Thursday 20 July 2023

Sindh in history today (21st July). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st July} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear you are more beautiful than this beautiful universe. Witness its waiting for you. Rainbow has less colours than your colourful personality. You are higher than high mountains. The flow of your love & beauty is more strong and speedy than flow of lakes and rivers. Dear! Don't hide, but add your beauty & love and vision & wisdom in this world and make it more wonderful & beautiful, please] تنهنجون سوچون انڊلٺ ريکا پر لوچون پوء ڇو تنهنجون ماٺيون ۽ مدهوش؟ گهاگهر بن شل گهري پئين دل سان تار ندئ منجھ ڀل اها ڏسي تنهنجو جوش, دل ۽ دنيا ۽ ھئ ڌرتي پل پل طلبن تانگهن تنهنجي سونهن سندو آغوش, پنهنجو روپ نہ ڪر روپوش, ڪر ظاهر سندرتا سرت ۽ سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {21st JULY} EVENTS: 1920: A big public meeting is held at village Buthi of taluka Mirokhan by the local branch of Khilafat Committee. It is presided over by Qazi Abu-al-Hassan Azizullah. It has been notified by the Khilfat Committee that in response to its call for Non-Co-Operation, Haji Ghulam Rasool of village Mevo Jalbani, Mula Gul Muhammad of Daro, Warah and Din Muhammad of Badah have announced that they will not take Government grants for their Maktabs/Schools in future. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1925: Ban on Akhand Panth and pilgrimage to Gurdwara Gangar is lifted. Sikh Community is happy to see positive results of their struggle. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1939: A public meeting is held at Buthi Hakra by the local branch of Muslim League. It is presided over by Moulana Shah Muhammad. The meeting condemns the agitation of Hindus against Nazim of Hyderabad Dakkan. It demands the imposition of ban on selling of Quran by Bookstores run by Hindus. An appeal is also made to elected Sindh Assembly members from the District Larkano to join Muslim League. (Source: Newspapers). 1946: Sindh Assembly election results are declared. G.M.Syed in midist of strong opposition of All-India Muslim League returns un-opposed. Party-wise result is: Muslim League (27 Seats), Congress (21 Seats), G.M.Syed Group (04 Seats), Muslim Nationalists (04 Seats), Europeans (03 Seats). 1949: The property of Sir Shahnawaz Bhutto in Mombai is forfeited. When he was Nazim of Hyderabad Dakkan , he did his level to annex that State with Pakistan (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1953: Habi Ibrahim Rahmatullah is appointed Sindh Governor (Source: Newspapers). 1964: The Alliance named Combined Opposition Parties (COP) is formed by Council Muslim League, Jamait-i-Islami, National Awami Party and Nizam-i-Islam Party. (Source: Newspapers). 1988: Zia promise to hold general elections on November 16, addresses Pakistan Senate. (Source: ibid). SINDH IN HISTORY TODAY (21st July) Dr.Pathan. 21 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 21.7.1920: هڪ ننڍڙي ڳوٺ بٺئ (تعلقو ميروخان) ۾ خلافت جو هڪ وڏو جلسو ٿيو. قاضي ابوالحسن عزيز الله جلسي جي صدارت ڪئي. سرڪار کان بائڪاٽ ڪرڻ وارئ (عدم تعاون) تحريڪ تي عمل ڪندي, ڳوٺ ميوو خان جمالئ جي حاجي غلام رسول, ڳوٺ دڙو جي ملان گل محمد ۽ باڊه جي دين محمد اعلان ڪيو ته هو اڳتي سرڪار کان پنهنجي مڪتبن لاء مالي گرانٽ نه وٺندا. [پارٽين ڪارڪنن جي سياسي تربيت اها ڪئي ته پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻجي. سرڪار ڪو پنهنجي کيسي مان اسان جي ملن ۽ مڪتبن جي ته مالي مدد نه ٿي ڪئي] 21.7.1925: تحريڪون ڪيئن هلائبيون آھن, ان لاء ”حر تحريڪ" هڪ چٽو مثال آھي. اها اسان جي ڌرتئ جي تحريڪ هئي. تحريڪ ڪيئن هلائبي آھي, اهو سبق بنگالن کان سکجي. تحريڪ ڪيئن هلائجي, اهو سکن کان سکجي. سکن تي سرڪار پابندي لڳائي هئي ته اهي امرت سر اچي نه ٿا سگهن ۽ اتي ڌرمي ورد ڪري نه ٿا سگهن. سکن ڪنهن ناغي کان سواء روزانو پنهنجو جٿو سرڪار سان ملڻ ۽ پنهنجي مسئلي سمجهائڻ لاء لڳاتار سال موڪليندا رهيا. تان جو سرڪار اڄ مجبور ٿي مٿن مڙهيل پابندي هٽائي. [اسان تحريڪ کي ثقافتي ڏڻ طور هلائيندا آھيون, جيئن بحريه ٽائون مامري تي هار سينگار ڪري, بڪ اسٽال لڳائي ۽ بسون ڀري پاڻ کي ۽ ٻين کي مفت ۾ ٻڌرائڻ وياسين. اسان تحرڪون پنهنجي جماعتي طاقت ڏيکارڻ لاء جٿو ٺاهي وڃي وڙھڻ لڳندا آھيون ۽ پاڻ کي ڏوهي ثابت ڪري تحريڪ جو مقصد ختم ڪري ڇڏيندا آھيون] 21.7.1939: مولانا شاه محمد جي صدارت ۾ ڳوٺ بٺي هڪڙا ۾ "مسلم ليگ" جو جلسو ٿيو ۽ انھئ موقعي تي ڪيترا ٺھراء پڻ پاس ڪيا ويا. هڪ ٺھراء ذريعي لاڙڪاڻي ضلعي جي مسلمان سياستدانن کان مطالبو ويو ته هو مسلم ليگ پارٽئ ۾ شامل ٿي وڃن. ٻئي ٺھراء ۾ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته مسلمانن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بنائي. 21.7.1946: سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جون چونڊون ٿيون. مسلم ليگ جي پر زور مخالفت باوجود جي.ايم.سيد بنا ميمبر ٿي ويو. هنن چونڊن ۾ پارٽين جي پوزيشن هن طرح بيٺي : مسلم ليگ (27 سيٽون), ڪانگريس (21 سيٽون), جي.ايم. سيد گروپ (4 سيٽون), قوم پرست مسلمان گروپ (4 سيٽون) ۽ يورپي (3 سيٽون). 21.7.1947: ڪراچئ ۾ ”سنڌ شاگرد ڪانفرنس" ٿي, ان ۾ ھارين جي سڄاڳئ ۽ تحريڪ کي سنڌ جي سياسي مستقبل لاء سٺو سوڻ قرار ڏنو ويو. 21.7.1953: حبيب ابراهيم رحمت الله کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 21.7.1962: خاڪسار تحريڪ فيصلو ڪيو ته پارٽئ جي بانئ جي نظربندئ باوجود سياسي سرگرمين کي جاري رکيو ويندو. 21.7.1964: ڪائونسل مسلم ليگ, جماعت اسلامئ, نئشنل عوامي پارٽئ ۽ نظام اسلام پارٽين گڏجي " ڪمبائينڊ آپوزيشن پارٽيز" نالي سياسي اتحاد قائم ڪيو. 21.7.1970: عبدالصمد اچڪزئئ اڄ ”پختون نئشنل عوامي پارٽي" ٺاهي. *************** {21 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 21 جولاءِ 1593ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان شاهل محمد ڪلهوڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1903ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبد الله عباسي (محبت ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1907ع شاعر ٺارو مل بجاج(اوٻاوڙو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1910ع شاعر ۽ ليکڪ ڪشنچند جيٽلي (حيدر آبا / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1926ع ليکڪ مرلي مکي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1930ع مشهور نغما نگار ۽ شاعر آنند بخشيجي ديهانت ٿي. 21 جولاءِ 1946ع اسڪالر ۽ تعليمدان ڊاڪٽر محبوب شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1958ع اداڪار رتن جهامناڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 21 جولاء شاعر ۽ راڳي سرفراز علي "سرف" جتوئئ جي جنم جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 21 جولاءِ 1982ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولوي محمد صالح عاجز جي وفات ٿي. 21 جولاءِ 1991ع شاعر معصوم هالائي جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment