Thursday 13 July 2023

Sindh in history today (14th July). English portion of Post by Mumtaz Pathan & Sindhi by. Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 4:07 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th July} and Good Day Wish. ************* Dr.Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Love is an outstanding and essential understanding duly ensured by reciprocation and with same response. If you are one-sided and your love is unilateral, you will be mostly dodged and betrayed terribly . Don't be such type of lover. Don't be in hurry and worried. You can't snatch it or beg for it. On the contrary, you will be violating Self-respect and your own integrity. Be beauty, beloved and lovely so as others can love you. Don't fall in love but rise with sincerity, dedication and human respect in your heart. Let hated and discrimination are not affecting your mind] عقل سان عاشق ٿجي پاڻ ۽ پاڻ ئي ٿجي محبوب، نہ ڪي طالب ٿجي طلب جو نہ ڪي ڪو مطلوب، خوشیون ڪجن خوب، سرت سونھن سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th JULY} EVENTS: 1909: Brahamu Samaj Mandil celebrates Sadhu Hiranand Memorial Day at Khalikdina Hall. Seth Harchandrai is in chair. Prof. S.C.Shahani and Prof.T.L.Wasvani pay homage to the founder of Brahma Samaj, Social reformer, founder of N.H. Academy of Hyderabad- Sadhu Hiranand. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1920: The Daily Al-Wahid, Karachi carries the report about departure of Special Train booked by Jan Muhammad Junijo and other for Sindhi migrants. It is told that more than 50000 people were present at Larkana Railway station on this occasion. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1924: Chaudhri Lal, minister of Punjab is unseated for procuring votes by false impersonation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1924). 1930: In a meeting of Hindus and Muslims of Kambar taluka, Non-Cooperation Movement launched by Khilafat & Congress is condemned at length and it is resoled to ask Government to take proper steps for separating Sindh from Bombay Presidency. Mukhi Gobindram- the Mukhi of 74 Hindu Panchayats takes active part. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1940: The important meeting of the Working Committee of the Sindh Muslim League held at Karachi with Haji Abdullah Haroon in chair resolve to hold Sindh Provincial Muslim League Conference at Larkana and Sir Sikandar Hayat, Premier of Punjab be requested to preside. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute) 1942: The All-India Congress Committee passes ‘Quit-India Resolution’. 1945: The official announcement of the failure of the leaders conference is made by Lord Wavell when the conference resumed its sitting at Simla for the last time.”On final examination and analysis of the Wavell Plan we found that it was a snare. There was the contribution of Gandhi Hindu Congress, who stand for Indian’s Hindu National independence as one India”, says M.A.Jinnah. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1945). 1955: Muslim League adopts resolution ‘One-Unit’ resolution. (Source: Newspapers). 1972: Larkano witnesses ugly language riots. Curfew is imposed. (Source: ibid) 1977: Civil war had knocked doors of our society , my action was timely and it will pave way for restoration of peace in the country, says Zia in its first Press Conference. (Source: Newspapers) EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th July) By: Dr. Pathan ** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ناليواري سماج سڌارڪ ساڌو هيرانند جي ورسي ملهائي وئي، براهمو سماج مندر طرفان ڪوٺايل تقريب ۾ سيٺ هرچند راءِ مشنداس، پروفيسر ايس سي شهاڻي ۽ پروفيسر ٽي ايل واسواڻي شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ساڌو هيرانند جي زندگي تي روشني وڌي وئي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مشهور اخبار روزاني ”الوحيد“ اها رپورٽ شايع ڪئي ته بئرسٽر جان محمد جوڻيجو هجرت تحريڪ لاءِ خصوصي ريل گاڏي بڪ ڪرائي آهي، جيڪا سنڌي مسلمانن کي پشاور ۽ افغانستان کڻي ويندي، لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن تي 50 هزار ماڻهو موجود هئا.جيڪي افغانستان منتقل ڪيا پئي ويا، بئريسٽر جان محمد جوڻيجي هجرت تحريڪ هلائي هئي، جيڪا بدقسمتي سان ڪامياب نه ٿي سگهي هئي. ** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قمبر ۾ سنڌي هندو ۽ مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس طرفان شروع ڪيل عدم تعاون تحريڪ جي حوالي سان غور ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ان موقعي تي مکي گوبندرام ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ** 1940ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت حاجي عبدالله هارون ڪئي، انهيءَ گڏجاڻي ۾ مسجد منزل گاهه معاملي جي انڪوائري ۽ پارٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي معاملن تي غور ڪيو ويو. ** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي ٺهراءَ پاس ڪري ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ جي حمايت ڪئي. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ ون يونٽ جي حمايت ڪري ڇڏي، ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ٻوليءَ وارن فسادن دوران ڪرفيو لڳايو ويو. واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي مان ٻولي وارو بل پاس ٿيڻ بعد ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ فساد شروع ٿي ويا هئا. ** 1977ع ۾ جنرل ضياءُالحق مارشل لا لڳائڻ واري قدم جو دفاع ڪندي چيو ته منهنجي انهيءَ قدم ملڪ کي گهرو ويڙهه کان بچائي ورتو آهي. ************* اڄوڪي ڏينهن 14 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 14 جولاءِ 1907ع ليکڪ غلام اصغر ونڊير جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1919ع سماج سڌارڪ ۽ قانوندان آخوند الهه بچايوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1914ع ليکڪ گوبندرام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1920ع شاعر عبدالله اثر (ٻيڙو چانڊيو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1926ع ليکڪ پرم اڀيچنداڻي (خيرپور / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1937ع ليکڪ سيد ظفر حسن (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1937ع شاعر اصغر خاصخيلي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1942ع شاعر مدد علي شاهه منظر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1945ع ليکڪا مهتاب محبوب جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1952ع شاعر احمد علي صابر چانڊيو (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1952ع سياستدان مير عنايت علي ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1957ع شاعر مظفر حسين طيب (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1961ع شاعر محبتي منظور زرداري جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1970ع اداڪاره ماهه نور بلوچجو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1979ع شاعر شاهه خالد بکري جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1984ع شاعر امام بخش عاجز جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 14 جولاءِ 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري (ڦلجي اسٽيشن) جو لاڏاڻو ٿيو. 14 جولاءِ 1975ع برصغير جو مشهور موسيقار مدن موهنديهانت ڪري ويو. 14 جولاءِ 1978ع سنڌي ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل(خيرپور) کي قتل ڪيو ويو. 14 جولاءِ 2005ع سياستدان ۽ ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجي جو انتقال ٿيو۔

No comments:

Post a Comment