Saturday 22 July 2023

Sindh in history today (23rd July). English Portion of Post by Mumtaz Pathan & Sindhi by Dr.Pathan

Dr.Pathan 23.7.23 View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 3:00 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd July} and Good Day Wish. ************ Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear! There is a strong relationship between your and my souls. Therefore, I am praising and promoting your beauty, vision and wisdom regularly, punctuality and religiously daily irrespective of indefferent attitude. I am neither demanding response, nor, earning your attention. I never lodge protest against ignoring me without any justification. But, always hope and believe that the day will come and I will witness your all colors of kindness, cooperation and greatness.] ڪو تان رشتو پنهنجي روحن جو ان لاء ڪريان روز سلام, ناهي ڳڻتي انهئ ڳالھ جي تان ڪڏهين ڪونہ ڪرين ڪلام, تنهنجي روين رشتن کي پوء بہ سمجهان امرت آئون انعام, تنهنجئ ڪاوڙ نفرت متڀيد تي آئون نہ مچايان ڪو قهرام, پر آھي اهو انجام, تہ ڀريندس پل پيار تنهنجئ سونهن مان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {23rd JULY} EVENTS: 1843: The Governor-General of India writes to the Sindh Governor making enquiries and asking for some papers required in connection with the alleged cession to His Highness Mir Ali Murad Khan of lands held by Mir Rustom Khan. (Source: The Governor-General’s letter No.260). 1846: The Governor-General of India asks the Sindh Governor to apprise him of the steps he will take for making and proposing Rules for administration of Civil Justice in Sindh (Source: Governor-General’s letter No.263). 1948: Karachi is now under control of the Pakistan Government. Hashim Raza is appointed first Administrator, whereas Kazim Raza is made Inspector-General of Police. Sindhi nationalists fear about the future of their biggest city. Some of them blame that a ‘protected constituency’ is being managed with vote bank of Muhajreen. (Source: Newspapers). 1952: Muhajreen take out procession and encircle Prime Minister House in Karachi. They demand proper rehabilitation. (Source: Newspapers). 1961: Alliance of Iran, Pakistan and Turkey can be misused against Soviet Union, doubts USSR. (Source: Newspapers). 1963: Ghulam Nabi Memon and Muhammad Khan Junijo are inducted in West Pakistan ministry (Source: Newspapers). 1973: Pakistan recognizes new Kabul regime led bu Daud. (Source: Newspapers). 1988: MRD rejects Ziz’s decision of non-party polls. (Source: ‘Source-Material on MRD’, compiled by Gul Hayat Institute) EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd July) By: Dr. Pathan ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر کي خط لکي هدايت ڪئي ته هزهائنيس مير مراد علي خان ٽالپر جي زمينن بابت جاچ ڪئي وڃي، جن تي مير رستم خان قبضو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ضروري ڪاغذ موڪليا وڃن. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جو اهم ترين شهر ڪراچي وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو ۽ هاشم رضا کي پهريون ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاظم رضا کي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس بڻايو ويو، سنڌ جا ماڻهو صوبي جي وڏي شهر جي مستقبل بابت ڳڻتي جو شڪار ٿي ويا، ان وقت ڪجهه قومپرستن الزام لڳايو ته هندستان مان آيل مهاجرن جي ووٽ بئنڪ ذريعي ڪراچي کي محفوظ تڪ بڻايو پيو وڃي. ڪراچي کي وفاقي گادي وارو شهر بڻائڻ تي به سنڌ جي ماڻهن ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هندستان مان لڏي آيل مهاجرن وزيراعظم هائوس جو گهيراءُ ڪيو ۽ جلوس ڪڍيو، هنن جو مطالبو هو ته سندن بهتر نموني بحالي ڪئي وڃي. ** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين جي اختيارين ان شڪ جو اظهار ڪيو ته ايران، پاڪستان ۽ ترڪي جي اتحاد کي سوويت يونين خلاف استعمال ڪري سگهجي ٿو. ** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي غلام نبي ميمڻ ۽ محمد خان جوڻيجو کي ويسٽ پاڪستان منسٽري ۾ شامل ڪيو ويو. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان افغانستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪري ورتو. ** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي يونان ۾ فوجي حڪومت ناڪام ٿي وئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم ڪونسٽينٽائن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن کي دعوت ڏني وئي ته هو ڏيهه واپس اچي. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمهوريت جي بحالي لاءِ ٺاهيل اتحاد ايم آر ڊي جي اڳواڻن چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ واري جنرل ضياءُالحق جي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو، ايم آر ڊي جو مطالبو هو ته چونڊون فورن ڪرايون وڃن ۽ اهي جماعتي بنيادن تي ٿيڻ گهرجن. جڏهن ته جنرل ضياءُ الحق اهو اعلان ڪيو هو ته چونڊون ٿينديون پر اهي غيرجماعتي بنيادن تي ڪرايون وينديون. واضح رهي ته جنرل ضياءَ چونڊن جو اعلان ته ڪيترائي ڀيرا ڪيو پر آخر تائين هن چونڊون نه ڪرايون ۽ ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾رهيو. هو 17 آگسٽ 1988ع تي بهاولپور ويجهو هڪ جهاز حادثي ۾ مارجي ويو هو ************** .اڄوڪي ڏينهن 23 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 23 جولاءِ 1920ع شاعر عبدالعزيز عزيز ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 جولاءِ 1950ع صحافي عطا محمد صديق (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 جولاءِ 1966ع صحافي ۽ ٽي وي اينڪر حامد ميرجو جنم ڏينهن آهي. 23 جولاءِ 1968ع شاعره صنم نجيب جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 جولاءِ 1980ع سماجي ورڪر مسڪين جهان خان کوسوجي وفات ٿي۔ 23 جولاءِ 1980ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني (ٽکڙ) جو انتقال ٿيو. 23 جولاءِ 1885ع اسڪالر ميڻو عبد الرحيم جو لاڏاڻو ٿيو. 23 جولاءِ 1989ع شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment