Thursday 6 July 2023

Sindh in history today (7th July). English Portion by Mumtaz Pathan & Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY [7th July] and Good Day Wish. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ There is something wrong. But, surely it is men-made and not natural. This system has been designed and managed in such a way that all sources & resources only belong to you. Only you are my Ideological Scholar, Political Leader and Beauty & Beloved. Me, and people of my Motherland are born to follow you, obey you and bow before you unconditionally. Under this system I am to be ruled & ruined, but can't be share holder in ruling. As per this system I am bound to love & respect you, but can't be loved & respected. Dear! Still I love you, but hate your system. Because, it is encouraging you to violate human-values and promote hatred & discrimination ] دل دنيا ۽ دين سياست ۽ رياست جا سارا رستا سڀ چارا, تنهنجئ ڄڻ ڪي مٺ ۾ اسان ڄڻ ڪي بيوس ويچارا, اسان هيڻان پاڻ نہ وهيڻا فقط طلبيون تنهنجا سهارا, سک لاء تڙپيون عزت محبت لاء سڪون دل ڌرتئ وارا ************** SINDH IN HISTORY TODAY [7th JULY] EVENTS: 1858: Allah Rakhio and 24 others are killed by Umed Ali Chhuto and his comrades. Captain of Sindh police is directed by the Commissioner to ensure that they are captured. (Source: Sindh Commissioner’s letter No. 1429). 1910: The lodge of the Theosophical Society is chartered in Khairpur Mirs. Sardar Natha Sing becomes its founder president. (Source: The Report of the Theosophical Society ) 1918: His Majesty’s Minister at Panama, notifies that departure of on Parmanand Shewaram (Sindhi Hindu) from Colon to Cadiz on a Spanish steamer and describes him as VERY ANTI-BRITISH. It was reported that on arrival at Cadiz the man was seen to hand over some documents to the German Consul there. (Source: ‘Sour-Material on Sindhworkis’, compiled by Gul Hayat Institute). 1922: The services of the Newspaper of Sukkur, ‘Sindh Zamindar’ are lauded in the meetinh of Kazi Ahmad Aman Sabha. It is said that like Sindh Zamindar we must be voice of the Government and work effectively in combating Non-Co-Operation Movement. Diwan Teckchand Gurmukhdas and Sanwaldas are the leaders of local Aman Sabha. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1924: Bengal sets new example. Governor, on behalf of the Crown had dissolved Bengal Council. It was challenged in court by ministers. Today, the court grants injuction and it is declared in the judgment that Bengal Council shall stand prorogued. (Source: The Indian Annual Register, Voll-11, 1924) 1925: How to launch movement? Akalis set trend. Since last year they started their struggle for acceptance of political, social and religious demands. They sent Jatha (Group of volunteers) of 25 to Jaito, daily to participate in movement and prove their unity in streets and everywhere. Today, Gurdwara Bill is passed by the Punjab Council and prisoner Akalis are released. Hence agitation is withdrawn by Akalis. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1928: Shaikh Dr.Muhammad Alam presides over the Sindh Muslim Political Conference in Karachi. It is result of joint efforts of Sindhi Muslim Upper Class to introduce the issue of separation of Sindh at all India level. For this purpose president of Some Conferences were also brought from outside. This event was followed by four Azad Conferences, and they were held on 18th April, 1932 at Karachi; 15th November, 1932 at Hyderabad; 26th April, 1934 at Sukkur and 28th July, 1934 at Karachi. (Source: The India Annual Register, Vol-11, 1928/G.M.Syed’s book “Sindh Ji Bombay Khan Azadi’ and Gul Hayat Collection on the topic). 1938: Monin Jamiat is formed at Bihar. In its Conference, the resolution is passed condemning the Muslim League as trying to deprive the people of their rightful place and asserting that the Muslim League did not present them. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1938). 1943: An Appeal issued by G.M.Syed, the President of Sindh Muslim League is carried out by press. Sindhi Muslims are asked to observe ‘Local industry & trade promoting Day’ be observed on 16th of July. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1950: No any Muhajir has been sent to jail. It is propaganda to bring bad name to the Sindh Government, says Kazi Fazlullah, Chief Minister, Sindh. (Source: An interview with Kazi Sahib, by Dr.Pathan) 1956: Red Shirt Party is declared unlawful in West Pakistan. (Source: Notification of the Government of West Pakistan). 1977: Official Notification regarding the removal of Prime Minister and ministers from their position is issued. (Source: Newspapers). Dr.Pathan. 7 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل نرالو سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 7.7.1910: اڄ ڪلھ جيئن ماڻھن کي روٽري ڪلب ۾ شريڪ ٿيڻ جو شوق آھي ۽ گهڻن دوستن کي ان جي مخفي بين الاقوامي مقصدن مان هڪ ظاهري مقصد جي خبر آھي ته انھئ ذريعي عالمگير برادري جوڙي پئي وڃي, تيئن انگريزن جي زماني ۾ ٿياسافئ به سنڌي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن متوجه ڪيو. ان جا مقصد به لڳ ڀڳ ساڳيا هئا. اڄ خيرپور ميرس ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽئ جي لاج/شاخ کولي وئي. سردار ناٿاسنگ انھئ جو باني صدر ٿيو. 7.7.1918: پئناما واري برطانوي سفير برطانيه ۽ هندوستان جي فرنگي حڪومت کي اطلاع ڏنو ته سنڌي واپاري (سنڌ ورڪي) پرمانند شيوارام هڪ اسپينش آگبوٽ ذريعي ڪولون مان هليو آھي. هو مختلف بندرن تي لهي شهر وڃي جرمنئ جي سفارتخاني ۾ ڪجه مخفي دستاويز ڏيندو ۽ وٺندو پيو وتي. [ انگريزن جي زماني ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين انگريزن خلاف ايئن ڪم ڪيو ۽ وطن جي آزادئ خاطر وڏي جوکم جا ڪم ڪيا. ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي اڄ به وڏي تعداد ۾ آھن. ڪن سنڌين اتي پنهنجون تنظيمون به ٺاهيون آھن. ڪي اتان جي قاعدي قانون مطابق سورن جا مذڪور به دنيا کي ٻڌائن ٿا. پر اهي گروهي سماجي ۽ ثقافتي ڀنور مان جند ڇڏائي سنڌ لاء انقلابي ۽ مثالي ڪم نه ٿا ڪري سگهن. هو جلوسن ڪڍڻ, ڪانفرنسن ڪرڻ ۽ آن لائين مذاڪرن ذريعي سنڌ جي درد جي دوا نه ٿا ڪري سگهن. مثال زورئ کنڀي کنيلن لاء واڪ به ڪن ٿا ۽ ٽاڪ به ڪن ٿا, ليڪن بين الاقوامي عدالت ۾ ڪيس داخل نه ٿا ڪن. ڏک جي ڳاله اها آھي ته "شھيدن جا ڏينھن" ملهائيندي فنڪشن جي پڄاڻي ناچ گاني سان ڪري شھيدن جو روح رنجائن ٿا. گم کي هو خوشئ سان ملهائن ٿا. مون ڪيترا دفعا لکيو آھي ته اهي جيڪڏهن وطن دوستئ وارو انقلابي ڪم نه ٿا ڪري سگهن ته 1). “سنڌ فند" قائم ڪري ٻوڏين, بارشن ۽ وبائن وقت متآثر سنڌين جي دوا درمل ۽ لٽي ڪپڙي ۽ تنبن ۽ شامينن پهچائڻ جو ڪم ڪن, 2). سنڌ بابت ٻاهرين ملڪن جي لائبرريز مان مواد/معلومات هٿ ڪري, پنهنجي ويب سائيٽ ٺاهي ان تي رکن ۽ سنڌ ۾ ھڪ لائبرري قائم ڪن.] 7.7.1920: اڄوڪئ "الوحيد" ۾ افغانستاني حڪمران جو تفصيلي اعلان شايع ٿيو. انهئ ۾ ھن افغاني باشندن کي پارت ڪئي ته سنڌي مهاجرن جو خيال ڪيو. [ سوين سنڌي گهراڻا مال ملڪيت,ٻني ٻارا ۽ گهر تڙ وڪڻي سنڌ ڇڏي افغانستان ويا ته اتي بي يار و مددگار ۽ تباه برباد ٿي ويا. اهي پر امن سنڌي هئا. پر انھن کي ايئن اتي آباد نه ڪيو ويو, جيئن اڄ ڪله دهشتگرد افغاني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد ٿي رهيا آھن] 7.7.1925: حڪومتن کان پنھنجا حق ڪيئن وٺبا آھن, ان لاء سکن/اڪالين کان ڏانء سکڻ جهڙو آھي. گڏيل پنجاب جي حڪومت کين سندن مرضئ/ضرورت وارن مذھبي ۽ سياسي حقن کان محروم ڪيو ته هنن مسلسل سڄو سال 25 ماڻھن جو وفد/جٿو ٺاهي, روزانو سرڪار سان ملي پنهنجا مطالبا پيش ڪندا هئا. هنن ڪا رونشي بازي نه ڪئي, دهمان ۽ ڪوڪرا نه ڪيا. پر جٿا موڪلڻ کان به بس نه ڪيائون. نيٺ اڄ ”پنجاب ڪائونسل" کي بل پاس ڪري, سندن سياسي ۽ مذھبي حقن کي تسليم ڪرڻو پيو. 7.7.1928: سنڌ جي اپر ڪلاس "سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ" کي عوام ۾ روشناس ۽ مقبول ڀنائڻ لاء ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل ڪانفرنسن" سڏائڻ شروع ڪيون. اڄ اهڙي ڪانفرنس ڪراچئ ۾ ٿي. 7.7.1938: لڏي آيل/ڀڄي آيل/ فاتح ٿي آيل دين-ڀائن جو چوڻ آھي ته هن پنهنجي اباڻن وٿاڻن تي پاڪستان ٺاهڻ لاء وڏو ڪم ڪيو. اڄ بهار جي "مومن جماعت" ڪانفرنس ۾ ٺھراء پاس ڪيو ته مسلم ليگ اسان مسلمانن کي پنهنجي حقن کان محروم پئي ڪري. اها جماعت مسلمانن کي گمراه پئي ڪري ۽ اها مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت ناهي. [بھاري, جن کي اسان اکين تي رکيو آھي, اهي اتان جا/بهار جا آھن] 7.7.1943: سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي.ايم.سيد اپيل جاري ڪري چيو ته سنڌ ۾ 16 جولاء تي "تجارت جو ڏينھن" ملهايو وڃي. 7.7.1950: "اسان سنڌ ۾ هڪ به پناهگير جيل ۾ نه وڌو آھي. ڪي بدخواه سنڌ حڪومت خلاف غلط پروپيگنڊا پيا ڪن"-سنڌ جي چيف منسٽر قاضي فضل الله جي وضاحت. 7.7.1956: ون-يونٽ خلاف مهاڏو اٽڪائڻ ۽ قومي مامرن تي پنهنجو موقوف رکڻ ۽ سياسي ڏوه ڪري خان غفار خان جي "ريڊ شرٽ پارٽئ" کي غير قانوني قرار ڏئي مٿس پابندي مڙھي وئي. [سنڌ ۾ ساڳين سياسي ڳالهين ڪري جي.ايم.سيد ۽ ٻين اڳواڻن کي انفرادي حيثيت ۾ تڪليفون ڏنيون ويون ۽ جيل موڪليو ويو, پر سنڌ جي ڪنهن سياسي پارٽئ تي پابندي نه لڳائي وئي] 7.7.1972: سنڌ اسيمبلئ طرفان سنڌي ٻولئ بابت بل پاس ٿيڻ تي حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ پناهگيرن احتجاج شروع ڪيو. 7.7.1973: شديد بارشن سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي. سمورئ سنڌ ۾ آمد رفت جا ذريعا شديد متاثر ٿيا. 7.7.1978: اهي ڪي سهڻن خوابن جهڙا ڏينھن هئا. اڄ اي.جي.اين قاضئ کي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر مقرر ڪيو ويو *************** { 7 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 7 جولاءِ 1889ع سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزاديء جي ويڙهه جي اڳواڻ شيخ عبد المجيد سنڌئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1899ع اسڪالر لال سنگ اجواڻي (خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت(خيرپور/ دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1940ع نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1942ع گلوڪار ليلو جهانگياڻي (ڪراچي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1942ع ليکڪ ايشور ڀارتي(ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1943ع شاعر ۽ گلوڪار موتي رام سائل (سنڌ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1947ع ليکڪ شوڪت راهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1947ع قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1949ع ليکڪ ڍولڻ راهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1949ع صحافي مشتاق علي ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1961ع گلوڪار رحمان مغل (سرمد سنڌي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 7 جولاءِ 1825ع سيد رستم علي بکري جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جولاءِ 1846ع سنڌ جي اڳوڻي ٽالپر حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جو انتقال ٿيو. 7 جولاءِ 1950ع اسڪالر ۽ ليکڪ ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. 7 جولاءِ 1973ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا ديهانت ڪري ويو. 7 جولاءِ 1986ع لوڪ گلوڪاره مائي ڀاڳئ لاڏاڻو ڪري وئي. 7 جولاءِ 2000ع شاعر ۽ اديب نثار بزميءَ جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جولاءِ 2005ع اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليبر مير نور احمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جولاءِ 2007ع شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جولاءِ 2012ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻئ جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment