Wednesday 9 August 2023

SINDH in history today (10th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 6:08 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th August} and Good Day Wish. ************** Dr.Pathan‏ ‏wishes you Good Day. [ I have forgotten myself and made it impossible to forget you. Everybody, except you is listening your name in my every heart- beat. You are in my dreams and you are my dream. But, you are at distance and with very serious differences, observations and considerations. ] پچر ڇڏي پنھنجي آئون فقط ڪریان هر پل تنھنجی پچار، سوچن لوچن منجھ تون ئي تون تن من کي تنھنجي تنوار، تون دلیئون ناھین ڌار، پر پرين پري گھٹو نظرن کان. سدا. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {10th AUGUST} EVENTS: 1840: Major Outram reports to the Government of India about hostile feelings and designs of Jam of Bella for the East India Company Government of India (Source: Letter No. 639) 1849: Gemological memoranda of the Talpur families is prepared by the Collector of Hyderabad. It reveals that Murad was the father of all talpurs. Memoranda provide information about Mohanie Dorke, Koorkani, Kuppani and MankaneeTalpurs, (Source: Letter No. 1019). 1947: The Constituent Assembly of Pakistan meets atKarachi. 40 members from East Bengal (Pakistan), 17 February Punjab, 3 from NWFP, 4 from Sindh and one member from Baluchistan participate. Quaid-i-Azam is elected the President, whereas Moulvi Tamizuddin becomes Vice President. (Source: Newspapers). 1953: The District Sanghar comes into existence. Sanghar, Sinjhoro and Pithoro talukas of Tharparkar and Shahdadpur taluka of Nawabshah are included in this new district. (Source: Sindh Government’s Notification). 1969: Hyder Bux Jatoi is arrested (Source: Newspapers). 1971: U.S.A voices concern over the trial of Shaikh Mujeeb-u-Rahman. (Source: ibid) Sindh in history today (10th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 10 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 10.8.1832: اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي معلومات موڪلي ته: 1. حيدرآبادي ۽ خيرپوري حڪمرانئ جون حدون ۽ پرڳڻا ڪهڙا آھن, 2. ته ميرن سان ڳالهيون هلي رهيون آھن ته سنڌوندئ ذريعي واپار ڪندڙ فرنگين ۽ سندن واپارين کان هر ڪنهن پتڻ تي نه پر فقط هڪ پتڻ تي محصول وٺجي , 3. پتو پيو آھي ته ٿر ۽ پارڪر ۾ فرنگين کي ڦرندڙن خلاف مهم جوئي جلد ٿيڻ واري آھي. ان لاء جوڌپور ۽ جيسلمير مان مدد پهچي پئي ۽ اسان جي فوج به پهچڻ واري آھي. مير مراد علي به مدد ڪرڻ لاء آتو ويٺو آهي. 10.8.1834: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته مير اسان کي "ريزيڊينسي" کولڻ جي اجازت نه ٿا ڏين, بلڪ ڪيٻائن ٿا. اهڙئ طرح نئين معاهدي ڪرڻ کان به لهرائن ٿا. پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي صلاح ٿو ڏئي ته ميرن تي دٻاء وجهڻ لاء اسان کي ڪڇ ڀڄ ۾ پنهنجي فوج وڌائڻ گهرجي ۽ اسان ڪوشش ڪريون ته سنڌ جا بندر بلاڪ ڪريون.(حوالو: "Commercial relation between Britain and Sindh [1660 to 1843] ويب تي رکيل ڊاڪٽر درمحمد جو ڪتاب). 10.8.1840: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل جو سيڪريٽري ايڇ. ٽورينس H.Torrens پنهنجي ڏکڻ سنڌ واري پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکي ٿو ته خيرپوري مير سنڌوء ذريعي ويندڙ اسان جي تجارتي مال تي ڪنهن به قسم جو محصول نه ٿا وٺن. پر حيدرآبادي مير وٺن ٿا. ان ڪري حيدرآبادي ميرن سان اهو مثال ڏئي ڳالهاء ته جيئن هو به محصول نه وٺن. [ فرينگين جي اها چال ڪامياب وئي ته هنن خيرپوري,حيدرآبادي ۽ ميرپوري ميرن سان الڳ الڳ دوستيون رکيون. هڪ هنڌان ڪو فائدو ملين ته مثال ڏئي ٻئي هنڌان به فائدا ورتائون]. (حوالو: سيڪريٽرئ جو مراسلو نمبر 379). 10.8.1843: نيپيئر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته ميرن جا خط مون کي کليل ملن ٿا. جنهن مان ظاهر آھي ته اسان جي ٽپال اسان تائين پهچڻ کان اڳ ڪن حلقن ۾ پڙھي وڃي. ان ڪري مان ميرن ۽ سنڌي ماڻھن تي ڪهڙو اعتبار ڪريان. 10.8.1849: حيدرآباد جي ڪليڪٽر هن کان به اڳ ٽالپورن جي شجرن تي ڪم ڪيو هو. اڄ وري انھئ موضوع تي ان کان وڌيڪ معلومات هٿ ڪري سنڌ جي ڪمشنر ڏانھن موڪليائين. ان ۾ لکي ٿو ته سمورن ٽالپورن جو وڏو مراد آھي. ان کان سواء اڄوڪي معلومات ۾ ٽالپورن جي وڌيڪ پاڙن جو ذڪر به ڪيو آھي. (حوالو: ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 1019). 10.8.1852: سرڪاري لکپڙھ مان معلوم ٿئي ٿو ته ميرن جيڪي ماڻھن کي جاگيرون ڏنيون هيون, انھن جا مختلف قسم ۽ نالا هوندا هئا. انھن مان جاگير جو هڪ قسم "ملازمي جاگير" هوندي هئي ۽ اها فقط ميرن جي ملازمت ڪندڙن کي ڏبي هئي. اها پگهار ڏيڻ جو هڪ طريقو هو.(حوالو: حيدرآباد جي ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 1029). 10.8.1947: پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ جو پهريون اجلاس ڪراچئ ۾ ٿيو. ان جا ايسٽ بنگال (اوڀر پاڪستان) مان 40, پنجاب مان 17, سرحد مان 3, سنڌ مان 4 ۽ بلوچستان مان 01 ميمبر هو. قائد اعظم کي صدر ۽ مولوي تميزالدين (بينگالي) کي نائب صدر چونڊيو ويو. 10.8.1953: سنڌ ۾ ضلعو سانگهڙ وجود ۾ آيو. هن ضلعي ۾ سانگهڙ, سنجهورو, پٿورو, شھدادپور ۽ ٿرپارڪر تعلقا شامل ڪيا ويا. (حوالو: سرڪاري نوٽيفيڪيشن). 10.8.1969: ڪامريڊ حيدربخش جتوئي گرفتار ڪيو ويو. 10.8.2012: امداد علي اوڍي پنهنجي پٽ سرويچ اوڍي سان گڏجي "ريڊيو وائس آف سنڌ" قائم ڪيو. [جنم ڏينهن]: 10 آگسٽ 1900ع مذهبي اسڪالر پير مظهرالدين راشدي . 10 آگسٽ 1931ع شاعر جانڻ سوائي (مير گوٺ) . 10 آگسٽ 1936ع شاعر ڪنعيا لال تلريجا (حيات پتافي / الهاسنگر). 10 آگسٽ 1939ع سماج سڌارڪ بهاول خان انڙ. 10 آگسٽ 1947ع شاعر محبوب ڏيپر. 10 آگسٽ 1947ع ليکڪ نياز خالدي. 10 آگسٽ 1947ع صحافي امداد علي اوڍو. 10 آگسٽ 1951ع صحافي غلام رسول بلوچ. 10 آگسٽ 1952ع ليکڪ ڊاڪٽر خادم لاکير. 10 آگسٽ 1956ع ليکڪ شوڪت خوجائي (ڪراچي). 10 آگسٽ 1958ع اداڪاره رينو لالواڻي (الهاسنگر). 10 آگسٽ 1958ع ليکڪ خان محمد هنڱورجو. 10 آگسٽ 1958ع ليکڪ ۽ مضمون نگار منظور حسين ڪالرو. 10 آگسٽ 1959ع قومپرست سياسي اڳواڻ شهيد بشير قريشي. 10 آگسٽ 1963ع ڀارت جي مشهور عورت ڌاڙيل ۽ اسيمبلي ميمبر ڦولن ديوي. 10 آگسٽ 1969ع شاعر آصف جمالي (تلهار). 10 آگسٽ 1981ع شاعره صنم عزيز ڀنڀرو (خيرپور). [وڇوڙو]: 10 آگسٽ 2012ع شاعر، صحافي، ڊراما نگار ۽ ايڊيٽر شمشير الحيدري. 10 آگسٽ 2017 ع پاڪستان مان ڪوڙهه جي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري عمر ارپيندڙ جرمن عورت ڊاڪٽر رٿ ڦائو

No comments:

Post a Comment