Sunday 13 August 2023

SINDH in history today (14th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th August) and Good Day Wish. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Dear! You are not an ordinary creation. You are love & beauty and vision & wisdom. Rise as a Sun and end the darkness of ego, hatred and discrimination. Sorrowful souls need and deserve your help, support and guidance. Everybody accepts you, accept people like me. Overlook my fauls and mistakes. Correct me with your love and beauty, please.] سج ٿي اڀر سچ سرت سونهن جو جانب جهان هئ جرڪاء, مٺڙن ماروئڙن کي ۽ پرين پاڻ کي پيار پاٻوه سان پرچاء, رٺل جيڪي روح ڏسين رانول تن کي رازن سان ريجهاء, انا نفرت ۽ متڀيد جي هئ جا باه ٻري سا تو وساء, گدلا مون پارا گلي سان لاء, ساري تون سلام چئي. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {14th AUGUST} EVENTS: 1838; Colonel Pottenger informs his Government that differences are visible between Talpurs and Lagharis .(Source: Letter No.89). 1917: Karachi Preem Mandli invites Dr.Chithram Gidwani to deliver lecture and share account of the Shikarpur Conference. New High School of Karachi is selected for the event. (Source: The Daily Gazette). 1923: Amalsing of Ratodero, who was sentenced to imprisonment under 108 C.P for taking part in the Non-Co-Operation Movement, is released today. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1936: Founders of the ‘Sindh Ithah Party’ meet at the residence of Sir Haji Abdullah Haroon and discuss the Rules, Regulations and Constitution of the party. (Source: The Daily Al-Wahid). 1942: The meeting of the Working Committee of the Muslim League is holding the probe into the reported misappropriation in the ‘Flood Fund’. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1947: British India is divided and today new country-Pakistan, comes into existence with Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah as its founder Governor-General . Sindh played a leading role in creation of Pakistan. The Sindh Legislative Assembly was the first and last Legislative Assembly that supported and opted for Pakistan. In this regard the resolution was moved by G.M.Syed. The founder of Pakistan-M.A.Jinnah was born in Jhirk, Sindh. The first and last Annual Session of the All-India Muslim League (before Pakistan) was held in Sindh (Karachi). The founder President of the All-India Muslim League was Sir Agha Khan who was born in Sindh. 1973: The present one Constitution is enforced "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(14 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق." [ ڪجھ واقعا ] 14.8.1832: اڄ ڪرنل پاٽينجر خط لکي پنھنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته: 1. حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن ۽ ڪابل جي بادشاه شاه شجاع وچ ۾ سمجهوتو ٿيو آھي ته مير کيس شاه شجاع کي سندس کسيل علاقن وري فتح ڪرڻ ۾ مالي مدد ڪندا. شاه شجاع شڪارپور ميرن جي حوالي ڪندو ۽ سنڌ جي آزاد حيثيت کي مان ڏيندو. 2.خيرپور وارو مير علي مراد خان بجرڪا ڳوٺ Bujirika Goth ڏانھن ڀڄي ويو آهي ۽ مير رستم علي خان انھئ ڳوٺ تي قبضي ڪرڻ لاء فوجي موڪليا آھن, 3. ميرپور وارو مير علي مراد آتو ويٺو آھي ته جيئن فرنگي پارڪر ۾ پنهنجي ڏوهارين خلاف فوجي ڪاروائي ڪندا ته مان انھن جي مدد ڪندس. 14.8.1838 ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجئ حڪومت کي خط ذريعي آگاهي ڏني ته ٽالپرن ۽ لغارين جي وچ ۾ وڏا اختلاف پيدا ٿي چڪا آھن. (حوالو: خط نمبر 89). [ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جا نمائندا سنڌ ۾ هر قسم جي جاسوسي ڪندا هئا ۽ ميرن جون ڪمزوريون ڳولهيندا هئا. لغاري ميرن جي حڪومت ۾ تمام وڏن عهدن تي رهيا. ميرن ۽ لغارين جا اختلاف فرنگين جي فائدي ۾ ويا. 14.8.1839: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ حڪومت جي "سيڪريٽ ڪميٽئ" کي لکيو ته مياڻئ جي جنگ کان نيپيئر ميرن سان جيڪو رويو رکيو, اهو وقت جي تقاضا ۽ درست قدم هو. نيپيئر تي آئوٽرام جا الزام اجايا آھن. آئوٽرام ميرن هٿان استعمال ٿي رهيو هو. ميرن جا ديرا جيڪي قيدي ميرن سان گڏ نه ويا پر سنڌ ۾ آھن, انھن مان هر هڪ لاء ساڍا چار هزار روپيا ماهوار الائونس مقرر ڪيو اٿئون. اهڙئ ريت قيدي ميرن مان هر هڪ کي مهيني ۾ پندرهن هزار روپيا ماهوار الائونس ڏنو پيو وڃي. (حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 31). 14.8.1851: صوبائي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي اها اجازت ڏني ته خان ڳڙھ (جيڪب آباد) ۾ ڇانوڻي ٺاهي وڃي. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 2207), 14.8.1917: "ڪراچي پريم منڊلئ" اڄ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي کي دعوت ڏئي ليڪچر ڪرايو. هن شڪارپور ڪانفرنس ۽ سياسي حالتن بابت پنهنجا ويچار ونڊيا. اهو ليڪچر پروگرام ڪراچي جي "نيو هاءِ اسڪول" ۾ ڪيو ويو. ياد رکڻ جي ڳالھ اها آھي ته تعليمي اداري جو انتخاب ته ڪيو ويو, پر پروگرام ۾ شاگرد نه, ليڪن پريم منڊلئ جا ميمبر ۽ ٻيا ماڻھون شريڪ ٿيا. پروگرام اسڪول ٽائيم ختم ڪرڻ کان پوء ڪيو ويو.(حوالو: ڊيلي گزيٽ). 14.8.1923: رتيديري جي املسنگ کي "عدم تعاون تحريڪ" ۾ حصو وٺڻ تي قلم 108 سي پي سي تحت سزا ڏني وئي هئي ، هو اڄ جيل مان آزاد ٿيو. (ذريعو: ‘ گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران ڪانگريس بابت گڏ ۽ مرتب ڪيل مواد'). 14.8.1936: اڄ سر سنڌ حاجي عبدالله هارون جي رهائشگاهه تي ’سنڌ اتحاد پارٽي‘ جي باني ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ پارٽي جي قاعدن ، ضابطن ۽ آئين ٺاهڻ بابت ڳالهيون ٿيون. (ذريعو: روزانه الوحيد). 14.8.1942: اڄ سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ‘ٻوڏ فنڊ’ ۾ پارٽي ميمبرن طرفان گهوٻين هڻڻ جي جاچ پڙتال ڪئي وئي. (ذريعو: ‘گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مسلم ليگ بابت مواد). 14.8.1947: برٽش انڊيا ورهائجي ويو ۽ نئون ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو. قائداعظم محمد علي جناح نئين ملڪ جو باني گورنر جنرل ٿيو. 14.8.1973: پاڪستان ۾ نئون جوڙيل ۽ منظور ڪيل آئين نافذ ڪيو ويو . چوڌري فضل الهٰي ۽ ڌوالفقار علي ڀٽي انھئ آئين مطابق پاڪستان جي صدر ۽ وزير اعظم جو حلف کنيو. 14 آگسٽ تي ولادت يا وفات وٺندڙ شخصيتون [ ولادتون ] 1830ع سنڌ مدرسي جو بانيڪار حسن علي آفندي. 1896ع شاعر قادر بخش بشير . 1897ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر اضعف هالائي. 1901ع سياستدان خانبهادر ايوب کهڙو. 1906ع شاعر ۽ گلوڪار فتح چند پرواز (بهلاڻي / ڪلڪتو) . 1928ع سياستدان الهه بخش مگسي. 1929ع شاعر اميد خيرپوري. 1931ع سياستدان غلام مصطفى جتوئي. 1937ع ليکڪ ظفر حسن شاهه (حيدر آباد). 1938ع آرٽسٽ محمد صديق پرهياڙ. 1939ع ليکڪ ظهور انصاري. 1944ع سگهڙ غلام علي شر. 1947ع ليکڪ، بيوروڪريٽ ۽ سياستدان مهتاب اڪبر راشدي جو جنم. 1947ع شاعر روشن سومرو. 1955ع شاعر عبد القادر عبد. 1956ع صحافي شير محمد ملڪاڻي. 1958ع شاعر غلام مصطفى گوهر. 1958ع صحافي سيد مظهر علي (جيڪب آباد). 1960ع ليکڪ ۽ مرثيه نگار ڊاڪٽر امام علي مرزا. 1962ع ليکڪ آزاد سچل اعواڻ جو جنم. 1969ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اڪرام ساگر عباسي(پنجو ديرو). 1970ع شاعر بيخود بلوچ. 1970ع لوڪ گلوڪاره تاج مستاني. 1971ع ليکڪ غلام اصغر مـڱڻهار. 1947ع شاعر روشن سومرو. 1956ع استاد اڳواڻ محمد رفيق جروار (ٽنڊو الهيار) . 1960ع براڊ ڪاسٽر ۽ صحافي محمد اسلم چنا (حيدرآباد) [وڇوڙو]: 1991ع سگهڙ الهورايو مهيسر (رفيق مهيسر / خيرپور). 2004ع ناليواري راڳي ۽ موسيقار سينگار علي سليم

No comments:

Post a Comment