Sunday 6 August 2023

SINDH in history today (7th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th August} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is rightly said that " when one teaches, teacher and taught, both learn". In the school of love when your beauty started teaching us, you became absconder and I remained there present round the clock. Your beauty taught me vision & wisdom, sincerity & sacrifice and trust & hope. I got rid of hatred and discrimination because of teachings of your beauty. Though, you are still at distance, with differences and absconder but, you are second to none and my dire need. Therefore, I have to pray and praise and try to please you, day and night.] هوء جا تنهنجي سرت ۽ سونهن تنهن مون کي سڀ ئي سيکاريو, منهنجي مئي من ۽ روح کي تنهن پنهنجئ تان جوت سان جياريو, ماري سندم نفرت متڀيد کي تنهن مون کي محبت جو امرت پياريو, پر تو نہ سکيو پنهنجئ سونهن کان نڪي ان ڏي ڪڏھين نهاريو, تان جو تو بن منهنجا سپرين ناهي پنهنجو ڪو ئي سندر سهارو, ان لاء ڇڏيان نٿو رستو چارو, پيو ساريو سر ڏئي سلام ڪريان. ************ SINDH IN HISTORY TODAY {7th AUGUST} EVENTS: 1832: There is correspondence between Colonel Pottenger and Adjutant-General of Army, Bombay regarding assemblage of forces to act against the plunders. (Source: Letter No.123). 1841: Sindh Rulers agree to pay half of the expenditure if Sindh and Begari canals are made serviceable for navigation and extending the irrigation already supplied for them. (Source: Letter No.62 from Captain Stacy to Captain Wallace). 1843: The Governor-General of India writes to Charles Napier giving his opinion about miscalculations of Major Outram and approves all the actions taken by Charles Napier timely, correct and accordingly.(Letter from Calcutta ). This may kindly be noted that Major Outram played anti-Charles Napier role and opposed his action in regard Sindh and Rulers. 1857: The Medical Board to the Government of Bombay approves and recommends proposal of the Sindh Commissioner those medical arrangements for residents at Manora and neighboring villages of Baba and Keamari be made. (Source: Letter No.1358). 1921: Sirai Sabz Ali takes initiate to open branch of pro-British political party- Aman Sabha at Nasirabad. He is elected its founder president, whereas Seth Naromal & Seth Aildas are elected Vice President and Secretary respectively. Wadero Muhammad Sidiq Wagan always helped them to hold public meetings and to preach loyalty for British Government (Source: The Daily Gazette, Karachi ). 1922: There is competition between Seth Gidumal Fatihchand and Seth Chelaram Dilomal in donation and financial support to ‘Hindu Township Peoples’ Association’ of Karachi in regards with its efforts to establish Open Library and Reading Room. (source: The Daily Gazette). 1947: Quaid-i-Azam reaches Karachi . Jhrik-born leader is now the First Governor-General of Pakistan. What a great role has played Sindh in the creation of Pakistan! (Source: Newspapers). 1959: An Ordinance is promulgating to purify politics and society. Who so ever, if deemed fit can be disqualified with immediate effect. (Source: Newspapers). 1977: Aitzaz Hassan joins Tahrik Istaqlal, Mir Ali Ahmad Talpur, Mir Rasool Bux Talpur; Abdul Hameed Jatoi and Haji Moula Bux Soomro join PNA. (Source: ibid). 1990: Rais Ghulam Mustafa Jatoi is sworn in as Caretaker Prime Minister of Pakistan . U.S backs move of President Ghulam Ishaq Khan for dissolving assemblies. (Source:ibid). 7.8.2023 ************* "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(7 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 7.8.1832: کوسن, ٺاڪرن ۽ ٻين سنڌين سنڌ جي اوڀر-ڏکڻ ۾ فرنگين کي ڦرڻ ۽ رستا روڪ ڪرڻ وارين ڪاروائين مان جان ڇڏائڻ لاء فرنگين فوجي ڪاروائي ڪرڻ جو اهتمام ڪيو. اڄ ڪرنل پاٽينجر خط ۾ فرنگي فوج جي ايڊجيوٽنٽ جنرل کي مشورا ڏنا ته فرنگي فوج ڪهڙي هنڌ تي گڏ ٿئي ۽ ڪٿان فوجي ڪاروائي شروع ڪري. ياد رهي ته هن فوجي آپريشن ۾ ميرپور خاص مان انگريزن کي مدد ملي هئي.(حوالو: پاٽينجر جو خط نمبر 23). 7.8.1841: سنڌ جا حڪمران خرچ جو اڌ حصو ڏيڻ لاءِ راضي ٿيندا جڏهن سنڌ واه ۽ بيگاري واهه نيويگيشن (آبي آمدرفت) لاءِ قابل بڻايا ويندا. انھئ ڳالھ جو پتو فرنگي سفارتڪارن جي اڄوڪي خط و ڪتابت مان پئي ٿو. اهو به پتو پئي ٿو ته روڊن رستن نه هئڻ ڪري انگريزن پنھنجي فوج ۽ تجارتي سامان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاء آبي رستن ٺاهڻ لاء ميرن کي آماده کانئن خرچ پکو ورتو. (حوالو: ڪئپٽن والس ڏانھن لکيل خط نمبر 62). 7.8.1843: هندستان جو گورنر جنرل چارلس نيپيئر کي خط لکي دلجاء ڏني ته هن سنڌ ۾ جيڪا فوجي ۽ سياسي حڪمت عملي ٺاهي ۽ جيڪي قدم کنيا, اهي درست ۽ وقتائتا هئا ۽ ميجر آئوٽرام جا اوهان تي لڳايل الزام غلط آھن. ياد رهي ته آئوٽرام نيپيئر جي فوجي قدم خلاف اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو هو, جنھن سان نيپيئر ۽ ڪمپني حڪومت جي سنڌ بابت حڪمت عملئ تي حرف آيو هو. (حوالو: ڪتاب Correspondence related to Sinde) 7.8.1857: ممبئيءَ گورنمينٽ جي ميڊيڪل بورڊ اڄ سنڌ جي ڪمشنر جي سفارش قبول ڪندي کيس صلاح ڏني ته بابا ڀٽ, ڪياماڙئ, منوڙي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙن لاءِ طبي انتظام ڪيا وڃن. ڇو ته اتان جي آب و هوا فرنگي فوجين کي ڀانء نه ٿي پئي. [ڪم جي ڳالھ ھئ آھي ته ذڪر ڪيل ماڳن جي آب و هوا غير سنڌين کي ٻيٽن تان هٿ کڻائڻ تي آماده ڪري سگهي ٿي]. (حوالو: ممبئي ميڊيڪل بورڊ جو خط نمبر 1358). 7.8.1921: سرائي سبز علئ جي ڪوششن سان اڄ نصير آباد ۾ فرنگين جي حامي سياسي جماعت "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. انهي جو باني صدر پاڻ چونڊيو ويو ، جڏهن ته سيٺ نارومل ۽ سيٺ آئلداس کي بالترتیب نائب صدر ۽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. وڏيرو محمد صديق وڳڻ هميشه انهئ سڀا کي عوامي ميڙاڪن منعقد ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو رهيو. (حوالو: ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي) 7.8.1922: سنڌ جا هندو خير ۽ عوامي ڀلائئ واري ڪم ۾ ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪري ميدان مارڻ گهرندا ھئا. شڪاپور ۾ ڪاليج ٺاهڻ لاء چندو گهربو هو ته سيٺ چيلارام ۽ سيٺ سيتلداس وچ ۾ چندي ڏيڻ ۾ چوٽئ جو مقابلو ٿيو. اڄ ڪراچئ ۾ "هندو ٽائون شپ پيپلز ائسوسيئيشن“ طرفان لائبريري ۽ ريڊنگ روم قائم جي سلسلي ۾ سيٺ گدومل فتحچند ۽ سيٺ چيلارام دلومل جو چندو ڏيڻ ۽ مالي مدد ڪرڻ ۾ مقابلو ٿيو. (حوالو: ڊيلي گزيٽ, اخبار). 7.8.1947: قائداعظم محمد علي جناح ڪراچي پهتو. جھرڪن ۾ جنم وٺندڙ ھي اڳواڻ پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل ٿيو. (ذريعو: اخبارون). 7.8.1977: اعتزاز حسن وڃي "تحريڪ استقلال" ۾ شام ٿيو. ، سنڌ مان وري مير علي احمد ٽالپر ، مير رسول بخش ٽالپر, عبدالحميد جتوئي ۽ حاجي مولا بخش سومرو پي اين اي ۾ شامل ٿيا. (حوالو: اخبارون) 7.8.1990: اڄ رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي پاڪستان جي نگران وزيراعظم طور حلف کنيو. آمريڪا صدر غلام اسحاق خان طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ بينظير جي حڪومت ڊاهڻ واري قدم جي پٺڀرائي ڪئي. (حوالو: اخبارون) [جنم] : 7 آگسٽ 1939ع اداڪاره ۽ گلوڪاره پشپا ڀاوناڻي(ڪراچي / دهلي). 7 آگسٽ 1946ع شاعر گستاخ هالائي. 7 آگسٽ 1947ع ليکڪا خيرالنساء جعفري. 7 آگسٽ 1947ع شاعر ۽ مصور راز ناٿن شاهي . 7 آگسٽ 1955ع شاعر افضل ايري. 7 آگسٽ 1961ع شاعر ضمير احمد فدا. 7 آگسٽ 1980ع شاعر سيد رضا شاهه “رضا بخاري”. 7 آگسٽ 1993ع گلوڪاره خوشبوء لغاري (ميرپور خاص). [وڇوڙو]: 7 آگسٽ 1941ع بنگالي ٻولي جي مشهور شاعر ۽ ليکڪ رابندر ناٿ ٽئگورجي وفات. 7 آگسٽ 1953ع شاعر جمعو خان غريب. 7 آگسٽ 1972ع سنڌي ٻوليءَ جو شهيد عبدالرزاق سومرو

No comments:

Post a Comment