Sunday 30 July 2023

SINDH in history today (31st July). Post in English By Mumtaz & in Sindhi By Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 5:01 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {31st July} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ When anybody has lost faith in Self, People and God, in such a condition he/she can't follow and abide by any ideology, except self-interest. He/She becomes slave of ego and works for hatred and discrimination. He/She in the name of Independence and freedom, will easily snatch relations and affiliations. He/She will become a wandering soul and cannot stay in any heart for long time.] جي مون تان خود پاڻ تان خدا تان ويساه کڄي ويندء، پوء تہ عشق ماڻھپي سميت تو کان پرين ڀڄي ويندء، تنهنجئ آزادئ جو مطلب منهنجي سلامي ۽ غلامي، پوء هر ڪو قدر نظريو اصول تو کان ٿي لڄي ويندء ************* 1832: The East India Co. Govt. is worried about law & order situation of Parkar. Mir Murad Ali is requested to Sindh forces for the purpose and return of Jagatsing and Poonjaji, Parker chiefs, alleged to have been implicated with plunders. On the other side Raja of Jodhpur is asked for cooperation as Parker Plunders are prevented from finding an asylum in his territories . 1920: The Hyderabad District Congress Committee decides by 17 votes to 10 to recommend the principle of Non - co - operation to Special Indian Congress. 1926: Seth Harchandrai Vishindas inaugurates 'Dyaram Jethanand Library' opened by the Hindu Town Peoples' Association. In rare cases Muslim politicians and NGOs did the same job for people. 1920: The Trafic Manager, Railways Sukkur, in responce to an application for hiring of train, the Joint Secretary of the "Hijrat Committee",writes to Trafic Manager,Railways, Sukkur . This may be noted that it was Second Special Train hired by any political party during British era. This train was hired for people, those decided to migrate to Afghanistan in comrliance to the Call by the "Hijrat Committee", headed by Rais -ul- Muhajreen Jam Muhammad Junijo of Larkano. It was a wrong political decision that set bad example of migration and after 27 years Sindh faced un -ending influx of migrants and badly affected the future of Sindh. 1926: Seth Harchandrai Vishindas is performing opening ceremony of the "Dayaram Jethmal Khilnani Library" at Karachi. It is opend by the NGO, named "Hindu Town Peoples" Association". EVENTS FROM SINDH HISTORY (31st July) By: Dr. Pathan ** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت پارڪر جي امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، مير مراد علي خان ٽالپر سنڌ جي فورسز کي هدايت ڪئي ته اهي واپس اچن، هن جڳت سنگهه ۽ پونجاجي کي پڻ واپس اچڻ لاءِ چيو، جڏهن ته ٻئي طرف کان جوڌپور جي راجا کي چيو ويو ته هو امن امان جي حوالي سان سهڪار ڪري. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هجرت ڪاميٽي ريلويز جي ٽرئفڪ مئنيجر سان خصوصي ٽرين ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو، انهيءَ ريل ذريعي سنڌين کي افغانستان موڪلڻو هو، ڪاميٽي کي چيو ويو ته اها مسافرن جي تعداد، روانگي جي تاريخ سميت ٻيا تفصيل فوري طور فراهم ڪري.واضح ته بئريسٽر جان محمد جوڻيجي هجرت تحريڪ شروع ڪئي هئي، جنهن دوران سنڌ مان هزارين ماڻهن کي ريل رستي پشاور کان افغانستان نيو ويو هو، افغانستان۾ سنڌ جي ماڻهن سان وڏيون زيادتيون ڪيون ويون. ** 1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سيٺ هرچند راءِ وشنداس ديارام ڄيٺانند لائبريري جو افتتاح ڪيو، جيڪا هندو ٽائون پيپلز ايسوسيئيشن طرفان قائم ڪئي وئي هئي، واضح رهي ته مسلمان سياستدانن لائبريريون کولڻ سميت اهڙا تعليمي ڀلائي وارا ڪم بلڪل گهٽ ڪيا. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي (خيبرپختونخواهه) مسلم ليگ صوبائي حڪومت تي الزام لڳايو ته اها خان عبدالغفار خان جي سياسي سرگرمين جو ڪوبه نوٽيس نه ٿي وٺي، سندس سرگرمين جي نگراني ٿيڻ گهرجي. ** 1958ع ۾ مالي سال جي جي شروعاتي پنجن مهينن دوران پاڪستان ۾ مالياتي خسارو 2 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي احمد رضا قصوري جي درخواست تي سندس والد نواب قصوري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي وئي، واضح رهي ته هن ڪيس ۾ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي هئي. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي ٻن سپر پاور قوتن آمريڪا ۽ سوويت يونين ائٽمي وار هيڊ گهٽائڻ لاءِ تاريخي معاهدي تي صحيح ڪئي. واضح رهي ته انهيءَ معاهدي تي عمل ڪرڻ کان اڳ ئي سوويت يونين ٽٽي وئي. معاهدو 9 سالن جي ڳالهين کانپوءِ ٿيو هو. ************* اڄوڪي ڏينهن 31 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 31 جولاءِ 1955ع صحافي صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 31 جولاءِ 1955ع شاعره زبيده ميتلو (قمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جولاءِ 1966ع شاعر ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 31 جولاءِ 1971ع صحافر رام ڀوراڻي (سکر) ديهانت ڪري ويو. 31 جولاءِ 1974ع مذهبي اسڪالر مولانا الهورايو بروهي جو انتقال ٿيو. 31 جولاءِ 1980ع ناليواري گلوڪار محمد رفيعجي وفات ٿي. 31 جولاءِ 2003ع انقلابي ۽ ترقي پسند شاعر ابراهيم منشيجو لاڏاڻو ٿيو. 31 جولاءِ 2008ع وڪيل اڳواڻ ۽ سياستدان امداد علي اعواڻچيف جسٽس افتخار چوڌري جي گاڏي هلائيندي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment