Thursday 17 August 2023

SINDH in history today (18th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 5:54 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th August} and Good Day Wish. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {18th AUGUST} EVENTS: 1834: Munshi Jethanand sends letter to Pottenger informing him that a Hundi of Rs.500 has been sent to Mr.Masson at Kabul. Munshi writes also that his Masters wanted to assure you that friendship between them and British Government would continue from generation to generation. (Source: Munshi’s letter of 18th August, 1934). 1857: The Sindh Commissioner asks the Agent, Sindh Railway Company to work on plan for connecting the rail road to Shikarpur and Jacobabad from Sukkur. (Source: Letter No.1392). 1920: Third Caravan of Sindhi migrants leaves Lahore for Peshawar. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). It was major political mistake of Sindh Khilafat Committee for giving call to quit Sindh. Only Sindhis opted to migrate to Afghanistan and hundreds of families got uprooted on their own. Most of them were not received by Afghan Government and they returned empty handed to Sindh. Prior to migration they sold their properties. This migration movement set a trend that was followed by Indian Muslims soon after creation of Pakistan. 1922: A public meeting is held at Sukkur by the Khilafat Committee and people are asked to follow their religion in letter and spirit. (Source: The Daily Al-Wahid). 1933: The Bombay Legislative Council considers the Bill to consolidate and amend the law relating to the Municipal government of the city of Karachi. Jamshed Mehta, Mir Muhammad Baloch and Ghulam Hussain Hidayatullah participate in the debate. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933). 1939: On the call of Sindh Muslim League, ‘Masjid Manzilgah Day’ is observed by majority of Sindhi Muslims. Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed; Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Muhammad Ayub Khuhro; Muhammad Hashim Gazdar and Syed Khair shah issue strong-worded statement condemning the K.B.Soomro’s policy regarding the restoration of Masjid Manzilgah and demanding immediate resolving the issue. (Source: The Daily Alwahid, Karachi). 1947: NWFP opts to join Pakistan. First ever Eid-ul-Fitir is celebrated in Pakistan and this newly born country becomes member of UNO. (Source: Newspapers). 1958: Sharif Commission is constituted to bring drastic changes in Education system. It proved to be set back for Sindhi language and deprived it of status of medium of instruction. (Source: Government Notification). 1961: Pakistan joins United Nation’s force. A 500- army men army leave for Dar-u-Salam, East Africa. (Source: ibid). 1973: Opposition has opted for war-path. Arrests of NAP leaders have not been made in haste, says Z.A.Bhutto. (Source ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). ( 18 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ"-(18 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 18.8.1808: اڄ ڪئپٽن ڊيوڊ سيلٽن Captain David Selton ڪمپني حڪومت کي سنڌ مان لکي ٿو ته سنڌ جا مير حڪمران اسان جي سرڪار سان هنن ڳالهين تي معاهدو ڪرڻ گهرن ٿا: 1. ڀلي حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ فرنگي فيڪٽريون کولن,2. ٻئي حڪومتون هڪ ٻئي جي دشمن کي پناه نه ڏين, 3. فرنگي ميرن کي عمر ڪوٽ تي قبضي ڪرڻ ۾ مدد ڏين, 4.ڪڇ جو ساحلي پٽو ٻئي حڪومتون پاڻ ۾ ورهائي کڻن. (حوالو: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو انگريزئ ۾ لکيل ڪتاب " برطانيه ۽ سنڌ جا واپاري لاڳاپا") 18.8.1834: اڄ حيدرآباد مان منشي جيٺانند پاٽنجر ڏانهن خط موڪليو ۽ هن کي ٻڌايو ته 500 روپين واري هنڊي مسٽر ميسن ڏانهن ڪابل موڪلي وئي آهي. منشي وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌ جا حڪمران توهان کي يقين ڏيارڻ گهرن چاهين ٿا ته انهن ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ دوستي نسل در نسل جاري رهندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان وچ ۾ مير مراد علي خان جي وفات بعد سندس پرڳڻي جي ورهاست تي شديد اختلاف پيدا ٿي ويا آھن. (ذريعو: منشي جو خط 18 آگسٽ). 18.8.1838: اڄ ڪمپني حڪومت پاٽينجر کي هدايت ڪئي ته هو خيرپوري ميرن کان بکر قلعي وٺڻ لاء گهر ڪري. 18.8.1841: آئوٽرام اڄ ڪئپٽن ليڪئ Captain Leckie کي تمام طويل ۽ تفصيلي خط لکي صلاحون ڏنيون آھن ته کيس سنڌ ۾ ميرن ۽ عوام سان ڪيئن هلڻو آھي. ميرن جي باهمي اختلافن ۾ اڻ-ڌريو ٿي رهڻو آھي. هن حيدرآباد حڪومت جي مکيه ماڻھن جا نالا کڻي ٻڌايو اٿس ته ڪهڙي ماڻھوء جي ذھنيت ڪهڙي آھي. هن جي خط مان پتو پئي ٿو ته آئوٽرام مير محمحمد خان, مير صوبدار خان ۽ نواب احمد خان جي منشين کي لڳاتار خرچي ڏيندو هو ۽ انھن کان راز معلوم ڪندو هو. 18.8.1849: ڪراچئ جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي لکت ۾ سفارش ڪئي ته سرڪار کي چئجي ته سيٺ نائونمل کي 15 سو يا 2000 بيگا زمين جاگير ۾ ڏني وڃي. (حوالو: ڪليڪٽر جو خط نمبر 985). 18.8.1857: سنڌ جي ڪمشنر اڄ “سنڌ ريلوي ڪمپني“ جي عملدارن کي لکيو سکر کان شڪارپور ۽ جيڪب آباد تائين ريل جي پٽڙي وڇائڻ واري ڪم جي شروعات ڪيو. (حوالو: ڪمشنر جو خط نمبر 392). 18.8.1920: "سنڌ خلافت ڪميٽئ" جو اهو غلط سياسي فيصلو هو ته سنڌين کي سنڌ مان لڏڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ تي آماده ڪجي. ان لاء “هجرت تحريڪ" جي شروعات ڪئي ۽ لاڙڪاڻي اسپيشل ريل گاڏيون هجرت ڪندڙن کي کڻي پشاور ويون. اڄ سنڌي مهاجرن جو ٽيون قافلو ٽرين ذريعي لاهور کان پشاور لاءِ روانو ٿيو. (حوالو: روزنامه "الوحيد" ، ڪراچي). 18.8.1922: خلافت ڪيميٽئ سنڌ ۾ سياست ۽ مذھب کي گڏ و گڏ کڻي انگريزن خلاف تحريڪ آھي. خلافتي, جتي ملڪ کي فرنگين کان پاڪ ڪرڻ جي ڳالھ ڪندا هئا, اتي عوام کي مذھبي تعليم جي پوئوارئ جو تاڪيد به ڪندا هئا. خلافت ڪميٽئ جو اڄ سکر ۾ اجلاس ٿيو, جنھن ۾ مذھب ۽ سياست جون ڳالهيون ڪيون ويون. (حوالو: "الوحيد). 18.8.1933: اڄ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڪراچي شهر جي ميونسپل گورنمينٽ بابت قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ بل تي بحث ٿيو. جمشيد ميهتا ، مير محمد بلوچ ۽ غلام حسين هدايت الله بحث ۾ حصو ورتو. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1933 جو واليو ٻيو). 18.8.1939: اڄ سنڌ مسلم ليگ جي سڏ تي سنڌ ۾ “مسجد منزل گاهه ڏينهن” ملهايو ويو. حاجي عبدالله هارون ، جي ايم سيد ؛ شيخ عبدالمجيد سنڌي؛ محمد ايوب کهڙي ؛ محمد هاشم گزدر ۽ سيد خير شاه سخت بيان جاري ڪري وڏي وزير الله بخش سومري جي پاليسي جي مذمت ڪئي ۽ مسئلي کي فوري طور حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. (ذريعو: روزنامه الوحيد ، ڪراچي). 18.8.1947: اڄ سرحد صوبي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ فيصلو ڪيو. اڄ پاڪستان ۾ پهرين عيدالفطر ملهائي وئي ۽ اڄ پاڪستان يو اين او جو ميمبر بڻجي ويو. (ذريعو: اخبارون). 18.8.1958: اڄ پاڪستان سرڪار تعليمي نظام ۾ وڏين تبديلين آڻڻ لاءِ "شريف ڪميشن" قائم ڪئي. ياد رهي ته هن ڪميشن جيڪي سفاشون ڏنيون, انھن سنڌي ٻولئ جي تدريسي اهميت ۽ تاريخي حيثيت کي نقصان ڏنو. 18.8.1973: "اپوزيشن جنگ جو رستو اختيار ڪيو آهي. اين اي پي جي اڳواڻن جون گرفتاريون جلدبازي ۾ نه ڪيون ويون آهن"- ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان. 18 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون [جنم ڏينهن]: 1822ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽبري. 1828ع صوفي شاعر سيد محمد صالح اصغر. 1932ع سياستدان ۽ پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو. 1941ع ناليواري ليکڪ وليرام ولڀ (مٺي). 1942ع شاعره نور شاهين (حيدرآباد). 1948ع مشهور نيوروسرجن ۽ سياست سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر احمد علي شاهه(درٻيلو). 1953ع ليکڪ ابراهيم صالح. 1960ع شاعر مختيار سمون(ڏوڪري). 1960ع مشهور راڳي برڪت علي ڀٽ(سکر). 1960ع شاعر شريف شاد سومرو (رستم). 1968ع صحافي چيتنداس (ٽنڊو الهيار). 1980ع هندستان جي فلم ۽ ڊرامن جي سنڌي اداڪاره پريٽي جهانگياڻي. [وڇوڙو]: 1926ع بزرگ پير محمد شاهه ذاڪري(سڪرنڊ). 1988ع آرٽسٽ ميان اسدالله کونهارو. 1996ع لوڪ گلوڪار سيد سليمان شاهه.

No comments:

Post a Comment