Sunday 16 July 2023

Sindh in history (17th July). English Portion of the Post by Mumtaz Ali Pathan & Sindh Portion by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 3:17 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th July} and Good Day Wish. ************* Good Day. [My Dear! I am in Valley of wandering people. Every body is busy to extent that as they have a big task to be completed without fail. Vision & wisdom, beauty & love is very much there, but not in their hearts and minds. However, they are visible in every page of their history] ‏در بدر ھئ شھر اندر، ‏بي سوچ لوچون بی اثر.‏ ‏دل نہ جانب جو ئي گھر،‏ ‏چئبو سلامن کان بي خبر.‏‎ ‎ ************* SINDH IN HISTORY TODAY {17th JULY} EVENTS: 1854: First ever Annual Report of the Karachi Municipality is made public. It reveals that last year the annual income of the Municipality was Rs.13514 and the Development works included digging of new Wells, Water supply to Bunder Road area, construction of a school building and purchase of a plot for Hospital etc (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1909: Harchandrai Vishindas, the president of Sindh Hindu Sabha sends telegram to the Viceroy of India protesting against demand of Sindh Muslims regarding representation in reformed Legislative Councils. He writes that the demand of Muslims is causing deep resentment among other communities. (Source: The Daily Gazette, Karachi) 1920: Munshi Allah Bux, Moulvi Muhammad Azim; Qazi Azizullah; Wadero Muhammad Amin and Haji Ghulam Muhammad Hakro , all belonging to Buthi village were suppose to appear in person before Deputy Collector of Ratodero for explaining their position regarding advocating Non-Co-Operation, but they remained absent on plea that they were not bound to obey orders of the Government that is anti-Islam and anti-people. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1928: The eminent leaders of Hindu and Muslim communities and other minorities of Sindh enter into a ‘Communal understading and Pact’ agreeing to the separation of Sindh from Bombay Presidency. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1932: The Prime Minister’s award regarding communal representation in Indian Provincial councils is announced simultaneously in England and India. It proposes separate electorate. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1932). 1934: A public meeting is held at village Hasul of taluka Kamber after Sun set. Moulvi Muhammad Ibrahim Buthvi and Moulvi Abdul Karim Buthvi advised people to vote for Haji Abdullah Haroon and Shaikh Abdul Majeed Sindhi candidates for Bombay Legislative Council. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1948: KalatState National Party formed in 1930 is declared unlawful. (Source: Newspapers). 1955: Khan Abdul Ghafar Khan launches anti-One-Unit movement. (Source: ibid). 1976: 159 Jining factories, 35 Flour mills;675 Rice mills of Sindh are nationalized. (Source: Newspapers). 1993: President Ishaq and Prime Minister Nawaz Sharif agree to step down from their offices. (Source: ibid) EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th July) By: Dr. Pathan ** 1854ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ميونسپالٽي جي پهرين سالياني رپورٽ پڌري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ميونسپالٽي جي سالياني آمدني 13514 رپيا رهي، جنهن مان ترقياتي ڪم ڪرايا ويا، انهن ترقياتي ڪمن ۾ نوان کوهه کوٽڻ، واٽر سپلاءِ اسڪيم شروع ڪرڻ، هڪ اسڪول جي تعمير ڪرائڻ ۽ اسپتال لاءِ پلاٽ حاصل ڪرڻ شامل هئا. ** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هندو سڀا جي صدر هرچند راءِ وشنداس هندستان جي وائسراءِ کي ٽيليگرام موڪلي ريفارمڊ ليجسليٽو ڪائونسلن ۾ سنڌ جي مسلمانن کي نمائندگي ڏيڻ واري مطالبي جي مخالفت ڪئي، هن ٽيليگرام ۾ لکيو ته مسلمانن جو اهو مطالبو ٻين ڪميونٽيز لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي منشي الهه بخش، مولوي محمد عظيم، قاضي عزيز الله، وڏيري محمد امين ۽ حاجي غلام محمد هڪڙو کي رتوديرو جي ڊپٽي ڪليڪٽر آڏو پيش ڪيو ويو، انهن سڀني ماڻهن جو تعلق بٺي ڳوٺ سان هو، هنن کان عدم تعاون تحريڪ جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو ويو، هنن جو چوڻ هو ته اهي حڪومت جا اسلام مخالف يا وري عوام مخالف حڪم قبول ڪرڻ جا پابند ناهن. ** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلمان، هندو ۽ ٻين ڪميونٽين جي اهم اڳواڻن سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ واري معاملي تي اتفاق ڪري ورتو ۽ ان حوالي سان هڪ سمجهوتي تي راضپو ظاهر ڪيو. ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعلقي قمبر جي ڳوٺ هسل ۾ عوامي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مولوي محمد ابراهيم بٺوي ۽ مولوي عبدالڪريم بٺوي عوام کي صلاح ڏني ته اهي حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏين، جيڪي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي سيٽن تي اميدوار هئا. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قلات اسٽيٽ نيشنل پارٽي کي غير قانوني قرار ڏنو ويو، اها جماعت 1930ع ۾ ٺاهي وئي هئي. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان ون يونٽ خلاف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جون 159 جننگ فيڪٽريون، 35 فلور ملون ۽ 675 رائيس ملون قومي تحويل ۾ ورتيون ويون. ************* اڄوڪي ڏينهن 17 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 17 جولاءِ 1871ع شاعر نواب غلام لغاري (تاجپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1910ع صحافي ۽ آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن تلوڪ تلسياڻي(ڪنڊيارو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1921ع شاعر ڄيٺانند بيتاب (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1933ع شاعر پيرل قمبرجو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1936ع ليکڪ يار محمد جهانگي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1936ع شاعر ساڌورام عجيب (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1942ع شاعر ايشور ڀارتي (ٽنڊو آدم / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1955ع شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ پي ٽي وي جي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر تاجدار عادلجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 17 جولاءِ 1816ع اسڪالر حافظ ابو محمد سالم جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1940ع آزادي تحريڪ جي اڳواڻ حسارام پمناڻي (روهڙي) جي وفات ٿي. 17 جولاءِ 1974ع شاعر ڇٽل خان مسڪين جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1978ع شاعر شاهه محمد نوحاڻي جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1993ع ناليواري صحافي فقير محمد لاشاريجي روڊ حادثي ۾ وفات ٿي. 17 جولاءِ 2007ع اداڪار وفا ڀٽي جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment