Monday 10 July 2023

Sindh in history today (11th July). Post in English by Mumtaz Pathan & Post in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 5:01 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th July} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! Get rid of self-ignoring. In the search of any other dear, leader & ideal except you, will lead you towards blind faith & slavery, dependence & exploitation. Believe in yourself and trust your vision, wisdom & beauty. Follow them and save your soul] اسان آدرش سمجھون جن کی، سی تان ماٹھن مارن لاء آزار. تن جو پرماریت ئی وھنوار، تن جو تعلق ناھ دعا سلام سان.‏‎ ‎ ************* EVENTS from history: 1842: His Highness Mir Naseer Khan Talpur writes to Major Outram informing him and making complain that the fort of Rojhan, 26 miles from Shikarpur and 10 miles from Khangarah has been occupied by people of Naseer Khan of Kalat. 1908: Diwan Dayaram Gidumal Shahani establishes ‘Seva Sadhan Sabha’ in Bombay with Aims & Objects to provide social services, social protection, education to women-folk and train lady social workers.Later on branches of NGO are also started inSyeat, Poona and Ahmadabad. (Source: ‘Biography of Raj Rashi Diwan Dayaram Gidumal’, by Shewaram Pherwani). 1920: Four ‘Special trains’ in the history of Sindh have a unique reference. First train was booked by Sindh Congress for Punjab so as to participate in the Congress Sesion and provide financial & moral support to families those were affected during the tragedy of Jalyanwala bagh. In 1938 on the eve of Sindh Provicial Muslim League Conference the Special train was hired for Quaid-i-Azam for Karachi from Hyderabad. When Soorihb Badshah Pir Pagaro was released from jail, he also reached Sindh in Special train.During Hijrat Tahrik, Jan Muhammad Junijo booked special train Khilafatis. The Special train carrying Sindhi migrants on way to Peshawar reached at Multan today. 1950: Fatima Jinnah regrets to Hilal-i-Ahmar Pakistan (Source: Newspaper). 1959: Pak-American trade agreement are signed. Trade Minister of Pakistan, Z.A.Bhutto indicates more trade agreements with other countries.(Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1969: Ex-Director of Pakistan Institute for Islamic Research Fazul-ul-Raman’s book on Islam is banned. (Source: Newspapers). 1972: Language riots affect Thatta also, section 144 is imposed for three months. (Source:Ibd). 1975: Punjab Chief Minster resigns. He is one of founder members of PPP and edited weekly ‘Nusrat’, Lahore in early days of the party. (Source: Newspapers) EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th July) By: Dr. Pathan ** 1842ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هزهائينس مير نصير خان ٽالپر انگريز عملدار ميجر آئوٽرام کي خط لکي شڪايت ڪئي ته شڪارپور کان 26 ميلن ۽ خانڳڙهه کان 10 ميلن جي مفاصلي تي موجود روجهاڻ قلعي تي قلات جي نصير خان جي ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي، جيڪو خالي ڪرايو وڃي. ** 1908ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مشهور سماج سڌارڪ ديوان ديارام گدومل شهاڻي سيوا ساڌن سڀا نالي سان تنظيم قائم ڪئي، جنهن جو مقصد عوام کي سماجي خدمتون فراهم ڪرڻ هو، عورتن کي تعليم ڏيڻ، ليڊي سوشل ورڪر تيار ڪرڻ لاءِ هن تنظيم وڏو ڪم ڪيو، بعد ۾ هن تنظيم جون شاخون پونا، احمد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ قائم ڪيون ويون. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سياسي سرگرمين لاءِ 4 خصوصي ٽرينون بڪ ڪرايون ويون، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم ريفرنس آهي، واضح رهي ته سنڌ جي سياسي جدوجهد دوران پهرين ٽرين سنڌ ڪانگريس طرفان بڪ ڪرائي وئي هئي، سنڌ ڪانگريس جي اڳواڻن کي پنجاب ۾ رٿيل ڪانگريس سيشن ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، جڏهن ته 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس طرفان ڪراچي کان حيدرآباد لاءِ ٽرين بڪ ڪرائي وئي، جڏهن ته سورهيه بادشاهه پير پاڳارو جڏهن جيل مان آزاد ٿيو هو ته هو پڻ خصوصي ٽرين ذريعي سنڌ پهتو، اهڙي طرح هجرت تحريڪ دوران جان محمد جوڻيجو خلافتي ورڪرن لاءِ خاص ٽرين بڪ ڪرائي، جيڪا سنڌين کي پشاور ۽ ملتان تائين کڻي وئي. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مادر ملت فاطمه جناح کي حلال احمر اعزاز سان نوازيو ويو. ** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، پاڪستان جي واپار واري وزير ذوالفقار علي ڀٽو اعلان ڪيو ته آمريڪا کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن سان پڻ واپاري معاهدا ڪيا ويندا. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار اسلامڪ ريسرچ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر فضل الرحمان جي مذهب بابت لکيل ڪتاب تي پابندي لڳائي وئي. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٻولي وارن فسادن سبب ٺٽو پڻ سخت متاثر ٿيو، ضلعي انتظاميا قلم 144 لاڳو ڪري هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. ** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي وڏي وزير حنيف رامي استعيفا ڏئي ڇڏي. ************* اڄوڪي ڏينهن 11 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 جولاءِ 1911ع شاعر پرسرام ضياء جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 جولاءِ 1914ع اسڪالر علي نواز حاجن جتوئي (نوان جتوئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 جولاءِ 1915ع ليکڪ محمد ابراهيم مورائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 جولاءِ 1917ع گلوڪار ايسرداس سپرو (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 11 جولاءِ 1947ع شاعر سرويچ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 11 جولاءِ 1947ع ليکڪ، ٽي وي پروڊيوسر، شاعر ۽ راڳي بيدل مسرورجو جنم ڏينهن آهي. 11 جولاءِ 1954ع اداڪار منوهر منگهاڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 11 جولاءِ 1955ع ليکڪ ارشاد احمد ڪاغذي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 11 جولاءِ 1938ع شاعر، ليکڪ ۽ ڊراما نگار آغا غلام نبي صوفي لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment