Friday 21 July 2023

Sindh in history today (22nd July). Post in English by Mumtaz Pathan and in Sindhi by Dr.Pathan

"سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ -(22 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد جي تحقيق". [واقعا] 22.7.1919: ترڪئ کي شڪست ملي ۽ اتحادين جي فتح ٿي ته فرنگي حڪومت جي وفادار سنڌين کي موقعو مليو ته سرڪار کي مبارڪون ڏئي, پنهنجي وفادارئ جو ثبوت ڏين. اڄ جن تارون موڪلي انھئ فتح تي سرڪار کي مبارڪون ڏنيون, اهي آهن: جيڪب آباد جو پرسارام بابومل اديسي ، قمبر جو مختيارڪار ڌاڳچند آسرداس, نوابشاه جو ڌررمداس ڀگوانداس. (ذريعو: ممبئي گزيٽ) 22.7.1920 فرنگي سرڪار ڪيترن مڪتبن کي مالي گرانٽ ڏيندي هئي. پر جڏهن خلافت ڪميٽئ "عدم تعاون تحريڪ" هلائي ته ڪيترن مڪتب هلائيندڙن سرڪار کان گرانٽ وٺڻ ڇڏي ڏني. اڄ واره جي حاجي غلام رسول جلباڻئ ۽ باڊه جي دين محمد اهڙو اعلان ڪيو ته هو اڳتي سرڪار کان گرانٽ نه وٺندا. 22.7.1924 ڳوٺ ڀمڀي خان چانڊيئي ۾ حافظ محمود چانڊئي کي غلام مصطفا نالي فرزند ڄائو,جنهن اڳتي هلي علامه قاسمئ جي نالي سان شهرت ماڻي. ڪيترا ڪتاب لکيائين, "الرحيم" ۽ "الولي" رسالا ايڊٽ ڪيائين. سنڌئ ۾ Ph.D ڪرائيندڙ پهريون استاد ٿيو. تمام گهڻن کي پي ايڇ. ڊي ڪرايائين. شاه وکي الله اڪيڊمئ جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن ٿيو. ضياء الحق جي زماني ۾ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو.1987 ۾ کيس "تمغه امتياز" مليو. 22.7.1939: سيد ميران محمد شاهه نه رڳو سياستدان هو ، پر شاعر, قلم-ڌڻي ۽ سنڌي مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ وارو جاکوڙي انسان هو. هن اڄ ڪي بي محمد صديق ميمن سان گڏ لاهور ۾ ‘انجمن حمايت اسلام’ آفيس جو دورو ڪيو. هو مسلمانن لاءِ سنڌ ۾ هڪ سوسائٽي / انجمن قائم ڪرڻ چاهي پيو. سندس ڪوششن سان پوء حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي" قائم ٿي, جنھن تاريخ تي ڪتاب ڇپرايا (ذريعو: جي ايم سيد جو ڪتاب: ’رهاڻ‘). 22.7.1941: ايم اي جناح ۽ گانڌي ٻنهي وائسراءِ طرفان ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ توسيع ڪرڻ تي ناپسندگئ جو اظهار ڪيو. مزي جي ڳالھ اها آھي ته مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽئ جا ٽي ميمبر ان وائسراء جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جا ميمبر ٿيا, انهن مان هڪ چوڌري ظفرالله به هو, جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان پوء ملڪ جو پرڏيهي وزير ٿيو هو (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال1941 جلد ٻيو). 22.7.1948: پاڪستان جي گورنر جنرل آرڊيننس ڪڍي ڪراچي شهر ۽ وڌيڪ 5668 اسڪائير ميل مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيا. ھئ ڳالھ ذھن ۾ رکڻي آھي ته گورنر جنرل ، قائداعظم پنهنجي خراب صحت ڪري زيارت ۾ هو, ۽ سندس نالي ۾ اهڙا آرڊيننس ڪڍيا ويا, جن مان سنڌ متآثر ٿي. پر, انھئ پٺيان ڳجهن هٿن ۽ ڳجهئ سياست جي رازن جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونھي. 22.7.1950: سورهيه بادشاہ شهيد صبغت الله پير پاڳاري جا ٻه فرزند ، ڪراچي پهچي رهيا آهن. (ذريعو: اخبارون). انهن مان هڪ پوءِ پير پاڳارو بڻيو. 22.7.1989: سنڌ ۾ نسلي دهشت گردئ سبب حيدرآباد ۾ ڏھ ۽ دادو ۾ ھڪ ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا. (ذريعو: اخبارون) [جنم ڏينهن]: 22 جولاءِ 1922ع مشهور شاعر نارائڻ شيام 22 جولاءِ 1929ع شاعر حبيب الله پٺاڻ (آريجا). 22 جولاءِ 1947ع ليکڪ سليم چنا (شڪارپور) . 22 جولاءِ 1951ع ڪهاڻيڪاره ۽ ڊراما نگاره نور الهدا شاهه. 22 جولاءِ 1962ع صحافي محمد خان بروهي (نصير آباد). 22 جولاءِ 1962ع صحافي نظام الدين سرهندي (حيدر آباد) . 22 جولاءِ 1963ع صحافي غلام قادر پهنور (سنجهورو). 22 جولاءِ 1967ع ليکڪ بلو مومن(پنو عاقل). 22 جولاءِ 1971ع شاعر سڪندر ميمڻ (نظرپور). 22 جولاءِ 1981ع شاعر آصف بلوچ (خيرپور). 22 جولاءِ ليکڪ ۽ سائنسدان ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري (ملڪاڻي). [وفاتون]: 22 جولاءِ 1902ع عالم مولانا عبدالستار رستمي. 22 جولاءِ 1953ع سياستدان مير الله بخش ٽالپر. 22 جولاءِ 1983ع دوست محمد ابڙو. 22 جولاءِ 1986ع مشهور راڳي فقير عبدالغفور. 22 جولاءِ 2006ع شاعر, ليکڪ ۽ صحافي اظهر گيلاني (گهوٽڪي), SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd July} and Good Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Dear! To me and for me you are Sun of my inner Sky. It is darkness. Rise and bring beautiful morning. I want to see & witness, avail & abide by love & beauty in Day light. I don't aspire it, but it is my need. I don't claim & demand, but pray and request for it. Come on! Kill my ego and create kingdom of love & respect in my heart & mind. Because, hatred & discrimination have ruled and ruined them since long.] تون سورج سپرين پوء ڪوه نہ ڪرين منهنجو اندر اجرو اجالو؟ آھي ضرورت ظاهر باطن ناهيان نالي ماتر مان محبت جو متوالو, تون تونگر حسن جو ۽ تننهنجو نرمل نينهن هن جڳ کان نرالو, منهنجئ انا نفرت کي اچي هڻ ڀالو, تہ ڳايان سونهن سلام سان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {22nd JULY} EVENTS: 1919: On the victory of the Allies, sincere and loyal Sindhi subjects send congratulation message to the Government of Bombay. They are: Parsaram Babumal Udesi of Jacobabad, Dhagchand Asardas Mukhtyarkar of Kambar; Dharamdas Bhagwandas of Nawalshah and Hindu Zamindar of Tayab, taluka Ratodero. (Source: The Bombay Government’s Notification). 1931: A student named Vasudev Balwant fires two revolver’s shots at Sir Earnest Hoston, the Governor of Bombay, when he was entering the Reading Room of Fergussion College, Poona. It was luck for the Governor, who is safe and bad luck for a brave boy, who is arrested on the spot. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1931). 1939: Speaker of Sindh Assembly, Syed Miran Muhammad Shah alongwith K.B.Muhammad Sidik Memon visits ‘Anjuman Himayat Islam’ office at Lahore. He wants to establish a Society/Anjuman in Sindh for Muslims. (Source: G.M.Syed’s book:’Rihan’). 1941: Both M.A.Jinnah and Gandhi react unfavourably to the Simla announcement regarding the expansion of the Viceroy’s Executive Council. ‘ It will not secure the whole hearted, willing and genuine support, if that is honestly required, of Muslim India’, say Jinnah. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1941).Three members of the Working Committee of Muslim League joined that Council, and one of that Chowdhri Zafarullah became the Foreign Minister of Pakistan ! 1948: Karachi and other 5668 sq.miles are put under the control of the federal/Pakistan Government. An Ordinance is promulgated by the Governor General of Pakistan. (Source: Ordinance). This may kindly be noted that the Governor General, Quaid-i-Azam is in Ziyarat at eleventh hour of his age. 1950: Two sons of Soorih Badshah Shaheed Sabghatullah Pir Pagaro, are reaching Karachi.(Source: Newspapers). One of them takes over as Pir Pagaro later on. This may kindly be noted that in their absence from country, one influential man from Rashdi caste tried to become Pir Pagaro but, failed to get Government support. 1955: Ayub Khuhro is elected un-opposed as the member of Sindh Assembly from Tando Adam-Shapur constituency. (Source: Newspapers). The stage is being set for imposing One-Unit on Sindh. This may kindly be noted that Ayub Khuhro played vital role in the movement for separation of Sindh from Bombay Presidency and he also played key role in annexing Sindh with Punjab and other provinces under the shadow of One-Unit. 1964: Regional Cooperation for Development (RCD) is formed by Turkey, Iran and Pakistan. (Source: Newspapers). 1989: Ethnic violence erupts in Sindh. Ten are shot dead in Hyderabad and one in Dadu. (Source :ibid).

No comments:

Post a Comment