Wednesday 16 August 2023

SINDH in history (17th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 5:01 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th August} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes YOU Good Day. [Friend with vision & wisdom, care about love & beauty and sorrows & longings are integral parts of Aim of life. One can make it more beautiful by accepting & respecting other without discrimination, or make it ugly by disturbing peace of minds & hearts] ساجن, سرت, سار ء سور، آھن سونھن سنسار سندي، محبت خدمت ۽ خلوص بنا، ھئ حیاتي گندي مندي، ویران دل- وسندي، جنھن ۾ ساز نہ سر سلام جو. ************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{17th August} EVENTS: 1843: The Governor-General constitute Committee comprising Captain Pope, Captain French and Shaikh Ali Hassan to probe into important issues relating to Khairpur such as matter relating to Mir Rustam Khan and his handing over ‘Turba’ to Mir Ali Murad Khan and ownership of country between Sabzalkot and Rohri (Source: Letter No.317). 1947: Muslim Majority areas as per census of 1941 will be included in Pakistan. It is announced. (Source: Newspapers). 1952: The commission constituted to probe into the reasons for killing Liaquat Ali Khan is published. It discussed three reasons for the killing: Killer’s mental state of affairs, Kashmir policy of Liaquat Ali Khan and religious differences. (Source: ibid). 1953: The tenure of service of Ayub Khan as the Chief Commander-in-Chief is extended up to January 1959. (Source: ibid) ( 17 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 17.8.1839: انگريز سنڌ ۾ اڃا اقتدار ۾ نه آيا ھئا ته به سندن سنڌين ۽ حڪمرانن سان رويا ماڻھپي وارا ڪونه هئا. مير رستم خان جي ماڻھن سان فرنگي فوجي روهڙئ ۾ زيادتون ڪندا رهيا ۽ فوجن جا اٺ بي لغام فصل ۽ باغ تباه ڪندا رهيا ته مير انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ جو اهڙين حرڪتن طرف ڌيان ڇڪرايو. ان جي جواب ۾ اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل مير رستم علي خان کي خط لکي ٻڌايو ته ان لاء اسان ڪورٽ آف جسٽس ٺاهينداسين ۽ متآثر ٿيل ماڻھن کي دانھڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڏينداسين. راس بيل اهڙو پيچيدو طريقو ٻڌايو, جنھن مان فريادين کي انصاف بدران پريشانيون ڏسڻيون ٿي پيون. مير رستم علي خان راس بيل جي اها تجويز قبول نه ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته ملان جان محمد کي گورنر جنرل ڏانھن موڪلي, کيس ٻڌائبو ته فرنگي فوجي روهڙي ۾ ڀينگ ڪري رهيا آھن. (حوالو: راس بيل جو خيرپور مان لکيل خط. ڊاڪيومينٽ نمبر 213). 17.8.1843: مياڻئ جي جنگ کان پوء فرنگين ڏکڻ سنڌ تي قبضو ڪيو, هاڻي اتر سنڌ ۾ مير علي مراد خان کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. مير علي مراد خان ڀائرن سان ڦٽائي به فرنگين سان ياري رکي. پر گورنر جنرل اڄ ڪئپٽن پوپ ، ڪئپٽن فرينچ ۽ شيخ علي حسن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي ته اها مير علي مراد خلاف انڪواري ڪري ۽ خيرپور ۾ اهم معاملن بابت تحقيق ڪري جهڙوڪ مير رستم خان کان مير علي مراد پڳ ڪيئن ورتي ۽ مير علي مراد خان کي سبزل ڪوٽ ۽ روهڙي جي وچ وارو پرڳڻو ڪيئن مليو (حوالو: گورنر جنرل جو خط نمبر 317). 17.8.1939: "الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ “مسجد منزلگاه ۽ هنومان مندر" جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو. ان ۾ “جمعيت العلماء سنڌ" تي ڇتي تنقيد ڪندي لکيو ويو ته هندو هنومان مندر تي هڪ ٿي ويا, پر مسجد منزلگاه تي جمعيت العلماء سنڌ مسلم ليگ سان هڪ نه ٿي ٿئي. (حوالو: الوحيد اخبار), 17.8.1952: لياقت علي خان جي قتل جي سببن جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن جي رپورٽ ۾ قتل جا ٽي سبب ٻڌايا ويا: 1. قاتل جي ذهني حالت ، 2. لياقت علي خان جي ڪشمير واري پاليسي ۽ 3. مذهبي اختلاف. (حوالو: اخبارون). 17.8.1953: پاڪستان ۾ جيڪي ڏنڊي جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪندا آھن, اهي پنهنجئ نوڪرئ يا عهدي ۾ پاڻ واڌ ڪندا آهن. اڄ ايوب خان ڪمانڊر ان چيف وارئ ملازمت جي مدت جنوري 1959 تائين وڌائي ڇڏي. *************** 17 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: 17 آگسٽ 1892ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر روچيرام سڏاڻي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1938ع شاعر ۽ گلوڪار ڪشن بجاج (ٽنڊو آدم / آديپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1940ع ليکڪ غلام نبي ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1942ع پاڪستان فلمن جي مشهور اداڪاره شبنم جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1950ع صحافي علي حسن (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1955ع گلوڪار سريش پهوجا (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1968ع صحافي پرويز قادر ناريجي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1975ع شاعر ساگر غلام حسين پنهور (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1981ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ صحافي اختر حفيظ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 17 آگسٽ 1887ع هالا سان تعلق رکندڙ بزرگ پير ميان غلام نبي پنڃيل جي وفات ٿي. 17 آگسٽ 1941ع بنگالي ٻولي جي عظيم شاعر ۽ فلاسافر رابندر ناٿ ٽئگورجي وفات ٿي. 17 آگسٽ 1988ع اڳوڻو آمر ۽ صدر جنرل ضياءُ الحق هوائي حادثي ۾ مري ويو.

No comments:

Post a Comment