Tuesday 25 July 2023

Sindh in history today (26th July). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 3:02 AM SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th July} and Good Day Wish. ************** Dr.Pathan wishes you GOOD MORNING. محبت طلبي مدتون، پر وقت صفا محدود . رک من موجود ،تہ پھچائين سلام سیگھ سان . If our total life is 6O years, than 3O years we are in Bed; 2O years we pass in getting education and 5 years in other activities . It is = 6O -55 = 5. Our real life after 6O years is only 5 years. Why not to live those five years with care and dare, in peace and love? ************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th July} Research by Dr Dur Muhammed Pathan EVENTS: 26thJuly 1840: The Government of Bombay asks Captain Robert Oliver, Superintendent of Indian Navy to draft Rules & Regulation for Steam Flotilla on the Indus. (Source: The Bombay Government’s letter, dated 26th July 1840). This may kindly be noted that later on Steam Communication between Karachi and Mulatan was established but, in 1857 it was stopped due to Persian Expedition. 1950: Indian Muslim Migrants take out procession demanding their proper rehabilitation. (Source: Newspapers). 1954: Restrictions are imposed on undue movement /activities of Russian diplomats in Pakistan. (Source: Newspapers). 1955: Red Shirt politicians will not be allowed to launch movement against One-Unit, declares Major General Iskandar Mirza, Home Minister of Pakistan. (Resources: ibid). 1965: American diplomats are free to contact any politician and record his opinion on vital issues relating to Pakistan. Government takes notice and asks them to refrain from such activities. (Source: Ibd). 1972: Indian cabinet approves Simla Agreement. Though, it is a big achievement of PPP Government but, Bhutto faces serious problems. Simla Agreement is being criticized in Punjab and Sindh is burning due to language riots. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1996: 15-party’s opposition alliance finalizes plan to launch joint movement against Government EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th July) By: Dr. Pathan ** 1840ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪمراني اڃا برقرار هئي ته ان دوران ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ماڻهن انڊس فلوٽيلا جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار انڊين نيوي جي سپرنٽينڊنٽ ڪئپٽن رابرٽ اوليور کي هدايت ڪئي ته سنڌو درياءَ ۾ هلندڙ ٻيڙي انڊس فلوٽيلا جي حوالي سان قاعدا ۽ ضابطه جوڙيا وڃن ۽ مسودو منظوري لاءِ موڪليو وڃي، واضح رهي ته بعد ۾ ڪراچي کان ملتان تائين سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙا هلايا ويا پر 1857ع ۾ اها سروس پرشين مهم سبب روڪي وئي. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هندستان مان آيل پناهگيرن جلوس ڪڍيو ۽ بحالي جو مطالبو ڪيو، مهاجرن جو چوڻ هو ته وزيراعظم لياقت علي خان جيڪي واعدا ڪيا هئا، اهي پورا ناهن ڪيا ويا. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي وفاقي سرڪار اڻوڻندڙ سرگرميون ڪرڻ تي روس جي سفارتڪارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گهرو وزير ميجر جنرل اسڪندر مرزا حڪم جاري ڪيو ته ريڊ شرٽ تحريڪ سان لاڳاپيل سياستدانن کي ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت آمريڪي سفارتڪارن طرفان سياستدانن سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ پاڪستان جي مختلف اشوز بابت انهن کان راءِ وٺڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو، حڪومت آمريڪي سفارتڪارن کي وارننگ ڏني ته اهي اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪن. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي ڪابينا شملا معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذوالفقار علي ڀٽو شملا معاهدو ڪري تاريخي ڪم ڪيو پر پوءِ به کيس ڪجهه مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ٻولي وارن فسادن سبب پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل شملا معاهدي تي تنقيد ڪئي وئي، ٻئي پاسي صدر ذوالفقار علي ڀٽو ٻولي وارن فسادن جو نوٽيس ورتو ۽ امن امان جي بحالي لاءِ انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون. ** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي 15 پارٽين تي ٻڌل مخالف ڌر جي اتحاد حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ جدوجهد جو پلان فائنل ڪري ورتو. ** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مهاجر قومي موومينٽ جو نالو تبديل ڪري متحده قومي موومينٽ رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. اشتياق اظهر، اجمل دهلوي، فاروق ستار ۽ ٻين اڳواڻن نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پارٽي جو جهنڊو ساڳيو رهندو، رابطا ڪاميٽي به ڪم ڪندي رهندي. ************** اڄوڪي ڏينهن 26 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 26 جولاءِ 1811ع بزرگ سيد علي محمد شاهه ديرائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 جولاءِ 1923ع شاعر ۽ ليکڪ الله بخش انيس انصاري(لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 جولاءِ 1947ع سماجي ڪارڪن نظير احمد ڀنڊ(خدا آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جولاءِ 1955ع سياستدان ۽ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداريجو جنم ڏينهن آهي. 26 جولاءِ 1958ع ليکڪ علي اڪبر ساند (ڀٽ شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جولاءِ 1963ع صحافي رياض ميمڻ (ميرپور خاص) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 جولاءِ 1958ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اڪرم انصاري (هالا) جو انتقال ٿيو. 26 جولاءِ 2008ع مزاحيه اداڪار ملڪ انوکا(اڪبر عباسي) لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment