Tuesday 15 August 2023

SINDH in history today (16th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 4:56 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th August} and Good Day Wish. ************** Dr.Pathan wishes you GOOD DAY [ Those, who can not love & respect Human-beings, can not accept and obey Allah. They neither remember, nor believe that to "bow befor Adam", was HIS first ever order for Angels just after his creation. Therefore, people having qualities of Angels accept, respect and love Human-beings. It is centuries-old story that I am remembering my dear. But, he/she has to ignore and forget me always. It is my duty to offer sacrifice with sincerity and dedication, round the clock, so as to praise his/her beauty and love properly, accordingly and in befitting manner.] مون ساریو تو وساریو سا ریت تہ سائين صدیون پراٹي آهي، انسان سان نفرت پر اللہ جی عبادت اھا ڪوڙي ڪھاٹي آهي، مون خاڪ نہ ڇاڻي آهي، پر سر گهوريندو آھيان سلامن سان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {16th AUGUST} EVENTS: 1843: in his letter to the Governor-General of India, Sir Charles Napier defends his position regarding supporting His Highness Mir Ali Murad Khan and ignoring Mir Rustam Khan. (Source: Letter of dated August 16, 1843). 1846; Governor of Sindh directs all concerned officers not to put every abuse and objectionable practice of using free labor and ignoring local labor (Source: Circular Letter No.2049). 1917: The Deputy Superintendent of Karachi Police serves notices upon Jamshed Mehta (President of the local branch of Home Rule League), Marriwalla (Secretary of the Propagandist Committee) and Ayer (Secretary of the local Home Rule League), prohibiting a procession arranged by them to prade the city prior to the League meeting. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1938: Sobhas Chandra Bose, with the permission of M.A. Jinnah, releases the correspondence which passed between him and Jinnah on the Hindu-Muslim settlement. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11,1938) 1945: Sindh Muslim League observes ‘Direct Action Day’. It was meant to show street power and disagree with Congress and the British Government of India. (Source: Newspapers). 1947: Sindh Cabinet takes oath with Muhammad Ayub Khuhro as the Chief Minister. Other ministers are: Qazi Fazlullah, Pir Illahi Bux and Mir Ghulam Ali. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1951: Islamic laws are promulgated in Kelat state. (Source: Newspapers). 1956: Pakistan participates in Suez talks held in London. Due to closure of Suez Canal tug of war started between Communist and Capitalist blocks how to reach ‘Hot waters’ in South East Asia. Repercussions are very much obvious in area right from Afghanistan to Baluchistan. (Source: ibid) ( 16 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 16.8.1838: پاٽينجر, جيڪو فرنگي سرڪار طرفان سنڌ ۾ مقرر ڪيل ريزيڊنٽ آھي, اهو بيمارئ سڀ ڪڇ ڀڄ ويل آھي. سندس حيدرآباد وارو ايجنٽ اڄ ھن کي خط ذريعي سنڌ جا حال احوال ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته ميرن جو خيال آھي ته انگريز رنجيت سنگ کي ڪي آڇون سهولتون ڏئي سنڌ لاء آزار ڪرڻ گهرن ٿا. پر, مير چون ٿا ته اسان سنڌي سڄو وقت ٽڪاڻن ۽ گردوارن ۾ مٿو ٽيڪي ڪونه ويٺا آھيون ۽ پنجابين کي منھن ڏئي وينداسين. ايجنٽ لکي ٿو ته حاجي حسين علي خان نالي ڪو ٻاهريون (پرشيا جو) ماڻهو سنڌ ۾ موجود آھي ۽ هن جون سرگرميون مشڪوڪ ۽ فرنگين خلاف آھن. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ميرن ۽ لغارين جا اختلاف چوٽ چڙھي ويا آهن. 16.8.1843: نيپيئر جي سنڌ ۽ ميرن بابت حڪمت عملئ تي ڪيترو وقت تنقيد ٿيندي رهي هو ان بابت صفائي ڏيندو رهيو. هن خيرپور ۾ مير علي مراد خان جي پٺڀرائي ڪئي ۽ مير رستم علي خان کي ڏسي وائسي نظرانداز ڪيو هو. ڪمپني حڪومت ان بابت هن کان پڇاڻو ڪيو ته اڄ گورنر جنرل ڏانهن خط لکي پنهنجي موقف ۽ حڪمت عملئ جي صفائي پيش ڪئي. (حوالو: نيپيئر جو تاريخ 16 آگسٽ 1843 تي لکيل خط). ياد رهي ته نيپيئر جو خط تفصيل سان لکيل آھي, ۽ ان جو مڪمل متن گل حيات ۾ موجود آھي. نيپيئر خط کان سواء محمد معين الدين, نائب منشئ جو بيان به ضميمي طور شامل ڪيو آھي. 16.8.1846: اڄ سنڌ جي گورنر سڀني واسطيدار آفيسرن کي سرڪيولر موڪلي هدايت ڪئي ته مزدورن کان مفت ۾ ڪم نه ورتو وڃي ۽ مقامي پورهيتن کي ڪم تي لڳائڻ ۾ اوليت ڏني وڃي. (حوالو: سرڪيولر ليٽر نمبر 2049). 16.8.1849: اڄ کان سنڌ ڪمشنر, صوبائي حڪومت ۽ آفيسر ڪمانڊنگ سنڌ ڊويزن جي وچ ۾ حيدرآباد جي فوجي ڇانوڻئ جي ايراضئ ۾ واڌاري بابت لکپڙھ شروع ٿي, جيڪا سيپٽمبر 1851 تائين هلي.[ وڏن شهرن ۾ ڇانوڻيون ٺاهڻ فرنگي حڪومت جي ان ڪري اوليت هئي ته جيئن جهڙوڪ سندن فوجي سنڌي عوام جي ڪنڌ تي چڙھيا ويٺا هجن ۽ عوام حڪومت خلاف تڪڙي مزاحمت يا بغاوت نه ڪري سگهي].(ڏسو: حيدرآباد جي ڪليڪٽر جو خط نمبر 1041). 16.8.1917: ڪراچي پوليس جي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ اڄ جمشيد مهتا (هوم رول ليگ جي لوڪل برانچ جي صدر) ، ماڙيوالا (پروپيگنڊا ڪميٽي جي سيڪريٽري) ۽ آئير ( سيڪريٽري) خلاف نوٽيس جاري ڪيا. ڇو ته هنن سرڪاري اجازت کان سواء “ ھوم رول ليگ" جي گڏجاڻئ کان اڳ شھر ۾ جلوس ڪڍيو هو. (حوالو: روزانامه "ڊيلي گزيٽ" ، ڪراچي). 16.8.1938: سباش چندر بوس ، ايم اي جناح جي اجازت سان اها خط و ڪتابت پڌري ڪئي, جيڪا هندو-مسلم اختلافن کي ختم ڪرڻ لاء ٻنھي جي وچ ۾ ٿي هئي. (حوالو: "انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1938, واليم ٻيو). هن واقعي بيان ڪرڻ جو مقصد هئ آھي ته انهئ خط و ڪتابت مان مسلم ليگ جي مامري بابت حڪمت عملئ جي خبر پوندي. ڇو ته هندو-مسلم اختلاف تنهن وقت جي سياست تي گهرا اثر وڌا. 16.8.1945: اڄ سنڌ مسلم ليگ “ ڊائريڪٽ ائڪشن ڊي" ملهايو. ان جو مقصد هئ هئو ته مسلم ليگ هڪ طرف پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ۽ ٻئي طرف ڪانگريس جي حڪمت عملئ خلاف آواز بلند ڪري. (حوالو: اخبارون). 16.8.1947: سنڌ ۾ محمد ايوب کهڙي پنهنجي ڪابينا جوڙي. سندس وڏ-وزارت ۾ قاضي فضل الله ، پير الاهي بخش ۽ مير غلام علي وزير مقرر ڪيا ويا. (معلومات جو ذريعو: ‘ گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مسلم ليگ بابت مواد). 16.8.1956: سئز ڪئنال بند ٿيڻ کان پوء پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ لاء لنڊن ۾ ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ پاڪستان به شريڪ ٿيو. سئز ڪئنال جي بند ٿيڻ سان ملڪن لاء مسئلو پيدا ٿيو ته انهن جي سمنڊ تائين رسائي ڪيئن ٿئي. ڪئپيٽل ۽ ڪميونسٽ بلاڪن جا باهمي اختلاف وڌيا. سئز ڪئنال جي بند ٿيڻ جو پاڪستان تي جيڪو اثر پيو, اهو اسان ڏسي ۽ ڀوڳي رهيا آھيون. سمنڊ تائين پهچڻ لاء بين الاقوامي قوتون افغانستان ۾ پنهنجي پنهنجي فوقيت قائم ڪرڻ ۽ سمنڊ تائين آسانئ سان پهچڻ جا جتن ڪري رهيون آھن. بلوچستان جي ڪشيده صورتحال انھئ پسمنظر ۾ سمجهي سگهجي ٿي. *************** 16 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: 16 آگسٽ 1906ع ليکڪ گيانچند گيان رشي (سنجهورو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1949ع اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1952ع ليکڪ مير اعظم ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1958ع ليکڪ حليم مرلائي جو جنم ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1963ع صحافي علي انور ٻٻر جو جنم ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1964ع شاعر فيض ساٿي جو جنم ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1966ع صحافي رفيق ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1978ع شاعر امر ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1984ع شاعر محمد حسين عاصم ڀٽو (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 16 آگسٽ 1803ع بزرگ خواجه گل محمد لنواري جو انتقال ٿيو. 16 آگسٽ 1961ع باباءِ اردو مولوي عبدالحق جي وفات ٿي. 16 آگسٽ 1970ع شاعر محمد صديق امين جو لاڏاڻو ٿيو. 16 آگسٽ 1997ع گلوڪار، قوال ۽ موسيقار استاد نصرت فتح علي خان جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment