Friday 4 August 2023

SINDH in history today (5th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 5:18 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {5th August} and Good Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Where, in any society, Human Values are missing in its ideology, people will purchase you, your sincerity and services, but not accept and accommodate you. Nobody will be definition of your love & beauty, but of their own interests. They will be follower with blind faith of hatred & discrimination] قدر نہ پر قیمت جتي، اتي هر شئ وڪامي، ات پڄري گهڻو کامي، سندرتا ۽ سلام سدا.‏‎ ‎ ************* SINDH IN HISTORY TODAY {5th AUGUST} EVENTS: 1843: The Governor-General of India sanctions the scale of allowances proposed by Lieutenant Gordon for the maintenance of ex-Sindh Rulers. (Source: Correspondence related to Sindh) 1848: Seth Naumal, who played anti-Sindh role and made it possible for East India Company Government of India to snatch her independence, was discussed by Sir Charles Napier, the first Governor of Sindh; today submits his defense before Captain Young, Judge Advocate-General in Sindh. (Source: Memoirs of Seth Naumal). 1909: Shri Swami Hasnsaswaroopji Mahraj, the well-known Hindi orator and preacher delivers his first lecture in Hindi on ‘Hindu Religion’ on the invitation of ‘Sanatan Dharm Sabha’, in its office situated on Lid bitter Road, Karachi. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1922: Propaganda Secretary of the Larkano Khilafat Committee is arrested in Ratodero under Section 108 C.P.C (Source: The Daily Alwahid). 1934: ‘Sindh Young Congress ties League’ is formed at Karachi. Miss Nirmala Lalwani is its founder president. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1976: Foundation stone lying ceremony of the Bin Qasim Portis performed by Z.A.Bhutto (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1992: Privatization task to continue despite opposition, declares Nawaz Sharif.(Source: ‘Source-Material on PMLN’, compiled by Gul Hayat Institute). 1993: Mir Murtaza Bhutto, now in Syria, applies for the allotment of an election symbol different from PPP. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Sindh in history today (5th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 5 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 5.8.1832: ملڪ اسان جو ۽ حڪمران پنهنجا ٽالپور, پر سنڌ جو نقشو انگريز ٿا ٺاهن ۽ اسان جي وڏڙن جي نه ڪن نه جن. پاٽينجر ۽ ڊلهوسٽ پاڻ ۾ گڏجي سنڌ جو نقشو ٺاهي ورتائون, جيڪو اڄ ڪمپني سرڪار کي موڪلي ڏنائون. 5.8.1843: سيٺ نائونمل هوتچند پنهنجي پئ جي پلاند وٺڻ خاطر سنڌ جي آزادئ کي ڇيهو رسايو ۽ انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. هو آئوٽرام جو وفادار يار هو. جڏهن نيپيئر سنڌ تي قبضو ڪري گورنر ٿيو ته هن سيٺ نائومل کي تنگ ڪيو ۽ هن تي ڪيس هلايو. سيٺ نائونمل اڄ سنڌ جي جج-ايڊووڪيٽ جنرل اڳيان پنهنجي بچاء ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو. [سنڌ جي آزادئ ۽ مختيارئ وارن ڏينھن ۾ سيٺ نائونمل ۽ مير علي مراد خان انگريزن سان حد کان وڌيڪ سٺو ساٿ ڏنو. انگريز اقتدار ۾ آيا ته سڀ کان اول انھن کي تڪليفون ڏنائون ۽ ڪيسن ۾ اٽڪايائون] 5.8.1851: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ڪن سالن جي رڪارڊ ۽ شاهدين کي آڏو رکي ٻڌايو ته سنڌ ۾ غير معمولي ٻوڏيون ڪڏهن اينديون آھن ۽ ان جا ڪهڙا خاص ڪارڻ ٿي سگهن. سنڌ جي سپريڊنٽ انجنيئر سمورن ضلعن مان معلومات وٺي ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي, جنهن اڄ ممبئي سرڪار کي موڪلي ڏني. 5.8.1934: ڪراچئ ۾ ”نوجوان ڇوڪرين جي ڪانگريس ليگ" نالي ڪانگريس جي ذيلي شاخ کولي وئي. مس نرملا لالواڻئ کي هن ليگ جو صدر/چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. [ياد رهي ته سنڌ ۾ اڳ ئي ڪانگريس جا ست اٺ شعبا هئا. هن شعبي سان نوجوان ڇوڪريون منظم نموني سان ڪانگريسي سياست جي تانڃي پيٽي ۾ شامل ٿيون] 5.8.1976: ذوالفقار علي ڀٽي اڄ ”بن قاسم پورٽ" جي پيڙه جو ڀٿر رکيو. [ڀٽي پنهنجي دور ۾ جيڪي ملون هڻايون ۽ ڪارخانا لڳرايا, انھن جي ضياء الحق جي زماني کان عمران جي حڪومت تائين منظم نموني سان ڀينگ ڪئي. حڪمرانن ڀٽي جي دشمنئ سان سنڌ کي وڏو نقصان ڏنو] 5.8.1992: ”مخالف ڌر کي جيڪو وڻي سو ڪري, هن جي دانھن ڪوڪن کي نه ٻڌبو. ادارن/ڪارخانن/بينڪن خانگائڻ / کپائڻ جو عمل جاري رهندو"- نواز شريف جو نادري ارادو ۽ اعلان. 5.8.1993: ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي پٽ مير مرتضا ڀٽي شام ۾ هوندي چونڊ وڙھڻ لاء اليڪشن ڪميشن کان پيپلز پارٽئ کان مختلف چونڊ-نشان جي گهر ڪئي. *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** 5 آگسٽ تي جنم وٺندڙ مشهور شخصيتون 5 آگسٽ 1905ع ليکڪ، سياستدان ۽ صحافي پير علي محمد راشدي جو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1921ع ليکڪ گوبند مالهي(ٺارو شاهه/ بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1935 ليکڪ حليم بروهي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1942ع گلوڪار جڳديش موهناڻي (ڪوئيٽ / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1942ع ليکڪ اميد علي شاهه رضوي جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1952ع اداڪار چندر پارواڻي (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1953ع سياستدان ۽ پبلشرحافظ محمد صديق ميمڻ (ڪنڊيارو) جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1958ع اداڪار انيل آڏواڻي (بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1969ع صحافي ساجد اعواڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1970ع دانشور، ليکڪ، نصير ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1970ع اديب حڪيم اعجاز حسين چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1975ع ليکڪ عبدالخالق ميڻو (قنبر) جو جنم ڏينهن آهي.

No comments:

Post a Comment