Friday 7 July 2023

Sindh in history today (8th July). Post in English by Mumtaz Pathan & Post in Sindhi By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {8th July} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are passing through an era of relationship that is to be kept and maintained unilaterally. You will never be recognized or accepted due to your experience & age, vision & wisdom and talents & potentialities. Because, everybody believes that only and only he/she is second to none in all these qualities, besides beauty. Hence, Ground Reality is that to what extent you are useful or of use for others] پاڻ رکي پيو پاڻ نڀائج هلي رشتن جو ايئن جهان, نہ تہ ڪم نہ دم دنيا کي هرڪو هتڙي خانئ خان پنهنجي مطلب غرض طمع ۾ ماڻھون هت مستان متان ڪرين ارمان, تہ ناهي قدر سرت سلام جو. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {8th JULY} EVENTS: 1839: A. Gibbson is appointed as Assistant Surgeon in charge of medical duties of Political Agency in Upper Sindh. 1921: The first session of the All-India Khilafat Conference starts at Karachi. It is presided over by Moulana Muhammad Ali Johar. The soil of Sindh is selected for the event that proved to be training point in the politics of united India. The Conference lasted for three days. (Source: Newspapers). 1938: A public meeting is held by local branch of Muslim League at Village Mahboob Tunio and it is presided over by Rais Mian Karim Bux, who is the President of the branch. Speakers deplore the Government policy regarding Muslim League and Palstine. They also advised JUI,Sindh leadership to resolve issue of their differences in the greater interests of party and its politics. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1940: Khan Abdul Ghaffar Khan, the Frontier Congress leader, tenders his resignation of membership of the Congress Working Committee before his departure from New Delhi for Peshawar. (Source: The Indian Annual Register, vol-11,1940) 1945: Jairamdas Doulatram presides over Conference of Congress-men in Bombay. The claim of Muslim League to represent the Muslims of India remained the subject of conference. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1945) 1948: Lord Mount Batten was not made Gover-General of Pakistan. Therefore he created condition of mass migration and killing of thousands of people, says Ghulam Muhammad, Finance Minister of Pakistan (Source: Newspapers). 1949: The process of selling important property and Units starts in Pakistan. The East India Tramway Company is to be sold. The matter is discussed in Karachi. (Source: Newspapers) 1971: Keeping in view the political crisis in East Pakistan and Government’s policy regarding resolving the issue, West Germany stops its economic aid to Pakistan (Source: Newspapers). 1972: Karachi witnesses terrible riots in reaction against Sindhi Language Bill. Army is called to help civilian administration.12 are killed and 150 injured in Karachi and Hyderabad. Z.A.Bhutto invites representatives of Sindhi and Urdu speaking people to discuss the Language Bill. (Source: Newspapers) سور-وند سمهي نه سگهي, ڇا سمهڻ مان سمجهي سور؟ جو محبت منجھ مجبور, سو پهچي پرين در پرڀات جو. Dr.Pathan 8.7.2023 ********** Sindh in history today (8th JuLy). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. 8 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) ************* توجه طلب واقعا ************* 8.7.1921: ڳوٺ ڊينگئ ۾ انور علي شاه جي صدارت ۾ ”خلافت تحريڪ" جو جلسو ٿيو, جنھن ۾ ”ھجرت ڪميٽي" به ٺاهي وئي. ان کان سواء تقريرون ڪندڙن مولانا تاج محمود امروٽئ ۽ پير تراب علي شاه کي مبارڪون ڏنيون ته سندن ڪوششن سان خير سان هجرت ڪندڙن جو پهريون قافلو سنڌ مان روانو ٿيو. 8.7.1921: ڪراچئ ۾ ”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس" شروع ٿي, انھئ جي صدارت مولانا محمد علي جوهر ڪئي. ڪانفرنس ٽي ڏينھن هلي. ڪانفرنس ۾ حڪومت خلاف سخت لهجي ۾ تقريرون ڪيون ويون ۽ حڪومت سان تعاون نه ڪرڻ بابت ٺھراء پاس ڪيا ويا. ان ڪري خلافتي اڳواڻن خلاف بغاوت جو ڪيس ڪيو ويو. انھئ ڪيس جي ڪاروائي گهڻو پوء انگريزئ ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپي هئي. 8.7.1938: تعلقي ميروخان جي ڳوٺ محبوب تونيئي ۾ رئيس ميان عبدالڪريم جي صدارت ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو. ان موقعي تي ٺھراء پاس ڪري 1). فرنگي حڪومت جي فلسطين بابت ظلم تي ٻڌل پاليسئ جي مذمت ڪئي وئي, 2). "جميعت العلماء سنڌ" جي اندروني اختلافن تي ڳڻتئ جو اظھار ڪيو ويو ۽ 3). الله بخش سرڪار جي مسلم ليگ دشمن پاليسئ جي ندا ڪئي وئي. [ پڙھڻدڙن جو توجه هن ڳاله تي ڇڪرائجي ٿو ته ڳوٺ محبوب تونيئي جهڙي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي ماڻھن جي سياسي شعور جو اندازو لڳايو. هتي مسلم ليگ ۽ پاڪستان جون ڳالهيون ٿين ٿيون. پر جيڪي 1947 کان پوء لڏي آيا, انھن اتي پاڪستان ٺاهڻ لاء جي ڪي ڪارناما سرانجام ڏنا ته انهن جي شاهدي نه ٿا ڏئي سگهن. جڏهن ته سنڌ جي وستئ ۽ واهڻ ۽ ڳوٺ ۽ شھر پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ تاريخ جا ورق انھن شاهدين سان ڀريا پيا آھن] 8.7.1945: سنڌي ڪانگريسي اڳواڻ جئرامداس دولترام اڄ ممبئئ ۾ ڪانفرنس جي صدارتي تقرير ۾ چيو ته مسلم ليگ سمورن مسلمانن جي واحد نمائنده پارٽي ناهي. 8.7.1948: گڏيل هندوستان جي مخلوط حڪومت ۾ لياقت علي خان فنانس جو وزير هئو ۽ غلام محمد انھئ کاتي ۾ وڏي عهدي تي فائز هو. لياقت علي خان جي ساڻس اتي ياري ٿي. پاڪستان ٿيو ته غلام محمد ملڪ جي پهرينء حڪومت ۾ مالي وزير مقرر ڪيو ويو. ملڪي مامرن هلائڻ ۾ ٻئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا رهيا. غلام محمد جي سنڌ ۽ سنڌين لاء دل ٺريل ڪانه هوندي هئي. هو اڄ بيان ٿو ڏئي ته اسان لارڊ مائونٽ بيٽن کي پاڪستان جو به گورنر جنرل نه بڻايو, انھئ بدلي وٺڻ لاء ھن ھندو-مسلم فساد ڪرايا. 8.7.1949: پاڪستان ۾ نجڪاري/ادارن کپائڻ جي پاليسي سنڌ کان شروع ٿي. اڄ ڪراچئ ۾ سرڪاري گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ”ايسٽ انڊيا ٽرام وي ڪمپنئ" کي کپائڻ واري مامري تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. 8.7.1961: وڏئ برسات سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڏي تباهي آندي ۽ ٻنھي ضلعن کي سرڪار اڄ آفتزده ضلعا قرار ڏنو. 8.7.1972: ڪراچئ ۾ ٻولئ جي مسئلي تي پناهگيرن رڻ ٻاري ڇڏيو. وڏي پئماني تي خوني هنگاما ڪيا ويا ۽ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ لاء فوج گهرائي ورتي. هنگامن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ 12 بيگناه شهري ماريا ويا ۽ 150 کان مٿي سخت زخمي ٿيا. صدر ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ مان ڪجھ سنڌي ۽ مهاجر نمائندا گهرائي ورتا ته جيئن انهن سان سنڌي ٻولئ واري بل تي نظرثاني ڪرڻ لاء ڳالھ ٻولھ ڪري سگهجي. 8.7.1973: صدارتي رفرنس تي سپريم ڪورٽ رايو ڏنو ته قومي اسيمبلي چاهي ته بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ جو ٺھراء پاس ڪري سگهي ٿي. ************* {8 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 8 جولاءِ 1922ع شاعر احمد خان آصف مصراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 جولاءِ 1924ع صحافي عبدالڪريم سعدي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 جولاءِ 1925ع شاعر گورڌن ناٿاڻي (سڌوجا / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 جولاءِ 1949ع شاعر بشير سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 8 جولاءِ 1973ع صحافي آڪاش چانڊيو (ڳورڙ) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 8 جولاءِ 1967ع فاطمه جناح جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment