏينهن 16 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 16 جولاءِ 1909ع سياسي ورڪر لڇمنداس آريا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1932ع گلوڪاره وينا واڌواڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1941ع شاعر رحيم بخش روشن جو جنم ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1957ع ليکڪ حافظ حفيظ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1965ع شاعر بشير بيوس اوٺو(مٺي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1984ع باليووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيفجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 جولاءِ 1954ع اسڪالر علامه علي خان ابڙو(سانگي) جو لاڏاڻو ٿيو. 16 جولاءِ 1956ع صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ جي ورڪر ويرومل بيگراج جي ديهانت ٿي. 16 جولاءِ 1980ع شاعر علي محمد ساقي جي وفات ٿي. 16 جولاءِ 1994ع اسڪالر، اديب، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيوجو انتقال ٿيو. 16 جولاءِ 2000ع سنڌ صوبي جي اڳوڻي گورنر اشرف ڊبليو تابانيجي وفات ٿي. 16 جولاءِ 2004ع شاعر معصوم سانگهڙائيجي وفات ٿي. 16 جولاءِ 2016ع ماڊل گرل قنديل بلوچ کي ملتان ۾ قتل ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment