Monday 3 July 2023

Sindh in history today (4th July), By. Mumtaz Pathan & Dr.Pathan

ENGLISH PORTION BY MUMTAZ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th July} and Good Day Wish. *********** EVENTS: 1916: It is reported from a French source that the firm of Pohomal & Brothers, with branches in Algiers, Ceuta, Melilla and Tenerife is suspected of assisting in distribution of German Oriental propaganda literature.(Source: ‘Source-Material on Sindh Works’, compiled by Gul Hayat Institute). 1926: Meeting of Calcutta Hindus protests against the Government Communiqué of ‘No Music Before Mosque;. J.N.Basu, the President, dwelt on the legal aspect of the question. Goswami characterized the action as a ‘pig-headed and perverse’. (Source: Indian Annual Register, Vol-11, 1926) 1939: Sir Sikandar Hayat Khan, Premier of Punjab, speaking at a luncheon party in Bombay, stressed on need for drawing up an alternative scheme of Federation to one adumbrated in the Government of India Act. Present one permits interference in provinces/state by Centre, he says. (Source: Indian Annual Register, Vol-11,1939). 1941: The Conference of Hindu leaders which is held in Benares,considers the riots situation in India, and comes to the conclusion that Hindus should organize volunteer defence associations in their wards, or grups of villages. Pandit Madan Mohan Malviya addresses the Conference, and among others Dr.Shyama Mukherji, Master Tara Sing and Dr. B.S.Moonji are present. (Source: Indian Annual Register, Voll-11,1946). 1950: Pakistan will crush Communists with iron hand, says Liaquat Ali Khan, the Prime Minister of Pakistan, in London (Source: Newspapers). 1962: Ladies stage protest in front of the President House against withdrawal of Family Law Act. (Source: Ibid). 1972: Sindhi is declared as the provincial language of Sindh (Sourse: Newspapers). 1977: I am ready to sign PNA-PPP agreement today, says Z.A.Bhutto, the Prime Minister of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). ************ MORE EVENTS: 1946: The Indian Independence Bill is presented in the British House of Commons. Under thd provisions of this Bill lega sanction is accorded to the names 'PAKISTAN' & 'INDIA' by which the two new "Dominions" to be carved out of the Indo-Pakistan Sub-continent are to be Known. 1949: The Burma Oil Company Pakistan (Concessions) Ltd., findr Oil at the Balkassar test-well in West Pakistan. 1950:Communists will not be given free hand in Ashia, says Liaquat Ali Khan, P. M. Of Pakistan. 1958: Addressing a public meeting in peshawar, KhanAbdul Qayyum Khan, President of Pakistan Muslim League, warns that his party would start a revolution unless elections are held on schedule. 1959:Idea is being floated that Karachi be made Free Port. 1961: Rohri Bridge is named after Ayoob Khan. 1963: West Pakistan Assembly remove Mr.Mobinul Haque Siddiqui from the speakership of the assembly, by a noconfidence vote. 1964: Chairman Mao Tse-Tung of China receiving the Pakistan Commerce Minister in Pekhng (Beijing), expresses the hope that Sino-Pakistan Friendship would Continue to grow. 1965: The Council of Pakistan Newspaper Editors (CPNE), at its general body meeting in Karachi, approves the draftcode of press ethics after discussions between negotiating Committee of the council & Information & Broadcasting Ministry. 1966: People's Republic of Chaina & Pakistan sign a trade protocol for exchange of goods. 1969: Pakistan & India sign the final maps of the Rann of Kutch in Islamabd. 1977: Talks likely to resume tommorow. Bhutto ready to sign the "agreed" draft. Warns of re-opening as manynew points as PNA might do & responsibility for delay im the settlement would be on the oppositon parties. Mufti Mahammud wants only adequate constitutional safeguards for fair elections. 1979: Black day was observed against the Budget. Miss Benazir Bhutto said that budget was a white paper a PNA's Ministers & Gen. Zia's regime. 1981: Japan & Pakistan sign an agreement for providing debt relief of ¤47.5 million to Pakistan. 1954: America firm terminatesF-16 deal with Pakistan on the plea of Pakistan's refusal to pay a token money of 25 milion dollars to Lockheed company. 1995: 12 Provinces for Pakistan Suggested this suggestion was made at a meeting held at the School of African & Oriental Studies (ROAS), London University, to Lunch a book written by asenior Pakistan Journalist Mr Qutubuddin Aziz. 1996: Prime Minister Benazir Bhutto inaugurates the first 300 MW unit of 1972 MW HUBCO power plant atHub in Blochistan. ************ SINDHI PORTION BY DR>PATHAN Good Day Wish ڏينھن ٿيڻ ۾ به گهڻا ڏينھن لڳي ويندا ٿئي, ”صبح صادق" کان اڳ "صبح ڪاذب" ايندا ٿئي; رات ڪاري سدائين وڏي ۽ ڀيانڪ ئي ٿيندي آ, سرت-وند صبح لاء سر ڏئي سا پوء ڪٽيندا ٿئي. Dr.Pathan wishes you Good Day. [دن ہونے میں بہت دن لگ جاتے ہیں۔ کیوں کہ بھیانک کالی راتیں بہت طویل ہوتی ہیں اور وہ ”صبح صادق“ سے پہلے ”صبح کاذب“ کا ڈھونگ رچاتی ہیں۔ ایسی راتوں کو اہل دانش لوگ جان نثاری سے کاٹ لیتے ہیں اور صبح کی پہلی کرن دیکھ لیتے ہیں Dr.Pathan. 4 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا ************* 4.7.1839: پاٽينجر اڄ گورنر جنرل کي سنڌ جي صورتحال بابت گهڻو ڪجه لکي ٿو,جنهن جي وڏي تاريخي اهميت آھي. خط جهڙوڪ اڻ-ٻڌايل ڳالهين تان پڙدو هٽائي ٿو. پاٽينجر لکي ٿو: 1). مون ميرن کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو آھي ته ڪراچي بندر هاڻي انگريز سرڪار جو بندر آھي, 2). مير بندر ذريعي ايندڙ ويندڙ سامان تي اسان جي مرضئ ۽ م نظورئ سان محصول هڻي سگهندا, 3). جڏهن جان ڪين فوج وٺي ڪراچئ اچي رهيو هو ته مير نور محمد خان پاڻ صلاح ڏني هئي ته فرنگي فوج منوڙو ٻيٽ پنھنجي هٿ هيٺ رکي, 4). ميرپور واري مرحوم علي مراد (مير شير محمد جي والد) گهڻو اڳ آڇ ڏني هئي ته هو اسان سان باقي ميرن کان الڳ ٺاه ڪرڻ گهري ٿو. مان ميرپوري حاڪم, سندس خاندان ۽ ملڪيت جي تفصيلي رپورٽ ٺاهي جلد موڪليندس. 4.7.1840: سنڌ جي غلامئ ۾ اڃا ڪجه سال پيا آھن. پر, سنڌ ۾ فرنگي عملدار ڪيترين ڳالهين ۾ جهڙوڪ آزاد ۽ خود مختيار هئا. اڄ ممبئي سرڪار کان ڏکڻ سنڌ واري فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي حڪم پهتو ته ڪڇ, گجرات ۽ سنڌ جي سرحدي ۽ وچ واري پرڳڻي جي سروي ڪرايو ۽ اها رپورٽ ٺاهي موڪليو. 4.7.1840: ميجر آئوٽرام اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مير مبارڪ خان 19 جولاء 1839 تي وفات ڪري ويو هو. اسان جي سرڪار سندس زندگئ ۾ کيس شاه شجاع کي ست لک روپيا ڏن ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. هو ڏن ڏڻ کان اڳ مري ويو ۽ هاڻي سندس پونئرين مان ڪوبه ست لک روپيا ڏن ڏيڻ لاء تيار ڪونهي. هوڏانھن شاه شجاع باه ٻاري ڏني آھي ته ڏن وٺي ڏيو, پوء ان لاء ڇونه مرحوم مير جي ملڪيت وڪرو ڪئي وڃي. 4.7.1916: هند جي فرنگي سرڪار کي جاسوسن ذريعي سڌ پئي ته سنڌي واپاري پوهومل جنھن جون ڪيترن ملڪن ۾ تجارتي ڪوٺيون آھن, سو انھن ڪوٺين ذريعي مختلف ملڪن ۾ جرمنئ جا ترجمو ٿيل ڪتاب, پمفليٽ ۽ ٻيو مواد پهچائن ٿا. اهو لٽريچر برطانيه ۽ انگريزن جي خلاف هوندو آھي. 4.7.1926: ڪلڪتي ۾ اتان جي سرڪار مسجدن اڳيان ميوزڪ وڄائڻ تي پابندي وڌي. انھئ ڳالھ اتان جي هندن کي ناراض ڪري ورتو ۽ ڪلڪتي ۾ وڏو احتجاجي ميڙاڪو ڪيائون. [واقعي بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آھي ته اهو ٻڌائي سگهجي ته سنڌ ۾ ھندو خواھ مسلمانن مذهبي ڪٽرپڻي پکيڙڻ جون بلاشڪ گهڻيون غلطيون ڪيون, پر هن قسم جون ڀيانڪ غلطيون نه ڪيائون] 4.7.1950: پاڪستان جي وزير اعظم لنڊن ۾ تقرير ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪميونسٽن کي مضبوط هٿن سان چٿيو ويندو. 4.7.1972: پيپلز پارٽئ جي حڪومت مهاجرن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواء سنڌي ٻولئ کي "صوبائي ٻولي" بنائڻ جو فيصلو ڪيو.[جنھن تي جلد ئي ڪن دليون ورهائيندڙ پناهگيرن سنڌ دوست پناهگيرن کي اعتماد ۾ وٺڻ بدران پاڻ-هرتو رڻ ٻاري ڏنو ۽ اسيمبلئ ۾ پاس ٿيل بل گهٽين ۾ رد ڪرايو ويو ۽ ان کي نفرت خواه مفادن جو بنياد بڻائي سنڌ جي حڪمرانئ ۾ دائمي حصيداري حاصل ڪري ورتائون] 4.7.1977: ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته مان اڄ پي.اين.اي واري ٺاه تي دستخط ڪرڻ لاء تيار آھيان. [پر ڪجھ ڪلاڪن کان پوء ڪايا پلٽجي وئي] ************* اضافي واقعا ************* ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر اي جي برائون چارلس نيپيئر جي چوڻ تي سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جي پٽيشن بمبئي سرڪار جي سيڪريٽري کي موڪلي ڏني، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته سنڌ جي حڪمرانن پنهنجي پٽيشن ۾ انتهائي خراب ٻولي استعمال ڪئي آهي. ** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪلڪتا ڪارپوريشن ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ اهو سوال اٿاريو ويو ته بنگالين کي اردو لازمي سکڻي پوندي، گڏجاڻي ۾ ڪيترن ئي ڪائونسلرن چيو ته اهو رويو صحيح نه آهي، جڏهن ته انهن اها تجويز ڏني ته جنهن کي به بنگال ۾ رهڻو آهي يا ڪاروبار ڪرڻو آهي، ان کي بنگالي ٻولي لازمي سکڻي پوندي. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير الاهي بخش کي ڪراچي جو انتظام وفاق حوالي ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهين لاءِ نامزد ڪيو ويو. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي وفاقي حڪومت حڪم جاري ڪيو ته هندستان مان آيل مهاجرن بابت سروي ڪئي وڃي ته انهن مان ڪيترن کي ملڪيتون نه مليون آهن، انهيءَ سروي بعد بي گهر پناهگيرن کي سرڪار طرفان ملڪيتون الاٽ ڪيون ويون. ** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو کي پاڪستان جو وقتي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو. ************ {4 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 4 جولاءِ 1904ع شاعر ۽ اسڪالر لطف الله بدوي(شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1907ع سنڌي جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالستار پيرزادو (سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1919ع ليکڪا ۽ عورتن جي رسالي جي ايڊيٽر زينت عبدالله چناجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1920ع شاعر ابڙو غلام هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1937ع شاعر محسن ڪڪڙائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1947ع شاعر امام ڏنو آسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1947ع ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار شوڪت حسين شوروجو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1951ع اداڪار اشوڪ ماکيجاڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1969ع مصور سعيد منگي(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1972ع صحافي حاجي محمد عظيم (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ ناليواري شاعره ۽ ليکڪا زيب نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 4 جولاءِ 2000ع ناليواري راڳي علڻ فقيرجو انتقال ٿيو. 4 جولاءِ 2005ع شاعر محسن عباسي جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment