Friday 26 April 2024

SINDH in history today (27th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (27th April) & GOOD DAY WISH. ÷÷÷÷ Dr.Pathan wishes you Good Day. [It is a Rain-drop that cultures pearl in Shell, not thunder. Thunder cannot grow flowers, but rain. When Sky weeps, it converts deserts into gardens and when my eyes weep, tears clean my inner mirror and I am able to see your reflection alongwith your beauty, vision & wisdom. Sky and me both, make history and create history ] گجگوڙ منجھان گل نہ ڦٽن، پر بارش بوند مان بڻجن موتي، دل ۽ ڌرتي جا لڙڪن ڌوتي، ات ساوڪ سونھن پیار سندي. ************ SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {27th APRIL} EVENTS: 1835: Political Agents appointed by East India Co (Government of India) were very sharp and they put eye on every movement in Sindh. Today, Colonel Pottenger is informing his government that Mir Noor Muhammad Khan has given orders for half his treasures being brought from various places. 1839: Seth NaumalHotchand is in Hyderabad with Colonel Pottenger. Colonel Pottenger has assigned an important task. There is his relative DiwanHirananad near and dear to Mir Nasir Khan. Diwan Hiranand is working on most influential post under Talpur Government of Hyderabad. He is approached by Seth Naumal as he (Seth ) can be taken to Mir Nasir Khan. 1912: Ram Shewakram opens the discussion on the topic of ‘The Eternity of the soul and of matter’. The event is arranged by ‘Arya Young Men’s Association’ of Karachi. 1936: Hindu wedding procession with music and band is attacked by Muslims at near Mosque at Jalpaiguri. The action of Muslims paved way for communal riots at Jampur, Khanpur and other places. 1939: Differences between Mahatma Gandhi and Chandra Bose on the matter of formation of the Working Committee of the Congress, makes Gandhi more emotional and concerned. In course of an interview he says that ‘ I am FIGHTING for peace, I shall die for peace, peace in congress, peace in States, peace on earth and good-will amongst men’. 1944: Special prayers are offered by so many people in favour of K.B.MuhammadAyubKhuro and his brother at Sukker. Today, Khuhra brothers are in court as nominated in the murder case of K.B.Allah BuxSoomro. 1945: Khan Abdul Samad Khan, Balocistan Congress leader, criticizes the leadership of Sindh Congress. He says at Karachi that there is some flow in the Congress organization in Sindh. The late Allah BuxSoomro, a confirmed Nationalist, had received opposition more from Congress than from the so-called Muslim communalists. 1947: Hussain Shaheed Suharwardy, addressing press conference at New Delhi makes plea for a ‘United, undivided and independent Bengal’. But, it was too late as the British had decided to divide India into two pieces and handover to Congress and Muslim league. Sindhis though, not demanded, but realized and started thinking in such a way but only on the platform of literature and not politically .*********** 27.4.1832: پانٽينجر اڄ پنهنجئ حڪومت کي مراسلو موڪلي خيرپور ۾ پنهنجئ سفارتڪارئ جو تفصيل لکي موڪليو. هو لکي ٿو ته مان جڏهن مٺياڻي پهتس ته ديوان لکميچند منهنجو مير رستم خان طرفان آڌرڀاء ڪيو. خيرپور پهتس ته سندس وزير فتح خان غورئ هن جو استقبال ڪيو. مير رستم علي سان ملاقات ٿي ۽ کيس معاهدي جو ڊرافٽ ڏنم. هن ڪنهن چون چران کان سواء اهو ڊرافٽ منظور ڪيو ۽ معاهدي ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. 27.4.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي لکي ٻڌايو ته سنڌ جا حڪمران پنهنجو خزانو پاڻ سان نه رکندا آھن. اهي اهو خزانو ٻين رياستن ۾ رکن ٿا. مون کي خبر پئي آھي ته مير نور محمد خان ٻين هنڌن تي رکيل پنهنجي خزاني جو اڌ گهرائڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن. [حڪمران خزاني کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ڄاڻيندا هئا ۽ ان مان عوامي ڀلائئ وارا ڪم, جهڙوڪ رستا ٺھرائڻ يا واه کوٽائڻ تي ڪم ڪونه آڻيندا هئا] 27.4.1912: آريا سماجين کي مذھبي مناظرن ڪرائڻ جو خفت هوندو هو. انھن مناظرن ڪي ڌرمي يا نظرياتي مسئلا ۽ مونجهارا ته ختم نه ڪيا, پر هندو توڙي مسلمانن ۾ مذھبي مت ڀيد ۽ اختلاف کي هوا ڏني. آريا سماجين سکر, شڪارپور, لاڙڪاڻي, حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ جيڪي مناظرا ڪرايا, اهي ڏينھن جا ڏينھن هليا. اهي گڏ ڪري ڇپرائجن ته هڪ ٺاهوڪو ڪتاب جڙي پوندو. اڄ ڪراچئ ۾ ”روح امر آھي يا مادو امر آھي"جي موضوع تي مناظري جو آغاز ٿيو. انھئ جو بندوبست "آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن"ڪيو هو. 27.4.1920: اڄ ڪراچئ جي سب ڊويزنل ماجسٽريٽ, مسٽر ڊبليو اين رچرڊسن "شيوارام ٿيئيٽر" جو افتتاح ڪيو. لڊبٽر روڊ تي قائم ڪيل هن ٿيئيٽر جي عمارت تي ٻه لک روپيا خرچ آيو هو. هي اهو زمانو هو, جڏهن فلمون عام نه ٿيون هيون. هي ٿيئيٽر ناٽڪ منڊلين کي مسواڙ تي ڏنو ويندو هو. ان ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ناٽڪ منڊلين ڪيترا ڊراما اسٽيج ڪيا. 27.4.1955: پاڪستان ۾ آئين سازئ جي عمل کي ڏسي وائسي اينگهايو ويو ته جيئن ڪرسئ تي ويٺل پنهنجي مرضي هلائي سياسي مقصد حاصل ڪري سگهي. آئين سازئ لاء چونڊيل ميمبرن جو تعداد 80 هو. اڄ ملڪ جي گورنر جنرل ان ۾ پنهنجئ مرضئ سان 10 ميمبر ٻيا به ٿافيا ۽ اسيمبلئ ۾ آئين سازي ڪرڻ بدران آئين جوڙڻ تي سوچڻ لاء ڪنوينشن سڏائڻ جو فيصلو ڪيو. 27.4.1977: ملڪ جي سياسي بحران تي آء.ايس.پي.آر جي ترجمان بيان ڏنو ته آرمڊ فورسز حڪومت جي پٺڀرائپ ڪندا. ٻئي طرف پير پاڳاري چيو ته ڀٽو جنهن سياسي مفاهمت جي ڳالھ ڪري ٿو,اها پي.اين.اي جي سوچن مطابق آھي. [ٻئي موقوف حالتن سڌرڻ طرف اشارو ڪن پيا. پر پوء وري اهڙي هوا گهلي, جنهن جي گهلڻ جو ڪنهن کي امڪان ڪونه هو] 27.4.2003: استاد عبدالهادئ چانڊئي جي صدارت ۾ سنڌي ادبي سنگت قمبر جي دستوري گڏجاڻي ٿي. ان ۾ قمرالدين قمر,مسيح آزاد, صحبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي شرڪت ڪئي *************** {ڏينهن 27 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 27 اپريل 1907ع شاعر عبدالفتاح عبد عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 اپريل 1909ع ليکڪ هوتچند هيرانند جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 اپريل 1932ع شاعر ۽ گلوڪار رگهن اداسين (سکر / آگره) جو جنم ڏينهن آهي. 27 اپريل 1941ع ليکڪ ڊاڪٽر آنند ڪمار (نوشهروفيروز / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 اپريل 1945ع گلوڪار رام تنواڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 27 اپريل 1766ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. 27 اپريل 1847ع شاعر ۽ بزرگ سيد علي گوهر شاهه اصغر جو لاڏاڻو ٿيو. 27 اپريل 1942ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالله هارون جو انتقال ٿيو. 27 اپريل 1965ع ليکڪ لکنداس لالجاڻي جو انتقال ٿيو. 27 اپريل 1970ع سياستدان غلام قادر پيرزادو وفات ڪري ويو. 27 اپريل 1982ع مزاحيه اديب ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي وفات ڪري ويو.

Thursday 25 April 2024

SINDH in history today (26th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (26th April) & GOOD DAY WISH. ÷÷÷÷ Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Whatsoever is in my heart and mind, I must share it with you. When I am encircled with sorrows & longings, I have to pray for protection. When demands of my instincts & nature are disturbing me, I have to request you for support. Becaue, only you are my hope. I know, you will accept or regret as desired by you. But, it is not my problem. Problem will be there, when I am not at your door. Because, you are kind and symbol of kindness ] تو در نہ دانهيان دل دنيا جا درد نہ ٻڌايان؟ ساجن سياڻان آئون ايڏو ڪو پاڳل ناهيان, ڪنهنجي اڳيان نيڻ وهايان سيس نمايان؟ ندئ ڪنڌئ تي صدين کان پياسو ئي آھيان, عيبن-هاڻو پر ڪو ٺاه ٺڳئ جو نٿو ٺاهيان, ڏي ستي سونهن سلام جي اهو ٿو چاهيان, سڀ کي سمجهايان, شفقت ۾ شان هزارين ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th APRIL} EVENTS: 1843: Charles Napier, Governor of Sindh Is directed to follow the Bengal Account System with regard to the accounts of receipts and disbursement in the Province of Sindh. 1920 In connection with tour of Sindh, Mahatma Gandhi arrives at Karachi. He is accorded warm welcome by Hindus, Muslims and Congress party workers. 1934: 3rd Sindh Azad Conference is held at Sukkur with K.B. PirBux as its president. It is aimed at to create awareness about the importance of the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1937: Thirty six members of the Sindh Assembly meet at Karachi and form Democratic Party with the following office bearers: Sir GhulamHussainHidayatullah (Leader), MukhiGobindram (Dy. Leader); Mir Bandeh Ali (Dy. Leader), K.B. Muhammad AyubKhuhro (General Secretary); Nihchaldas (General Secretary); Mir Ghulam Ali Talpur (Joint Secretary) and Syed Miran Muhammad Shah (Whip). 1950: Pandit Jawaharlal Nehru, Prime Minister of India, arrives in Karachi to discuss various inter-dominion problems with Liaquat Ali Khan. 1958: A statement on Pakistan’s balance of payment for 1957 shows a deficit of Rs.40.11 crores. 1971: Pakistani diplomats are barred from leaving India without prior permission. India’s Dhaka mission ceases to function. 1974: Prime Minister Z.A.Bhutto inaugurates the 150 KW high-powerdmediem wave transmitters for Quetta Radio station. 1981: New Punjab cabinet is sworn in . Nawaz Sharif gets portfolio of Finance. ÷÷ توجه طلب واقعا ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ 26.4.1842: ميجر آئوٽرام پنهنجئ سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته پنجن ڳوٺن جي مالڪئ تي خيرپور جي ميرن وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ته هنن راس بيل کان فيصلو ڪرايو. ان فيصلي مطابق پنجئي ڳوٺ مير علي مراد خان کي مليا. [والي ۽ حڪمران ته مير هئا,پر هنن فرنگي سفيرن کي معتبر ڄاڻائي پنهنجا فيصلا انھن کان ڪرايا. فرنگين کي ويڙھائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو] 26.4.1843: ڪمپني حڪومت اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر کي لکيو ته سنڌ جو مالي انتظام ۽ آمدني روانگئ جو رڪارڊ بنگال صوبي وانگر رکيو وڃي. 26.4.1850: سنڌ جي ڪمشنر ۽ فوجي اڳواڻ برگيڊيئر جنرل وچ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪئنٽومينٽ جي قيام ۽ ايراضئ بابت لکپڙھ ٿي 26.4.1914: انگريزن جي حڪومت کان ماڻهن کي وڏو ڊپ هوندو هو. پر ڪي شاهينگ هن فيل مست حڪومت کي به ڪونه بخشيندا هئا. قمبر مان سرڪار جا ٻه ڏاند چوري ٿي ويا. هڪ جي قيمت 60 روپيا هئي ۽ ٻئي جي قيمت 80 روپيا هئي. پوليس هڻي هنڌ ڪيو, پر چور پڪڙي نه سگهيا. ياد رهي ته ڪن شهرن ۾ نار هلائي شهرين کي پاڻئ ڏيڻ لاء ڏاند هلائبا هئا. 26.4.1920: گانڌي سنڌ جي دوري ڪرڻ لاء ڪراچئ پهتو. هو ان کان پوء به ڪيترا دفعا سنڌ ۾ آيو. هو سنڌي هندن لاء ”روحاني سياستدان" جي حيثيت رکندو هو. گانڌئ سنڌ جي مسئلن, خاص ڪري حر تحريڪ ۽ مسجد منزل گاه تحريڪ تي پنهنجئ اخبار ۾ گهڻو لکيو. ورهاڱي کان اڳ ڪجھ سنڌي ڪانگريسي وفد ڪري وٽس ويا هئا ته سنڌ کي "هندو سنڌ" ۽ "مسلم سنڌ" ورهايو, جيئن پنجاب ۽ بنگال ورهائيندا. پر گانڌئ اها ڳالھ ڪانه مڃين. 26.4.1937: سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلئ جي 24 مسلمان ميمبرن ۽ 12 غير مسلم ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ ”سنڌ اسيمبلي ڊيموڪريٽڪ پارٽي" جوڙي وئي ۽ ان لاء ھن ريت عهديدار چونڊيا ويا: سر غلام حسين هدايت الله (ليڊر), مکي گوبندرام (ڊپٽي ليڊر), مير بنده علي (ڊپٽي ليڊر), محمد ايوب کهڙو (جنرل سيڪريٽري), نھچلداس وزيراڻي (ڊپٽي ليڊر), مير غلام علي ٽالپور (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ سيد ميران محمد شاه ۽ نھچلداس (ٻئي وهپ) 26.4.1952: نڀاڱي نيپيئر کي ڪراچئ جي محل وقوع, دفائي ۽ تجارتي اهميت جي خبر هئي. ان ڪري هن ڪراچئ کي دارالحڪومت بڻايو. پاڪستان جڙيو ته ان کان ٿورو اڳ مسلم ليگ پاڪستان جي دارالحڪومت لاء لاهور, ڍاڪا ۽ ڪراچئ تي سوچي, فيصلو ڪيو ته ڪراچئ کي گادي بڻائبو. ان پٺيان وڏو راز هئ هو ته اقتدار ۾ ويٺل ٻاهران آيل هڪ اڌ سياستدان کي پنهنجي لاء حلقه انتخاب ٺاهٺو هو ۽ ان لاء اتي پناهگير آباد ڪرڻا هئا ته جيئن آسانئ سان ووٽ وٺي سگهجي. جڏهن اهي مقصد حاصل ٿيا ته ملڪ جي گادي اسلام آباد ۾ ٺاهي وئي. ڪراچئ ۾ پناهگير پهتا ۽ سنڌين جي آدم شماري ٿوري اثرانداز ٿي ته ڪراچئ کي ڇني سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون ڳالهيون شروع ٿيون. اهڙين حالتن پيدا ڪرڻ ۾ سرڪاري نيتن ۽ سرپرستئ کي وڏو عمل دخل رهيو. اڄ وڏئ سرڪار طرفان اعلان ڪيو ته 28 اپريل کان ڪراچئ جي حيثيت مٽائي ان کي "ڪمشنر جو صوبو" بڻايو ويندو . ان لاء ڊفينس جي جوائنٽ سيڪريٽرئ ابو طالب نقوئ کي ان ڪراچئ جو چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ {26 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 26 اپريل 1932ع اسلامي مفڪر، عالم دين ڊاڪٽر اسرار احمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 اپريل 1981ع ليکڪا بينظير ملڪاڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 26 اپريل 1945ع بزرگ خليفي غلام محمد (جاتي) جو انتقال ٿيو. 26 اپريل 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا سيد امير محمد جو لاڏاڻو ٿيو. 26 اپريل 2012ع شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقيرحيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

Wednesday 24 April 2024

SINDH in history today (25th April). Author Dr. Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (25th April) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes you Good Day [Peace and progress become figment of imagination, when people start believing and behaving themselves as supper and saints, and others as common and criminals. It is an strategy to keep hold and control on sources & resources and chances & opportunities by promoting hatred & discrimination, differences & distances. Come on my Dear! Bring better change in our concepts and ideology with your vision & wisdom, love & beauty, please] فتنو فساد ۽ ڏڦيڙ ٿئي تڏھن مانڌاڻ ، ٻین کي ڏوھي پر فرشتو ڄاٹجي پاڻ، غرض لالچ ۽ نفرت ڪرڀ کي ڪجي، روين ۽ لوچن ۽ سوچن جو سرواڻ،‏‎ ‎ جنهن خدمت محبت کي بٹائيو ماڻ، سو نہ اٹڄاڻ سرت سونھن سلام کان ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {25th APRIL} EVENTS: 1918:Weekly ‘Sindh Advocate’ is shifted from Sukkur to Shikarpur and now it will be a bilingual paper in Sindhi and English and Moulchand son of eminent politician and journalist ViromalBegraj will be its new editor. 1936: Gandhi issues a statement on the situation in Rajkot and says that Rajkot seems to have robbed me of my youth. I never knew that I was old. Now I am weighed down by the knowledge of decrepitude. 1943: Members of the Central Legislative Assembly demand that they should be allowed to visits prisons and interview political prisoners so that they could draw attention to the inconveniences and restrictions imposed on them with a view to eliminating them. 1948: Sindh ministry headed by K.B Khuhro is removed by the Governor. The plea is taken that he and his government was involved in corruption and was creating hindrances in rehabilitation of Indian Muslim refugees. 1965: Combined Opposition Parties’ steering committee, with NawabzadaNasrullah in chair, announces that it is working out details of a movement for restoration of freedom and democracy. 1972: President Bhutto promulgates an ordinance for adopting of generic names for allopathic medicine. 1973: Mufti Mahmood demands fresh polls in NWFP and Balochistan. 1991: President Ishaq Khan promulgates an ordinance which paves way for privitisation of shipping sector. 1992: Prof. SibghatullahMujadded –led 50 member council to take over power in Kabul. The meeting is held between Nawaz Sharif and BenonSevan envoy to U.S.Secretary General. 1993: ManzoorWatto is elected leader of the house in Punjab Assembly and takes oath as Chief Minister. 1996: Imran Khan launches new political party ;Tahrik-i-Insaf. ************* 25.4.1918: هفتيوار "سنڌ ايڊووڪيٽ“ جيڪا 1913 کان سکر مان انگريزئ ۾ نڪرندي هئي, اها شڪارپور منتقل ڪئي وئي. اخبار انگريزئ کان سواء سنڌئ ۾ به هوندي هئي. نامياري صحافي ۽ سياستدان ويرومل بيگراج جو پٽ مولچند اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. 25.4.1948: محمد ايوب کهڙي تي بدعنوانئ جا الزام هڻي سنڌ جي وڏ-وزارت تان هٽايو ويو. [پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي صوبائي خودمختيارئ, جاگرافيائئ ۽ سياست تي تڪليفن جا ترت ڏينھن آيا. جڏهن ته سنڌ جي اسيمبلي پهرين ۽ واحد اسيمبلي هئي, جنهن "پاڪستان اسڪيم" جي حمايت ۾ جي.ايم.سيد جي اڳواڻئ ۽ ڪوشش سان ٺاه پاس ڪيو هو] 25.4.1969: ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ ”سپر هاء وي" ٺھي راس ٿيو. 25.4.1972: پاڪستان ۾ پهريون دفعو سرڪاري طور تي "مئي ڊي" تي موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. 25.4.1973: ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته سرحد (ڪي.پي.ڪي) ۽ بلوچستان صوبن جي حڪومتن سان سندس سياسي هم آھنگئ بدران اختلافي سياست جو آغاز ٿيو ۽ اتي حڪومتن جي ڀنڃ ڊاه شروع ٿي. اڄ مفتي محمود وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بلوچستان ۽ سرحد صوبن ۾ نئين سر چونڊون ڪرايون وڃن. 25.4.1993: پنجاب ۾ نواز شريف جي سياسي پوئلڳ وڏي وزير غلام حيدر وائين خلاف تحريڪ هلي. هن جي جاء تي اڄ منظور احمد وٽو ليڊر آف دي هائوس چونڊيو ويو. 25.4.1996: ڪرڪيٽيئر عمران خان "تحريڪ انصاف" جي نالي سان سياسي پارٽي ٺاهي. *************** {25 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 25 اپريل 1927ع شاعر سيد قادن شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 اپريل 1932ع شاعر روپ ڪمار ڪلاڪار (سکر / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 25 اپريل 1933ع اسڪالر شيخ محمد حاجن جو جنم ڏينهن آهي. 25 اپريل 1941ع سماجي ورڪر شيام ستواڻي (سنڌ / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 اپريل 1949ع ليکڪ خير محمد ٻرڙو(سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 25 اپريل 1965ع صحافي اسحاق سومرو (سڪرنڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 25 اپريل 1966ع ليکڪ اعجاز يوسف (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 اپريل 1967ع ليکڪ ۽ ناول نگار منظور ٿهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 اپريل 1971ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار مظهر ابڙو(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 25 اپريل 1935ع اردو جي ناليواري شاعر ۽ اديب آغا حشر ڪاشميرئ جو انتقال ٿيو. 25 اپريل 1975ع ليکڪ عبدالحق عالماڻي جو انتقال ٿيو. 25 اپريل 1995ع عالم، اديب ۽ قوم پرست سياستدان جي ايم سيد جو لاڏاڻو ٿيو. —

Tuesday 23 April 2024

SINDH in history today (24th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (24th April) & GOOD DAY WISH. * Dr.Pathan wishes you Good Day. [ I know that 'Life & love craft' is based upon the principle of 'give & take'. It is essential to surrender life so as to get love, and life must be decorated with sincerity and trust. Otherwise, will not be acceptable. I know that I will take and get as desired by you dear, and not as demanded by me. It is life and it is love] گھران پیو ھر پل سر ساه گھوریان، تو کان گھرڻ ناھي ڪم ڪو آسان، ڀل عشق امن ۽ نینھن ٿين نگھبان، پر تنهنجئ سونھن بنا رهبو نادان, قبولي قرب ڏئي ڪر تون احسان، رهي نہ ارمان سلام سان SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {24th APRIL} EVENTS: 1839: It is British Govt. rule in Sindh and Govt. can do whatever it wants. But, it opted to honour the right of property of people. Lieutenant Leckie directs Colonel Spiller, Commanding at Thatta that if wants to cut timber in Thatta area for any unavoidable reason, he must get permission from concerned property holders. 1938: Khilafat Tahrik was a religious - oriented movement. After the abolution of the Khilafat institute by Turkey, Sindh Khilafatees stood disappointed and hunted for parties having religious touch or slogan. They founded it fit to joinhands with Muslim League. That is why, today, Sindh Khilafat Committee, in its meeting held at Hyderabad, resolves and asks Sindhi Muslims to join Muslim League. 1959: In the event of external threat, Pakistan and India must defend jointly with extending cooperation to each other, suggests Pakistan. 1968: It has been trend and tradition of the Pakistan politics in early days that people working in foreign office were appointed as ministers or prime ministers. Arshad Hussain, Pakistan's High Commissioner in India is appointed as the Foreign Minister of Pakistan, today. 1989: Prime Minister Benazir Bhutto launches Peoples' Program in Peshawar. Akbar Bugti Chief Minister declares to oppose its implantation in Balochistan and terms it amounting to infringing the status of provincial autonomy. 1995: Prime Ministers of Pakistan and Bangladesh agree to repatriate 250000 **** توجه طلب واقعا *************** 24.4.1839: ٺٽي ۽ جهرڪن ۾ فرنگي فوج کي ترسائڻ لاء ڪاٺ جا ڪچا گهر ٺاهڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي, ڏکڻ سنڌ واري فرنگي اسسٽنٽ سفارتڪار ميرن کي لکيو ته ٺٽي جي آس پاس واري ٻيلي مان ٽمبر جا وڻ ڪٽڻ جي اجازت ڏيو. 24.4.1844: انگريزن فريب سان حڪومت قائم ڪئي ته ان کي قائم رکڻ لاء اپر ڪلاس کي جاگيرون يا ٻيو ڪجھ ڏئي پنهنجي ڌر بڻايو ٿرپارڪر ۾ راڻن کي راضي ڪرڻ لاء کين ڪي ڳوٺ ڏيڻ يا ڏوڪڙ ڏيڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي. گورنر جي پڇڻ تي اڄ حيدرآباد جي ڪليڪٽر خط لکي کيس صلاحون ڏنيون ته عمرڪوٽ جي راڻن کي راضي ڪرڻ لاء ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن. 24.4.1919: چوندا آھن ته "پراوين دهلين احمق نچي". انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي اپر ڪلاس ايئن ئي ڪيو ۽ ڏاڍو نچيو. اتحادي ملڪن جنگ ۾ ترڪئ کي شڪست ڏني ته اپر ڪلاس جي ڪيترن ماڻھن کي موقعو مليو ۽ هنن فرنگي سرڪار کي انھئ سوڀ تي مبارڪون ڏنيون. اهي مبارڪون سنڌ جي ڪمشنر معرفت ممبئي سرڪار کي موڪليندا هئا ۽ سرڪار وري اهي سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪرائيندي هئي. سنڌ مان جن به سرڪار کي مبارڪون ڏنيون, انھن جا نالا گل حيات ۾ محفوظ آھن. اڄوڪئ تاريخ تي جن ماڻھن سرڪار کي ترڪئ کي شڪست ڏيڻ ۽ جنگ ۾ سوڀ ماڻڻ تي مبارڪون ڏنيون, انھن مان سيوهڻ جي راء صاحب جواهر سنگ ۽ نامياري سياستدان ۽ ان وقت جي ڪراچي ميونسپالٽئ جي صدر سيٺ ھرچندراء وشنداس جا نالا ذڪر لائق آھن. 24.4.1938: مولوين ۽ ملن پوک پوکي ۽ اها لڻي وري مسلم ليگين. خلافت تحريڪ سنڌين ۾ انگريز-دشمنئ جو ٻج ڇٽيو ۽ آزادئ جي تڙپ پيدا ڪيو. جڏهن اهو سلو وڌي وڻ ٿيو ته ساڳين ئي عالمن عوام کي صلاح ڏني ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو. عوام ايئن ئي ڪيو ۽ نتيجي ۾ آزادئ جي تحريڪ پاڪستان ۽ ورهاڱي تحريڪ جو روپ ورتو. اڄ حيدرآباد ۾ سنڌ خلافت ڪميٽئ جو اجلاس ٿيو, ان ۾ ٺھراه پاس ڪيا ويا ته: 1). مسلمان مسلم ليگ ۾ شامل ٿين, 2). مسجد منزل گاه مسلمانن کي موٽائي ڏني وڃي ۽ 3). لنوارئ جي جڙتو حج تي پابندي وڌي وڃي. 24.4.1968: پاڪستان ۾ جهموريت ۽ سياست جي ڀينگ ڪرڻ جا جيڪي نت نوان تجربا ڪيا ويا, انھن مان هڪ اهو به آھي ته سفيرن کي گهرئي وزير يا وزير اعظم بڻايو ويو ۽ انھن کي اهڙي ڪن جن به ڪانه هئي. محمد علي بوگرو آمريڪا ۾ سفير هو, کيس اتان گهرائي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو. اڄ انڊيا ۾ پاڪستان جي سفير ارشاد حسين کي گهرائي ملڪ جو پرڏيهي وزير بڻايو ويو. 24.4.1973: مخالف ڌر جي اتحاد "يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ" ڀٽي-حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جي.يو.آء ۽ نئشنل عوامي نئشنل پارٽئ جي ڊاهيل حڪومتن کي بحال ڪريو. 24.4.2003: "عبدالحق عالماڻي يادگار ڪميٽئ" طرفان ڳوٺ سونو خان عالماڻئ ۾ ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻئ جي 29 ورسي ملهائي وئي. ان ۾ شوڪت شوري, عبدالقادر جوڻيجي ۽ ٻين مرحوم جي فن, فڪر ۽ شخصيت تي روشني وڌي. *************** {24 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 24 اپريل 1890ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 اپريل 1899ع هالا سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ بزرگ مخدوم غلام حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 اپريل 1943ع تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1947ع شاعر علينواز ناز تنيو جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1951ع سياستدان سيد محسن شاهه بخاري(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1954ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاري(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1965ع شاعر عاشق امر سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1965ع مشهور پوليس عملدار اي ڊي خواجه(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 24 اپريل 1917ع مذهبي اسڪالر مخدوم الهه بخش کهڙوي جو انتقال ٿيو. 24 اپريل 1901ع مذهبي اسڪالر مخدوم غلام عمر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 24 اپريل 1950ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن خداداد خان سرهيو (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو. 24 اپريل 2003ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزادئ جي وفات ٿي. 24 اپريل 2007ع شاعر راز سروري (باڊهه) لاڏاڻو ڪري ويو. 24 اپريل 2013ع گلوڪاره شمشاد بيگم لاڏاڻو ڪري ويو. Biharis to Pakistan

Monday 22 April 2024

SINDH in history today (23rd April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (23rd April) & GOOD DAY WISH. *** ***** توجه طلب واقعا *************** 23.4.1832: ڀڄ جي فرنگي سفارتڪار اڄ ڪمپني حڪومت کي لکيو ته ٿر پارڪر جي رحمڪي بازار کي پتوجي واگهيلا ۽ سندس ساٿين ڏينھن ڏٺي جو لٽيو ڦريو آھي. هن پاسي جي کوسن ۽ راڻن ۽ سوڍن وڏي عرصي کان اسان جي ماڻھن ۽ واپارين کي پئي لٽيو آھي ۽ رستي روڪ ڪئي آھي. هن مامري کي ختم ڪرڻ لاء ميرن سان ڳالهايو. 23.4.1835: ميرن پنهنجو ماڻھو ڀڄ موڪلي اتان جي سرڪار کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته فرنگي بهاول خان جي پرڳڻي ۾ پنهنجي لاء قلعو ٿا ٺھرائن. ڪا تدبير ڪريو ته هو قلعو ٺھرائي نه سگهن. 23.4.1910: روهڙئ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽئ جي شاخ (لاج) کولي وئي. تاراچند ڪيسواڻي انھئ جو پهريون صدر ٿيو. لاج ٽڪرئ تي قائم "پريم ڀون" ۾ کولي وئي. 23.4.1932: انڊين گورنمينٽ جي سيڪريٽري فننانس مسٽر برين جي چيئرمنئ ۾ ”سنڌ سيپريشن ڪانفرنس" جي گڏجاڻين جي شروعات ٿي ته جيئن ڏٺو وڃي ته سنڌ کي جڏهن صوبائي حيثيت ملندي ته مختلف کاتن, ادارن ۽ منصوبن تي سنڌ کي ڪهڙا مالي مسئلا پيش ايندا ۽ ان کي ڪيئن حل ڪيو وڃي. هن ڪانفرنس ۾ مسلمان, هندو, پارسي ۽ ڪرستان شامل ٿيا. [ هن جي آخري گڏجاڻي 17 مئي 1932 تي ٿي هئي. سموري تفصيلي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي] 23.4.1960: "جنهن پناهگير کي جائداد نه ملي آھي, ان کي ڏوڪڙ ڏينداسين"- هاشم رضا, چيف سيٽلمينٽ ڪمشنر جو اعلان. [ملڪ کي ٺھيئي تيرنھن سالن کان مٿي ٿي ويا, پر پناهگيرن جي آمد ۽ سندن آبادڪارئ لاء کير جون نديون اڃا وهنديون رهيون] 23.4.1965: انڊيا ۽ پاڪستان لاء رڻ ڪڇ جنگ جو ميدان بڻجي ويو. 23.4.1995: پاڪستان بنگلاديش کي يقين ڏياريو ته 25 لک بهاري بنگلاديش مان گهرائي وٺنداسين. 23.4.1996: سرڪار اڄ سينيٽ کي ٻڌايو ته رينجرس کي دائمي طور تي سنڌ ۾ رکيو ويندو. *************** {23 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 23 اپريل 1860ع شاعر هدايت علي تارڪ (لالو رائنڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 اپريل 1915ع شاعر احمد خان اخترجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 اپريل 1951ع ليکڪ سيف مورائي جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1956ع سگهڙ حافظ علي گل ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1956ع شاعر جان محمد جان جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1965ع ليکڪ ۽ صحافي زرار پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1973ع شاعر الستي چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 اپريل 1616ع انگريز شاعر، ڊراما نگار ۽ مصنف وليم شيڪسپيئر جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1850ع فطرت جي شاعر طور سڃاتو ويندڙ مشهورانگريز شاعر وليم ورڊس ورٿ جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1966ع برک سنگيتڪار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1991ع شاعر ارشد هالائي لاڏاڻو ڪري ويو. 23 اپريل 1999ع ليکڪ ڪيهر شوڪت(آگاڻي) لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I am illiterate in life-craft. Now It is riddle for me. Its beautiful colours consisting of sorrows & happiness, love & beauty and vision & wisdom have lost attraction & meaning for me. That is why I am knocking every door as wandering Soul] مان ۽ ھئ منهنجي زندگي، ڳجھ ۽ ڳوڙھي ڳجھارت، سرت سکن دکن سچ جي، نہ محبت يا مھارت، ان لاء توکي پنھنجي پارت، پیو ڪریان سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd APRIL} EVENTS: 1832: British Acting Resident at Bhooj writes that Pittoojee Waghela has plundered Rahim Ki Bazar and on his report Sindh Government is moved to exert themselves to apprehend the free-booter. 1835: The Sindh Government shows its concern on the decision of the British Government to build the fortress in Bahawal Khan’s territory. 1932: Sindh Separation Conference starts in Karachi. It is headed by the Financial Secretary to the Government of India. It takes matters relating to separation of Sindh from Bombay Presidency. 1939: The Working Committee of the Sindh Muslim League meets at Karachi with Seth Haji Abdullah Haroon. 1947: There is a sudden flare-up of communal trouble in Calcutta. Seven persons are killed and 31 others injured. The curfew is imposed in the city. 1956: Muslim League expels its members of West Pakistan Assembly for siding Dr.Khan Sahib, who formed his own party ‘Republican Party’. 1965: Indian and Pakistani troops fight a major battle in Rann of Kutch. President Ayub and Z.A.Bhutto discuss the situation arising out of India’s warlike activities and postponement of President’s U.S.A visit. 1972: Maximum selling of land hold is reduced from 15000 produce index units to 12000 units. 1996: The Senate is told that Rangers will remain posted permanently in Sindh.

Sunday 21 April 2024

SINDH in history today (22nd April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (22nd April) & GOOD DAY FOR YOU. **** توجه طلب واقعا *************** 22.4.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته اسان جي ماڻھن ۽ واپارين کي ٿر ۽ پارڪر ۾ ڦريندڙن ۽ رستا روڪ ڪندڙن خلاف مير مراد علي خان حيدرآبادئ سخت قدم کنيا آھن ۽ اسان جو ڏوهي اسماعيل خان اسان جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اهو قيدي هن وقت لکپت ۾ آھي ۽ اوهان ڪئپٽن رابرٽ کي موڪليو ته قيدي اسماعيل خان سندس حوالي ٿئي. [مير حڪمرانن پنهنجي ماڻھن کي پاڻ سزا ڏيڻ بدران فرنگين جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو !!!!] 22.4.1838: پاٽينجر, منشي ڄيٺانند کي مير شير محمد خان ڏي ميرپور خاص موڪليو ته جيئن هن کي قائل ڪري مڃرائي سگهي ته ڪمپني حڪومت هن سان الڳ معاهدو ڪري. [فرنگين اها چال چلي ته ايئن ميرن سان الڳ الڳ معاهدا ڪري, کين هڪ ٻئي کان ڪٽي ڌار ڪجي. ۽ هو ان ۾ ڪامياب ويا] 22.4.1843: ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر نيپيئر کي "غلامن جي واپار" تي ڪڙي نظر رکڻ جي هدايت ڪندي حڪم ڏنو ته ممبئي سرڪار جي سرڪيولر نمبر 1841 مورخه 3 جولاء 1841 مطابق "غلامن جي آمدني واپار" تي بندش وجھ. 22.4.1916: سنڌ پراونشل ڪانفرس, جيڪا ڪالھ لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿي هئي, اڄ اها ٻيو ڏينھن هلي پوري ٿي. ڪانفرنس جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ ڪئي. ان جو مڪمل احوال گل حيات جي ويب تي موجود آھي. منھنجي پٽ ممتاز علئ به هن ڪانفرنس تي مختصر مگر جامع پوسٽنگ لکي انٽرنيٽ گروپن تي شيئر ڪئي آھي. 22.4.1922: ٺلاه وارو پير مٺل شاه راشدي (صدر خلافت ڪميٽي) ۽ محمد صادق (سيڪريٽري) انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 108 هيٺ پڪڙيا ويا. ياد رهي ته ٻنھي تي ڪيس هليو ۽ ٻنھي کي جيل جي سزا آئي. 22.4.1935: آل انڊيا مسلم ليگ ڪراچئ ۾ عبدالقيوم جي تدفين ڪرڻ لاء ڪڍيل جلوس تي پوليس طرفان گولي هلائي ڪيترا ماڻھون مارڻ واري واقعي تي احتجاجي بيان جاري ڪيو, جيڪو "ڊيلي گزيٽ" اخبار واري اڄوڪي پرچي ۾ صفحي 6 تي شايع ٿيو. عبدالقيوم نٿورام کي ڪيس هلندي ڪورٽ ۾ ماريو هو. نٿورام ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايو, جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪيل هئي. اهو ڪتاب پهريون پنجاب ۾ ڇپيو هو ۽ ليکڪ تي ڪيس هليو هو ۽ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو هو. 22.4.1938: شڪارپور ۾ سيد عطا الله شاه بخارئ امرتسرئ جي صدارت ۾ ”چوٿين سنڌ مسلم ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس ۾ 18 ٺھراء پاس ڪيا ويا, جن مان ڪي هئا: فلسطيني عربن سان همدردي, ديسي مال واپرائڻ, ڪرمنل ٽرائيبس ائڪٽ ختم ڪرڻ, فرنٽيئر ريگيوليشن ائڪٽ رد ڪرڻ, اسڪولن ۾ مذھبي تعليم لازمي ڪرڻ ۽ رشوت ۽ شراب بند ڪرڻ وغيره. 22.4.1939: ڪراچئ ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ" جي ورڪنگ ڪميٽئ جي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. هن گڏجاڻئ ۾ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ فعال ۽ مقبول بنائڻ لاء ڪيترا فيصلا ڪيا ويا. 22.4.1954: وڏي سرڪار فيصلو ڪيو ته اردو ۽ بنگالي, ٻئي قومي ٻوليون ٿينديون. ڪراچئ ۾ بنگالئ کي قومي ٻولي بنائڻ وارئ ڳالھ تي شديد ردعمل ٿيو ۽ وڳوڙ ٿيا. [اسان وارا سياستدان ۽ اديب رلهي پائي ستا رهيا ۽ پنهنجئ ٻولئ جي حيثيت مڃرائڻ لاء ڪا ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائون] 22.4.1977: ڀٽي جي مخالفن ملڪ ۾ گنڀير وڳوڙي حالتون پيدا ڪري وڌيون, ان ڪري ڪراچئ, لاهور,حيدرآباد ۽ راولپنڊئ ۾ مارشل لا لڳايو ويو. 22.4.1978: سنڌ جي سابق وزير بشير احمد شاه کي چونڊن وڙھڻ کان نااهل ڪيو ويو. *************** {22 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 22 اپريل 1927ع مذهبي اسڪالر پير فضل الحق (جهنڊو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 اپريل 1941ع شاعر عبدالحق عابد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 اپريل 1974ع ليکڪ وقار حنيف ملاح جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 22 اپريل 1788ع بزرگ مخدوم سخي هارون لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 1902ع شاعر ميان نور محمد پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 1957ع غلام صديق عيساڻي انتقال ڪري ويو. 22 اپريل 1973ع شاعر عابد عاقلي لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 2007ع استاد ۽ تعليمي ماهر احمد خان هيسباڻي لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 2008ع اسٽيج اداڪار، صداڪرا ۽ هدايتڪار محمد صديق پرهياڙ جو انتقال ٿيو. 22 اپريل 2011ع اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر وفات ڪري ويو. 22 اپريل 2012ع تي گلوڪار ماسٽر منظور جو سندس ئي گهر مان گولي لڳل لاش مليو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ If you are not accepted alog with your all colors, create new world for you full of love and beauty. If nobody can fall in love, fall in love with your Self. Don't wait for anybody for long-time, go ahead in search of love & beauty, vision & wisdom and truth & peace. Don't accept that you should be accepted as desired by others, see, what is required by your heart, soul and instincts. Always pray and preach it without limitations.] مصور جي آھين تہ وري ڪا نئين تصوير بڻاء ، سونهن ۽ سرت لاء وري پيرن ۾ گهنگهرو پاء.، دل نہ لڳائي ڪو اگر دلبر.، پاڻ سان دل لڳاء، واٽ تي ويھ نہ منتظر، اڳتي هل وک ڪا وڌاء، سمجهيو نہ وڃين هتي، تہ پاڻ کي سمجهاء، گيت محبت ۽ دعائن سلامن جا تون پيو ٻڌاء ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd APRIL} EVENTS: 1832: Colonel Pottenger informs his Government that Mir Murad Ali Khan of Hyderabad has agreed to hand over British Government some of the chiefs of Parkar and traitor Ismail Khan and Captain Robret may be directed to proceed to Lakhpat to receive the prisoners. This may be kept in mind that Khosas and other chiefs of Parkar were doubtful about the presence of British people in Sindh. Hence they were creating problems for them. Some of them involved themselves in robbery and other criminal acts. Whenever freedom/defence movement stands involved in crimes, it provides opportunity to anti-freedom elements to take drastic action. Same situation occurred on the East-South of Sindh also. 1838: Colonel Pottenger is directed by his Government to apprise Mirs and Sindh Government of view of the British Government that it is surprised and concerned to hear that Mirs of Sindh had submitted themselves to the court of Persia. 1916: The Sindh Provincial Conference, that started two days ago at Larkano, comes to end. It was presided over by Rais Ghulam Muhammad Bhurgri. 1922: Pir Mithal Shah Rashdi of Thullah (President) and Muhammad Sadiq (Secretary) of Larkano District Khilafat Committee, arrested under Section 108 Indian Penal Code are produced before the court of the District Magistrate Larkano. 1935: All-India Muslim League protests on the terrible event of police firing resulting killing of so many Muslims in Karachi. 1938: Syed Attaullah Shah Amratsri presides over ‘4th Sindh Azad Conference’ at Shikarpur. It is attended by most of Sindhi Muslim politicians to advocate their case for the separation of Sindh from Bombay Presidency. The Conference ended with adopting 18 resolution on important subjects like, Separation of Sindh, demand for withdrawal of Criminal Tribes Act and Frontier Regulation Act, compulsory teaching of Religious education in schools, usage of local made products, imposing ban on wine and political support to Palestinians.1972: Emergency to continue. President Z.A.Bhutto issues an order suspending the right to move any court for enforcement of the fundamental rights provided in the constitution. 1977: Martial law is imposed in Karachi, Lahore and Hyderabad and Rawalpindi. Newsmen observe token strike. 1996: Kazi Hussain Ahmad begins mediation in Afghan conflict. After 18 years, now in our times another JI chief is busy in mediation so as to bring Talbans and Government near and dear to each other.

Saturday 20 April 2024

SINDH in history today (21st April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (21st April) ** ***** توجه طلب واقعا *************** 21.4.1836: پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته پتو پيو آھي ته سنڌ ڪي يورپي ماڻهون به رهن ٿا. ان بابت مير نور محمد پنھنجي هڪ خط ۾ ويچار ونڊيا آھن. [ياد رهي ته فرنگين کي شڪ هوندو هو ته سنڌ ۾ جيڪو به پرڏيهي رهي ٿو, اهو ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي مفاد ۾ نه ھوندو] 21.4.1912: انگريزن سنڌي هندوء ۽ مسلمان وچ ۾ مذھبي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاء ديني ۽ ڌرمي تنظيمن کي استعمال ڪيو. اهي مٿي تي هٿ رکي ويهي مزو ڏسندا هئا ۽ هندو مسلمان پاڻ ۾ وڙھي ناڙ ٿيندا هئا. ڪراچئ ۾ ھفتن جا هفتا مناظر ٿيو ته "لاش پورجي يا ساڙجي". انھئ ۾ ڪيترن ھندن, مسلمانن ۽ ڪرستانن حصو ورتو. مناظري جو بندوبست "آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن" ڪيو. 21.4.1916: ”ٽين سنڌ پراونشل ڪانفرنس" رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿي. لالچند نولراء ھن ڪانفرنس جي آڌرڀاء ڪميٽئ جو صدر هو. اعلان ڪيو ويو ته ٻئي ڏينھن ڪانفرنس جي ڪاروائي سنڌئ ۾ هلائبي. صدر جي تقرير کان پوء "سبجيڪٽ ڪميٽي" ٺاهي, شام جو پنجين وڳي پهرين ڏينھن جي ڪاروائي پوري ڪئي وئي. 21.4.1919: "روولٽ ائڪٽ" خلاف رد عمل ڏيکارڻ تي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون ويون. 21.4.1934: ڪراچئ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي هئي, جنهن ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ نه ڪرڻ جا ٺھراء پاس ڪيا ويا هئا. اڄ مسلمان سياستدان حيدرآباد ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس" جي "ورڪنگ ڪميٽئ" جي گڏجاڻي سڏائي هندن طرفان اٿاريل اعتراضن جا جواب تيار ڪيا. [هندو توڙي مسلمان سياستدان گڏ ويهي سمجهڻ سمجهائڻ ۽ مسئلي جي حل ڪڍڻ بدران الڳ الڳ گڏجاڻيون ۽ ڪانفرنسون ڪري ماحول بگاڙڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.] 21.4.1966: سنڌ يونيورسٽئ فيصلو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي لا ۾ پي ايڇ.ڊئ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي. 21.4.1966: تحريڪ آزادئ جي بي لوث سپاهئ ۽ 1938 ۾ مسلمانن لاء الڳ ملڪ جي ڳالھ ڪندڙ شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي گرفتار ڪيو ويو. 21.4.1968: سوويٽ يونئن جي وزير اعظم چيو ته ڪنهن کي ٽياڪڙ بنائڻ بدران پاڪستان ۽ انڊيا پاڻ پنهنجا مسئلا حل ڪن. پاڪستان کي اسٽيل مل ٺاهڻ ۽ نيوڪلر جي شعبي ۾ مدد ڪبي. 21.4.1972: 3 سالن ۽ 26 ڏينھن کان پوء مارشل لا ختم. ڀٽي عارضي آئين جي توثيق ڪئي ۽ راولپنڊئ ۾ ماڻھن جي هجوم ۾ وزير اعظم جي عهدي جو چيف جسٽس حمودالرحمان هٿان حلف کنيو. 21.4.1993: سنڌي لئنگويج اٿارٽئ طرفان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صدارت ۾ جيڪب آباد ۾ سنڌي ٻولئ جي تعليم بابت سيمينار ٿيو ۽ ان ۾ 28 استادن/استادياڻين پنهنجا ويچار ونڊيا. آخر ۾ سفارشون ڏنيون ويون ته: * پهريون اکر پڙھائجن ۽ پوء لفظ, * هجي جو باب لازمي پڙھائجي, * پٽئ جي استعمال کي وري رائج ڪجي. 21.4.1994: اڳوڻي آرمي چيف سچي ڪئي ته 1990 وارين چونڊن ۾ مهراڻ بئنڪ وارا ڏوڪڙ ڪم آندا ويا هئا ۽ اها سابق صدر اسحاق ۽ سابق وزير اعظم نواز شريف کي ڄاڻ ھئي. *************** {ڏينهن 21 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 21 اپريل 1923ع شاعر مرزا اجمل بيگ(ٽنڊو ٺوڙهو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1923ع شاعر نجف علي ڪمتر نقوي جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1924ع صحافي آتما رام لعلواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1937ع سياستدان عبدالخالق شيخ (ٿريچاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1941ع ليکڪ وشنو ڀاٽيا(ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1966ع ليکڪ امداد لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 21 اپريل 1787ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد مبارڪ مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 21 اپريل 1935ع ليکڪ ڪشن سنگه لولا ديهانت ڪري ويو. 21 اپريل 1938ع شاعرِ مشرق علامه اقبال جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1986ع تعليمدان غلام رضا ڀٽو(هالا) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1987ع شاعر لونگ خان لائق جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1990ع ليکڪ سرير پهنور (ميهڙ) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2004ع سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2007ع محقق، سائنسدان ۽ اسڪالر ايم ايڇ پهنورجو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2009ع گلوڪاره اقبال بانوجو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2011ع باکڙي موري ويجهو سنڌ جي سپوتن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڪيو ويو. GOOD DAY FOR YOU. * [My Dear is not with me because, she/he has noticed that I am not with my self. I am not, what really I am. For seeing dear very near, it is essential that one should find self, but always remain selfless. Love & bloved is to be projected with sincerity & sacrifice. It is must to abide by human values and to get rid of ego, hatred and discrimination. I am on way towards heart of my dear as soul of dear is anxiously waiting for me ] پاڻ جو نہ آھیان آئون تان 'پاڻ' سان، ان لاء نہ مان پرين سان نہ پرين ساڻ, ‏'تون هي تون' جو ويو ورد جي وسري, پوء سونهن ۽ سرت ڪيئن ٿين سرواڻ؟ ; 'مان' ۽ 'مان' جي وئي بدبوء وڪوڙي ، پوء تہ انا ۽ نفرت جو ٿيو من ۾ مانڌاڻ, عشق اگر اڳواڻ, تہ اچي ريت پريت جي ************* 2). SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st APRIL} EVENTS: 1836: Colonel Pottenger forwards to his Govt. the copy of letter sent by Mir Noor Muhammad Khan Talpurdisapproving the request of Govt. of India for allowing some Europeans to sation in Sindh permanently.1916: 3rd Annual Sindh Provincial Conference starts at Larkano with Ghulam Muhammad Bhurgri as its president. Details of all three days proceedings can be read on Gul Hayat Institute's website. The important development was that proceedings were conducted in Sindhi. 1919: Large scale raids by police start at midnight in Karachi, Hyderabad, Sukkur and other cities on offices of political parties and Newspapers.G.M.Bhurgri's office remained main target. Jethmal Parsram, H.D.Mariwalla, Narsinglal, Mukhi Jethanand, Dr.Choithram, Shaikh Abdul Majeed and Durgdas Advani are arrested. 1934: The meeting of the Working Committee of the Sindh Azad Conference is held at Karachi to discuss the political strategy regarding facing and responding Hindu Sabha's anti - Sindh Separation movement. In the evening Poetic sitting (Mushaira) is arranged by the Sindhi Sudhar Society with Mir Ayub Khan in chair. 1972: Martial Law is lifted, constitutional rule is restored after 3 years and 26 days. Z.A.Bhutto authenticates interim constitution and takes oath of his office at a mass rally in Rawalpindi. Cheif Justice Hamoodu Rahman administers the oath.1994: Mehran Bank money was spent in 1990 election. Former President Ishaq Khan and former Prime Minister Nawaz Sharif were kept informed, says former army chief Aslam Beg. *************3). What Peoples say about Gul Hayat. INTERNATIONAAL InSTITUUT VOOR SOCIALE GESCHIEDENIS INTERNATIONAL INSTITUTE OF SOCIAL HISTORY INTERNATIONALES INSTITUT FUR SOZIAL GESCHICHTE INSTITUT INTERNATIONAL D’HISTOIRE SOCIALE Dr Dur Mohammad Pathan, Gul Hayat Institute, Vill: Khair Muhammad Arija, District: Larkana, Sindh, PAKISTAN Amsterdam, Our ref.: 7 September 1998 Your ref.: Dear Dr Pathan, Having reported on my visit to the Gul Hayat Institute, I can confirm that the International Institute of social History (IISH) has been impressed by the considerable efforts made by the Gul Hayat Institute (GHI) over the past eight years in preserving valuable historical material on Sindh society. IISH realizes that you and your family have sacrificed much for the realization of this archive in the village of Khair Muhammad Arija. IISH considers it important that such work should be facilitated in the future. In this spirit, we would like to suggest that GHI and IISH be affiliated to each other. The purpose of this affiliation is to help ensure that material on the history of Sindh and other parts of Pakistan be conserved for future generations. IISH is looking forward to co-operation with GHI in the exchange of information and in other ways that may be of mutual benefit. We trust that this affiliation will lead to a strengthening of the GHI as well as to more scholarly interest in the history of Sindh at the IISH. To this end, we invite you, Dr dur Mohammad Pathan, in your personal capacity as well as in that of Director of the Gul Hayat Institute, to initiate this new co-operation between our Institutes in Sindh. Your Sincerely, Pro. Willem van Schendel Asia Department Cruquiusweg 31 – NL-1019 AT AMSTERDAM – Tel 31-20-6685866 – Fax 31-20-6654181 ABN – AMRO Bank 41.13.90.805 – Postgiro 4740245 ………………