Thursday 31 August 2023

SINDH in history today (1st September). Posting in English by Mumtaz Pathan & in Sindh by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 2:59 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{1st September} and my Good Day. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Beautiful world has become seat of sorrows & longings and unhappy valley for all, including you & me. Because, it is minus your love & beauty, vision & wisdom. As for as you will avoid to share but, insist to occupy, my world will remain ugly] دنيا ڳولھي دادلا جي دلين کي ڏين دان، مون جئين ماروئڙن کي اھنج گھٹا ارمان. ڌرتي دک جي نگري ھت غربت ٻيا گھمسان، خوشيون گھرجن خان, سرت ۽ سلام سان ************* SINDH IN HISTORY TODAY {1st SEPTEMBER} EVENTS: 1843: Following appointments are made by the new British Government of Sindh: Sukhramdas (Brother of Naumal, as Mukhtyarkar of Ghorabari), Diwan Chandiram of Tilti (Mukhtyarkar of Sehwan), Diwan Pohomal of Thatta (Mukhtyarkar of Laki), Diwan Jethmal of Hyderabad (Mukhtyarkar of Manjhand), Munshi Lalchand of Thatta (Mukhtyarkar of Jherk), Assomal Munshi of Thatta (Mukhtyarkar of Thatta), Bharimal (Mukhtyarkar of Sakro) and Hassomal Kardar of Petaro. 1851: His Highness Mir Ali Murad Khan of Khairpur is facing unwanted treatment from new rulers of Sindh. Shaikh Ali Hassan, ex-minister is encouraged to make petitions about Mir Ali Murad Khan and the Collector of Shikarpur is assigned duty to call upon Shaikh Ali Hassan and submit detailed report. (Source: Letter No.1717). 1885: Hassan Ali Effendi with cooperation of his friends forms ‘Sindh Muhammadan Association’. Prior to this he was an active leader of ‘Sindh Sabha’, but due to his serious differences with Diwan Dayaram Jethmal and Sadhu Hiranand, he left ‘Sindh Sabha’ and opted for separate path. Sindh Muhammadan Association established ‘Sindh Madressah-tul-Islam’ and remained active political party till 1936. (Source:Dr.Mumtaz Bukhari’s Ph.D thesis). 1909: Sindh Acting Commissioner advises the Collector of Larkano not to recommend applications of Landlords of Larkano and Ratodero for any grant but, make them belive that to serve the Government is the honour for them and they must not pray for any grant.(Source: Letter No.3456). 1921: At a big public meeting attended by about 4,000, the Ubauro Aman Sabha is formed with Diwan Girdharimal as its Chairman. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: Local Khilafat Committees of Garhi Yaseen, Jacobabad and Ghogharo hold public meetings in respective places. (Source: Newspapers). 1939: It has been told that 14942826 people were killed in Second World War. Sindh was also badly affected by this war and our research scholars have not researched this topic yet "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(01 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 1.9.1851: هز هائنيس مير علي مراد خان پنهنجن سان ڦٽائي انگريزن سان ياري رکي ۽ سندن ڏکيئي وقت ۾ مدد ڪئي. اٺ جنھن وڻ هيٺان ويهي, تنهن کي کائي. انگريزن به ان وانگر مير علي مراد کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. خيرپور جي سابق وزير شيخ علي حسن فرنگي سرڪار اڳيان مير علي مراد خلاف سلطاني گواه ٿي بيٺو ته مير انگريزن کي گهٽ ڏن ڏنو هو. ڪمشنر اڄ شڪارپور جي ڪليڪٽر کي لکيو ته شيخ علي حسن جي بيان جي روشنئ ۾ چاج ڪريو. (حوالو: ڪمشنر جو مراسلو نمبر 1771). 1.9.1885: ڪراچئ جي "سنڌ مدرسي" جو افتتاح ٿيو. هي تعليمي ادارو خانبھادر حسن علي افندئ پنھنجي هم خيال دوستن سان گڏجي قائم ڪيو. مدرسي جو پهريون پرنسپال پنجاب-واسي مقرر ٿيو. (حوالو: سنڌ مدرسي تي لکيل هالن واري ڊاڪٽر ممتاز بخارئ جي ٿيسز). 1.9.1909: فرنگي سرڪار اپر ڪلاس جي وفادارين خريدڻ لاء کين مختلف قسمن جون جاگيرون ڏيندي هئي. انهن مان جاگير جو هڪ قسم "سيري گرانٽ“ هو. لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر لاڙڪاڻي ۽ رتيديري جي زميندارن کي "سيري گرانٽ" ڏيڻ جي سفارش ڪئي هئي. سنڌ جي وقتي ڪمشنر اها سفارش رد ڪندي, لکيو ته :" ڏوهن گهٽائڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ ۾ زميندار سرڪار جي مدد ڪن ٿا ته ان مان سندن به فائدو آھي. سرڪار جي وفاداري ئي زميندارن لاء اعزاز برابر آھي." (حوالو: ڪمشنر جو مراسلو نمبر 3456). 1.9.1921: اڄ اوٻائڙي ۾ سرڪار-پرست پارٽئ " امن سڀا" طرفان عوامي ميڙ ٿيو ۽ تقرير ڪندڙن ماڻھن کي صلاح ڏني ته سرڪار خلاف هلايل ڪنهن به تحريڪ ۾ حصو نه وٺو. هن جلسي ۾ چار هزار ماڻھون شريڪ ٿيا. اتي امن سڀا جي شاخ ديوان گرڌاري مل قائم ڪئي هئي, جيڪو انهئ جو چيئرمن پڻ ھو. (حوالو: ڪراچي جي انگريزي اخبار "ڊيلي گزيٽ“). 1.9.1922: ڳڙھي ياسين, جيڪب آباد ۽ گهوگهاري ۾ اتان جي خلافت ڪميٽين طرفان عوامي جلسا ٿيا. انھن جلسن ۾ مصطفا ڪمال پاشا جي حق ۾ دعائون گهريون ويون ته کيس اتحادين خلاف جنگ ۾ فتح نصيب ٿئي. (حوالو: "الوحيد" اخبار). 1.9.1932: اڄ سنڌ جي پهرين "بار ڪائونسل" جون چونڊون ٿيون. جڊيشل ڪورٽ ۾ ٿيل هنن چونڊن ۾ 218 وڪيلن 36 اميدوارن مان 10 اميدوار چونڊيا. ڪراچي بار تي ڏيپچند چانڊومل, فتحچند آسودومل, تولاسنگ, ڪي.آڏواڻي, قيمتراء ڀوڄراج, خانچند گوپالداس ۽ موتيرام عيدن مل چونڊجي آيا. حيدرآباد مان وري پرسرام تولارام ڀاوناڻي, گوپالداس جهمٽمل, تيجومل هاسامل ۽ سنتداس منگهارام چونڊيا ويا. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار). { پهرين سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: پهرين سيپٽمبر 1899ع سياستدان سيٺ پرتاب راءِ (ميرپور خاص) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1914ع شاعر ليلارام ڇتو مل (پنواڙي / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1929ع شاعر محمد آچر مخمور (نئون ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1930ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ٽيڪنوڪريٽ اي اين جي عباسي (سوڀو ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1933ع موسيقار سي ارجن (ڪراچي / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1934ع شاعر صوفي غلام مصطفى عاصم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1934ع شاعر علي دوست صابر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1939ع ليکڪ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1942ع صحافي محمد اقبال دلجي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1945ع اداڪار نند سچديو (الها نگر) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1950ع ليکڪ مظهر جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1950 ليکڪ محمد عظيم رند جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1951ع ليکڪ غلام اڪبر سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1951ع اسڪالر ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1954ع شاعر يار محمد عاصم کوسو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1954ع سگهڙ موريل مهر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1956ع شاعر غلام اڪبر آزاد جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1957ع ليکڪ ڪامريڊ عبدالڪريم بلوچ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1958ع ليکڪ، شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1958ع شاعر محمد اسماعيل ارم جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1959ع شاعر رحيمداد راهي سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1961ع شاعر پيار علي پريمي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1961ع سماجي ورڪر ۽ ڪونج رسالي جي باني محمد خان شيخ (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1963ع ليکڪ نظام الدين ڀاڳت جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1964ع ليکڪ محمد صديق مهر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1966ع ليکڪ ذوالفقار گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1966ع ليکڪ محمد ابراهيم ڀنڊ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1967ع سگهڙ گل ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1968ع ليکڪ عزيز ڪاڇيلو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1973ع شاعر امتياز علي ساقي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1974ع شاعر فضل الله عاصي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1982ع شاعر نذر محمد نياز تنيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: پهرين سيپٽمبر 2007ع آواز جي دنيا جي مشهور ڪمپيئر، انائونسر ۽ لطيف جي پارکو سيد صالح محمد شاهه جو انتقال ٿيو. پهرين سيپٽمبر 2010ع قانوندان ۽ سياستدان جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جو لاڏاڻو ٿيو. پهرين سيپٽمبر 2013ع ٽي وي پروڊيوسر منظور مگسي وفات ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment