Saturday 26 August 2023

SINDH in history today (27th August). English Version by Mumtaz Pathan & Sindhi by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 3:57 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th August } and my Good Day Wish. ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [ If your Dear is in your heart and your eyes are waiting to see him/her, you are with noble cause of loving human beings. You will love the love and hate the hatred & discrimination] نشو پرین جي نینھن جو، جن نیٹن ٿیو نصیب، سوچن لوچن سپنن اندر، دل ۾ دوست حبیب، ساري دنیا سندن رقیب، پر ساریندس سلام سان. ************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th August} EVENTS from history: 1835: Colonel Pottenger requests the Government of Bombay for permission to set the Ranna of Parkar, a State prisoner at Bhoo,j at liberty on condition that he would either live in Cutch or Sindh. He further informs that Ranna has released eight of the relatives of Ranna Jagatsinf of Parkar in compliance to orders of Mir Noor Muhammad Khan. (Source: Letter No.54). 1838: Colonel Pottenger requests the Government of Bomay to prepare a force for eventual service in Sindh. (Source: Letter No.101). 1851: The Commander of the Indus Flotilla informs the Sindh Commissioner that Governor-General has approved of the proposal to establish a steam communication between Karachi and Multan (Source: Letter No.716). 1856: The Sindh Commissioner asks collectors to adopt 5 per cent Local Fund Cess in Sindh. (Source: Letter No.1430). 1919: It is a golden chance for pro-British Government to wish it congratulations. On the victory of the Allies Naraindas Bhawandas [zamindar & Hon.Magistrate of Berani], Bhagwandas Vasudev [Brahman Panchayat, Berani], H.H.Samavedi [Secretary, Pushkarna Brahman Maha Mandal, Hyderabad], Bulchand Dayaram [Presidenr, Hyderabad Municipality], Metharam Ajitsing [of Shahdadpur], Dalpatrai [Mukhtyarkar of Jati] send messages of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Official Gazette). 1948: The Governor-General promulgates Ordinance to empower Pakistan Government emergency powers for dealing the issue of Muslim migrants coming from India (Source: Newspapers). 1953: Kazi Muhammad Akbar, Sindh Education Minister declares that compulsory primary education is being introduced in Sindh, Very Soon. (Source: ibid). 1956: I.I.Chundrigar and Pir Ali Muhammad Shah resign as federal ministers. (Source: ibid). 1960: Rs.20000000 are approved for construction of a new capital [Islamabad], near Rawalpindi (Source: ibid). 1972: No Indo-Pak talks, if Pakistan is not recognizing Bangladesh, says India. (Source: ibid). 1974: Government has agreed to accept 7500000 Biharis. (Source: BBC) Sindh in history today (27th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 27 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 27.8.1835: پارڪر جي راڻي فرنگين کي رت ڪيو. راڻا جڳتسنگ فرنگين جي ڦرلٽ ۾ ھن جو ساٿ نه پيو ڏئي ته سندس ڪيترا مائٽ اغوا ڪري پاڻ وٽ رکيائين. مير حڪمرانن انگريزن جي مدد ڪئي. ان ڪري پارڪر جو راڻو پڪڙجي پيو. هن کي پاٽينجر جي حوالي ڪيو ويو. اڄ اها صورتحال پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ۽ اهو به پڇيو ته راڻو سنڌ ۾ رهي يا کيس ڀڄ موڪلجي. 27.8.1838: پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي صلاح ڏني ته پنهنجي ڏک سک ۾ واهر ڪرڻ لاء سنڌ ۾ فوجي جٿا رکڻ گهرجن ۽ انھن تي ايندڙ خرچ سنڌ جي حڪمرانن کان ڀرائي وٺجي. [ مطلب ته پنهنجي بچاء لاء سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکجي] 27.8.1851: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل "انڊس فلوٽيلا" جي ڪمانڊر کي اجازت ۽ هدايت ڏني ته ڪراچئ کان ملتان تائين آگبوٽ سروس شروع ڪئي وڃي. [انھئ زماني ۾ سنڌو ندي ايترئ اوج ۽ موج ۾ ھئي جو انھئ ۾ سنڌ ۽ ملتان وچ ۾ آسانئ سان آگبوٽ ھلايا ويا. مطلب ته سنڌوء جي پاڻئ تي اڄ جيان پهرا ڪونه هئا] 27.8.1856: سرڪار فيصلو ڪيو ته جاگيرن تي وڌيڪ پنج سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو, جيڪو سنڌ ۾ تعليمي واڌاري ۽ روڊن رستن جي تعمير تي خرچ ڪيو ويندو. انھئ آمدنئ/ٽيڪس کي "لوڪل فند" چيو ويندو هو. 27.8.1919: ترڪن کي برطانيه ۽ ان جي اتحادين شڪست ڏئي, مٿس پنھنجئ مرضئ وارو ٺاه مڙھيو ته ڪيترن خوشامندڙن سرڪار کي انھئ فتح تي مبارڪون ڏنيون. اڄ جن مبارڪون ڏنيون, اهي آھن: ٻيراڻئ جو زميندار ۽ اعزازي ماجسٽريٽ نارائڻداس ڀاونداس, ٻيراڻئ جي "برهمڻ پئنچات" جو مکي ڀڳوانداس واسديو, حيدرآباد جي " پشڪارنه برهمڻ مها منڊل" جو سيڪريٽري ايڇ.ايڇ.شام ديو, شھدادپور جو ميٺارام اجيت سنگ۽ جاتئ جو مختيارڪار دلپت راء. [ياد رهي ته فرنگي سرڪار جا خوشامندڙيا رڳو هندو ڪونه هئا. انھن ۾ مسلمان به شامل هئا. پر اڄ جن تارون موڪلي مبارڪون ڏنيون, سي اتفاق سان سڀ هندو هئا] 27.8.1948: پاڪستان جي گورنر جنرل هڪ آرڊيننس لاڳو ڪري, پاڪستان سرڪار کي بااختيار بڻايو ته جيئن ھندوستان لڏي/ڇڏي ايندڙ پناهگيرن جا مسئلا ترت هل ڪري سگهي. [ياد رهي ته قائد اعظم جي طبيعت جي ناسازئ ۽ پوء آرام لاء تربت هليو وڃڻ دوران لياقت علي خان اهڙا ڪيترا فيصلا ڪيا/ڪرايا] 27.8.1953: سنڌ جي تعليم واري وزير اعلان ڪيو ته ستت لازمي پرائمري تعليم رائج ڪئي ويندي. 27.8.1960: اسلام آباد ۾ ملڪ جي گادئ وارو شهر اڏڻ لاء ٻه ڪروڙ روپيا منظور ڪيا ويا. 27.8.1972: انڊيا اعلان ڪيو ته جيسيتائين پاڪستان بنگلاديش کي نه ٿو مڃي ۽ قبول ڪري, ان وقت تائين ڪنھن به قسم جون ڳالهيون نه ڪبيون. 27.8.1974: پاڪستان سرڪار زبان ڏني ته 75 لک بهاري گهائي آباد ڪبا. *************** 27آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 27 آگسٽ 1929ع ليکڪ مراد علي مرزا(حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آگسٽ 1934ع گلوڪاره ڪملا ڪيسواڻي(ڪراچي / جيپور) جو جنم ڏينهن آهي. 27 آگسٽ 1940ع شاعر جمال پلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آگسٽ 1974ع ليکڪا، ڪمپيئر، عورتن جي حقن لاء جاکوڙيندڙ ۽ استاد اڳواڻ عرفانه ملاح جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 آگسٽ 1876ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عاقل (ٻيون) جي وفات ٿي. 27 آگسٽ 1976ع برصغير جو مشهور گلوڪار مڪيش ديهانت ڪري ويو. 27 آگسٽ 1984ع شاعر، سازندي، مصور ۽ اديب غلام رسول غلام ابڙو هالائي جي وفات ٿي. 27 آگسٽ 1986ع شاعر ذوالفقار راشدئ جو انتقال ٿيو. 27 آگسٽ 1996ع صحافي، عبرت اخبار جي بانيڪار ۽ اڳوڻي وفاقي وزير "عبرت" اخبار جو مالڪ قاضي عبدالمجيد عابد جو انتقال ٿيو. 27 آگسٽ 2006ع شاعر سليم انڍڙ جي وفات ٿي. 27 آگسٽ 2015ع جسٽس رٽائرڊ ظفر حسين مرزا جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment