Wednesday 2 August 2023

SINDH in history today (3rd August). Post in English By Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {3rd August} andebele Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Though, my dear is different and not difficult, but distance and differences have made everything difficult. I accepted her/him as a human-being, but he/she is always behaving like an Angel. Whereas, angels never believe in human contacts, connections and relations. Therefore, dear can't dare to listen, understand and accept me. Reciprocation is not in his/her nature. Again and again I have to make him/her believe that he/she is love & beauty, but have found him/her abiding by hatred and discrimination.] جن کي سمجهيوسين ماڻھون سي تان نڪتا فرشتا, خبر ڪهڙي فرشتن کي تہ آھن ڇا روح سندا رشتا, ان لاء سمجهن ڪو نہ سپرين سور پنهنجا سربستا, پرين ڪو نہ پرتا, تان جو ڪياسين سلام سرت سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {3rd AUGUST} EVENTS: 1838: Mir Rustam Khan is approached by the Government of India to put the frantic Nasr-u-ddin in confinement and to hold him responsible for mischief committed by him with Diplomats of their Government. (Source: Letter of dated 3rd August 1838). 1844: Sir Charles Napier, Governor of Sindh makes complain to Government of India against Lieutenant Colonel Outram that he had published a libel in the public prints reflecting on his character as Governor of Sindh and demands protection against the libel in question. (Source: Governor’s letter of 3rd August 1844). 1949: Sindh Commissioner issues orders that English year be adopted in revenue proceedings and accounts. Source: Order/Circular No.1536). 1920: In response to the call of the Sindh Khilafat Committee for Non-Co-Operation with the Government, Mulan Muhammad Bachal of Muhammad Hassan Jalbani village announces not to apply or accept Government aid for his Maktab/School in future. (Source: Al-Wahid, Karachi) 1939: The 89 political prisoners who were on hunger-strike in the Dum Dum and Alipur jails since July 7, decided to suspend their fast for two months. The decision followed an appeal by Sj. Subahas Chandra Bose. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1939). 1947: Governor-Generals for India and Governors for Provinces are appointed. M.A. Jinnah is appointed as the Governor-General of Pakistan whereas Sir Ghulam Hussain Hidayatullah is appointed as Sindh Governor. (Source: Newspapers). 1971: Z.A. Bhutto demands quitting of Pakistan from Common Wealth. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1990: It is turning point in the history of Sindhi Journalism. The ‘Kawish’ is founded by Ali Qazi at Hyderabad . It is breakthrough in the field of readers approach. Now Sindhi people and Journalism are near and dear to each other. 1992: Despite threats of mass resignations by the PDA, my Government will complete its term, claims Nawaz Sharif. (Source: ‘Source-Material on PML-N’, compiled by Gul Hayat Institute) منهنجا سانگي ستل صدين کان, اڄ ڪلھ جاڳندي پڻ ستل; مٿن حالتن جي ڌرتي متل, وسن مصيبت جا مينهن ان ڪري. ************* Sindh in history today (3rd August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 3 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتن جي واقعاتي تاريخ". ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 3.8.1838: مير رستم خان کي ڪمپني گذارش ڪئي ته نصرالدين کي پڪڙي گرفتار ڪيو وڃي. هو ڪمپني حڪومت جي سفارتڪارن سان اڍنگو هليو آھي ۽ سنڌ ۾ اسان (فرنگين) جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيو آھي . (حوالو: فرنگي سرڪار جو 3 آگسٽ 1838ع جو خط). 3.7.1839: فرنگين سنڌوندئ ۾ آگبوٽ ھلائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. آگبوٽن جي اينڌن لاء ڪاٺ جي پوڻ لڳي ته اڄ پاٽينجر صلاح ڏني ته سنڌ جي ٻيلن جو بچاء ڪجو. باقي ٺيڪي يا ٻئي طريقي سان آگبوٽن لاء ڪاٺ جو بندوبست ڪجو. (حوالو: پاٽينجر جو ليفٽيننٽ ليڪئ کي خط). 3.8.1844: سر چارلس نيپئر ، سنڌ جو گورنر جي حيثيت ۾ گورنر جنرل کي اڄ خط لکي دانھن ڏني ته ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام مون بابت اخبارن ۾ باه ٻاري ڏني آھي. هن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ مون کي سندس شر کان بچايو وڃي (حوالو: نيپيئر جو 3 آگسٽ 1844 وارو خط). 3.8.1849: سنڌ ڪمشنر آرڊر جاري ڪيا ته روينيو جي ڪارروائين ۽ اڪائونٽس ۾ هاڻي عيسوي سال اختيار ڪيو وڃي. (حوالو: ڪمشنر جي آفيس جو آرڊر / سرڪيولر نمبر 1536). 3.8.1920: اڄ حڪومت سان عدم تعاون ڪرڻ واري سنڌ خلافت ڪميٽي جي سڏ جي جواب ۾ ، محمد حسن جلباڻي ڳوٺ جي مولانا محمد بچل مستقبل ۾ پنهنجي مڪتب / اسڪول لاءِ سرڪاري امداد وٺڻ يا قبول نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو. (ذريعو: الوحيد ، ڪراچي). ياد رهي ته هن تحريڪ دوران بيشمار سنڌين سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ سرڪاري نوڪريون ڇڏيون ۽ ڪيترا جيلن ۾ ويا. انھن سمورن ماڻھن جي قربانين جو تفصيل گل حيات گڏ ڪري Sorrows & Longings of Freedom Fighters جي نالي سان ڪتاب ٺاهي ويب سائيٽ تي رکي ڇڏيو آھي. 3.8.1939: 89 سياسي قيدي جيڪي 7 جولاءِ کان دم دم ۽ علي پور جيلن ۾ بک هڙتال تي هئا ، انهن سباش چندر بوس جي گذارش تي, ٻن مهينن لاء بک ھڙتال معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليوم -ٻيو ، سال 1939). 3.8.1947: پاڪستان ۽ انڊيا لاءِ گورنر جنرل ۽ باقي صوبن لاءِ گورنر مقرر ڪيا ويا. ايم اي جناح کي پاڪستان جو گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سر غلام حسين هدايت الله کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو آهي. (حوالو: سرڪاري نوٽيفيڪيشنس). 3,8.1971: ذوالفقار علي ڀٽي مطالبو ڪيو ته پاڪستان "ڪامن ويلٿ" مان ٻاهر نڪري.(حوالو: ‘ڀٽي خاندان بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب/گڏ ڪيل مواد). 3.8.1990: اڄ سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ آيو جو حيدرآباد مان روزنامه ‘ڪاوش’ اخبار ڪڍي وئي. 3.8.1992: " پي ڊي اي پاران وڏي پئماني تي استعيفيٰ جي خطرن جي باوجود ، منهنجي حڪومت مدو پورو ڪندي"- ، نواز شريف جي دعويٰ. (حوالو: ‘مسلم ليگ ن' تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب/گڏ ڪيل مواد). [ولادتون]: 3 آگسٽ 1934ع شاعر غازي ٽکڙائي. 3 آگسٽ 1952ع ليکڪ جڳديش ڀاٽيا (الهاسنگر). 3 آگسٽ 1953ع شاعر کيمچند شرما (ٿاڻو بولاخان). 3 آگسٽ 1955ع سياستدان جنيد سومرو (شڪارپور). 3 آگسٽ 1967ع ليکڪ قادر شيخ (لاڙڪاڻو). 3 آگسٽ 1968ع شاعر غوث پيرزادو. 3 آگسٽ 1968ع شاعر جوش منگي (پنجوديرو). 3 آگسٽ 1969ع ليکڪ زاهد سومرو (پڊ عيدن). [وفاتون]: 3 آگسٽ 2008ع صحافي ۽ سماجي ڪارڪن امان الله بلوچ. 3 آگسٽ 2014ع سياستدان بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي.

No comments:

Post a Comment