Sunday 20 August 2023

SINDH in history today (21st August). Post in English language by Mumtaz Pathan and in Sindhi By Dr.Pathan

I suggest and demand that apart from Pure Science and Creative Literature, following fields of Social Science and Literature be considered for Award of Nobel Prize: 1). Historical Research, 2). Lierary Crictsim, 3). Initiate for creating awareness about Past/Social Problems, 4).Translation. Dr.Pathan ************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st August} and Good Day Wish. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [I have sight, I have vision and I believe and trust your beauty. I can't turn my face and heart. However, It is tragedy with me that neither you own me, nor I own myself. Whereas, the world kowns that I am affiliated and associated only with you. For seeking and getting vision & wisdom, beauty & love I can't knock any other door except of yours. Dear! I need to be a nice man. Add fragrance and colours of your kindness & greatness, beauty & love in me. Let the people see and believe that because of you I am man of marvelous thoughts and wonderful personality ] سچ سڃاڻي پوء ڇو اهو لڪايان؟ چئبو آئون پيو تان ڪفر ڪمايان, پنهنجو ناهيان پڪ تنهنجو آھيان, دنيا جهان کي ٿو پيو اهو ٻڌايان, توء در بن آئون ڪاڏي ڪاهيان؟ تن من روح جو وارث توکي ڀايان, پرچي پئين تان پوء پاڻ پڏايان, سرت سچ سندرتا ۽ سلام سڏايان ************** SINDH IN HISTORY TODAY {21st AUGUST} EVENTS: 1849: The Government of Bombay communicates to Sindh Commissioner that fined any suitable post for Seth Naumal, ex-Kardar of Karachi, and if it was not possible the Governor would confer on him 1,000 big has of land, it being understood that the grant was for his life time only and arrangements be made to provide water for cultivation. (Source: Letter No.7683). 1927: The Khilafat Conference in Calcutta presided over by Moulana Muhammad Ali and attended by Sindh leaders of Khilafat urges mutual toleration between Hindus and Muslims regarding religious matters and work for the liberation of the Motherland. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1927). 1933: Taking part in the debate on the amendment moved by Dr.M.L.Dixit for having common and not separate electorate in various corporations, Shahnawaz Khan Bhutto opposes the move, today, in the Bombay Legislative Council. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933). 1947: Hyderabad Dakhan announces its independent status. (Source: Newspapers). 1957: West Pakistan cabinet decides to dispose of Ghulam Muhammad Barrage land as soon as possible. (Source: ibid). 1971: Mahmmod-ul-Haq Usmani, Secretary General of the National Awami Party is arrested. (Source: ‘Source-Material on NAP’, compiled by Gul Hayat Institute) ( 21 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 21.8.1808: ڪئپٽن ڊيوڊ سيلٽن Captain David Selton فرنگين جو مسقط ۾ ريزيڊنٽ ھئو. هو سنڌ ۾ آيو ۽ اڄ لکي ٿو ته مير فتح علي خان فرانسين کي سنڌ جي بندرن جي استعمال ڪرڻ جي ان شرط تي اجازت ڏيڻ لاء تيار آھي ته فرانسي سنڌ جي حڪمرانن کي افغانستان جي داداگيرئ کي منھن ڏيڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن افغانستان کي ٽوڙي سگهجي. (حوالو: "سنڌ ۽ برطانيه جا تجارتي لاڳاپا"- ويب تي رکيل ڊاڪٽر درمحمد جو انگريزي ڪتاب). 21.8.1841: اڄ آئوٽرام خط ذريعي پنهنجئ سرڪار کي اطلاع ڏنو ته شڪارپور ۾ مختلف ميرن جون پتيون آھن. پر مون کي يقين آھي ته اهي مير شڪارپور اسان جي حوالي ڪندا, جيڪڏهن انھن کي شڪارپور جي اپت مان پنجين پتي ڏيڻ جو يقين ڏبو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته نئين معاهدي بابت جيترا آھن مير اوتريون آھن ڳالهيون. پر مان پر اميد آھيان ته سڀني کي متفق ڪري ويندس. (حوالو: آئوٽرام جو خط). 21.8.1849: اڄ ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ڪراچي جي اڳوڻي ڪاردار سييٺ نائومل لاءِ ڪا مناسب نوڪري ڳوليو. وڏي سرڪار 1،000 بيگا زمين کيس زندگئ ڀر لاء بخشيش ڪندي, ان زمين جي پوکيءَ راهئ لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ لاء اهتمام اوهان کي ڪرڻو پوندو. (حوالو: مراسلو نمبر 7683). ياد رهي ته سيٺ نائونمل هوتچند انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ وڏي مدد ڪئي هئي. انھن لاء اٺ خريد ڪيائين, اناج ۽ گاه خريد ڪيائين ۽ ضرورت وقت ڏوڪڙ ڏنائين. پر, نيپئر هن کي پريشان ۽ تنگ ڪيو. ليڪن حالتن هن جو وارو ورايو. 21.8.1855: اڄ جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي ۽ دادو تعلقن جي جاگيردارن جي لسٽ ٺاهي ڪمشنر ڏانھن موڪلي. (حوالو: اسسٽنٽ ڪمشنر جو مراسلو نمبر 12). 21.8.1927: اڄ ڪلڪتي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن جي صدارت مولانا محمد علي ڪئي. سنڌ جي مشھور خلافتي اڳواڻن ان ۾ شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مذهبي معاملن بابت گڏيل رواداري ۽ مادر وطن جي آزادي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ بابت ٺھراء پاس ڪيو ويو. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال1927 ۽ واليوم 2). 21.8.1933: ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر ايم ايل ڊيڪزٽ Dr.Mac.Laager.Dixit طرفان چونڊڻ وارو ترميمي بل ٿيو هو ته چونڊون گڏيل طريقي سان ٿين ۽ انھن لاء مذھبي بنياد تي الڳ حلقا نه ٺاهيا وڃن. اڄ ان تي بحث دوران شاهنواز خان ڀٽي انھئ ترميم جي مخالفت ڪئي. (حوالو: انڊين ائينيول سالياني رجسٽر ، وال -11 ، سال 1933). 21.8.1957: ويسٽ پاڪستان ڪابينا فيصلو ڪيو ته غلام محمد بئراج جي زمين جلد کان جلد گهرندڙن کي ڏني وڃي. (معلومات جو ذريعو: اخبارون) *************** { 21 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1906ع ماهر تعليم ڪماري سرسوتي (حيدر آباد). 1907ع شاعر فقير سلطان مهر (رستم). 1908ع سماجي ورڪر سجنداس جهاٽومل واٽواڻي. 1928ع سياستدان روچيرام پيرچنداڻي (مٺي). 1936ع ڪهاڻيڪاره اندرا واسواڻي(ميرپور خاص / آديپور). 1940ع شاعر ۽ سياستدان خانصاحب عبدالڪريم پلي. 1944ع صحافي الهه رکيو نعيم. 1956ع اداڪار سنيل آڏواڻي (بمبئي). 1960ع ليکڪ سيد گل محمد شاهه بخاري. 1967ع صحافي عزيز سومرو. [وڇوڙو]: 1887ع سماج سڌارڪ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچئ جو باني ڏيارام ڄيٺمل. 1961ع تعليمي ماهر جيوت رام ماٽائي. 2007ع اردو جي نامياري ليکڪا، ناول نگار ۽ صحافي قرت العين حيدر. 2012ع شاعر، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال

No comments:

Post a Comment