Thursday 24 August 2023

SINDH in history today (25th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 3:13 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{25th August} and my Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is said that the time will come when there will be shadows in place of people. Nobody will be eye and ear and nobody will listen, see and understand sorrows and longings of others. People will not act and behave as they will be, but will love to dance as desired by others and required by others. Love and respect will be there only in books, but not in hearts and minds. Dear! When you unfortunately face such a situation, be, what you are and behave as you are beauty & love, peace & respect.] اهڙو وقت بہ ايندو يا آيو آھي جو هوندا ماڻهن بدران جت ڪٿ پاڇا, اکين هوندي نہ ڏسندو ڪوئي ڪنهن جا ڪن نہ سڻندا درد جي ڀاشا, پنهنجئ چال چلڻ جي بدران ڪي کين نچائي ڪندا وجهندا تماشا, باز بره جا اڏري ويندا باقي انا ۽ نفرت جا وڃي پوء بچندا باشا, اهڙو وقت اچي تہ پوء آشا, رکجان تون سرت سونهن سلام ۾. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {25th AUGUST} EVENTS: 1839: Colonel Pottenger writes to Officer Commanding at Karachi desiring him to receive one State prisoner by name ‘Sehee Durwesh’ and take necessary steps of transporting him to Bushire and set him at liberty there. The attention of readers is invited to an important point that Colonel Pottenger is in Sindh and Sindh is under rule of Talpurs but, he is using his judicial, political and administrative powers in 1839 much before fall of Miani. (Source: indicated). 1843: The Sindh Governor apprises the Governor-General of the procedure of conducting trial in Sindh. He informs him that in all cases involving capital punishment which called for trial the prisoners were brought before a Military Court of British Officers and it is the best course in the absence of Judicial system in Sindh at present. (Source: indicated). 1939: Some of Sindh Congress leaders and other politicians deplore the decision of the Congress Working Committee and aspiration og the Congress leaders disqualifying Sj. Subhas Chandra Bose’s from being President of Bengal Provincial Congress Committee and being a member of any elective Congress body for three years. (Source: Newspapers). 1946: Politicians express their reaction on the matter of ‘interim Government’. Master Tara Sing, the Akali leader is satisfied to see that this interim Government consists of representatives of some of largest political parties of India. Dr.B.R.Ambrdkar refuses to accept the interim Government as representative of Scheduled Castes, and Gandhi blames that League leaders in reaction against the interim Government have started preaching violence and now violence in Calcutta has erupted because of this. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1946). 1955: Muslim League Parliamentary Party serves Show Cause notice on Mian Jaffar Shah for opposing ‘One-Unit’. (Source: Newspapers). 1977: Ex-Director-General of Health Services Dr. Naseer Shaikh and Ex-Director-General of FSF Masud Mahmood are arrested. Stage is being set to arrest Z.A.Bhutto. (Source: Newspapers). "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(25 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 25.8.1839: ڪراچئ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو ۽ منوڙو ٻيٽ کسجي ويو ته اسان جي حڪمرانن کي بي بسئ جي بي پاڙي ول وڪوڙي وئي ۽ فرنگين جو اهڙو ته وڌي ويو جو هنن ماڻھن جي ٻڌي ڇوڙي به شروع ڪري ڏني. اڄ ڪرنل پاٽينجر ، ڪراچي جي آفيسر ڪمانڊنگ ڏانهن لکي ٿو ته هن کان هڪ قيدي ’سهي درويش‘ نالي موڪليان ٿو. هن کي هن کي سنڌ ملڪ مان نيڪالي ڏئي بشائير Bushire موڪلي ڇڏيو. (حوالو: پاٽينجر جو خط). 25.8.1839: فرنگين جا ڇڙواڳ فوجي انھن جا اٺ روهڙئ ۽ ان جي ڀرپاسي ٻينن ۽ باغن کي تباه ڪرڻ لڳا ته مير رستم علئ ڏکڻ سنڌ واري فرنگي ايجنٽ جو توجھ ڇڪرايو. راس بيل مير کي لکيو ته اسان جڊيشل ڪورٽون ٺاهينداسين. مير رستم علي ھن سان سهمت نه ٿيو ۽ لکيائينس ته مان گورنر جنرل ڏي پنهنجو نمائيندو موڪلي کيس صورتحال کان واقف ڪندس. راس بيل انھئ ڳاله کان ڊڄي ويو ۽ اڄ مير ڏي خط لکي هيٺيون مٿيون ڳالهيون ٻڌائي کيس ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. (حوالو: راسبيل جو خط). 25.8.1843: سنڌ جو گورنر نيپيئر سنڌ ۾ مقدمن هلائڻ جي طريقيڪار کان گورنر جنرل کي اڄ آگاهي ڏئي ٿو ته وڏا ڪيس برطانوي آفيسرن جي فوجي عدالت ۾ هلايا وڃن ٿا, ڇو ته هن وقت سنڌ ۾ اسان وارو عدالتي نظام عدم موجود آھي. (حوالو: اشارو متن موجود آھي). 25.8.1843: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل سنڌ جي گورنر نيپيئر کي لکيو ته سنڌ ۾ آفيم جي سمگلنگ چوٽ چڙھي وئي آھي, ان کي بند ڪر.(حوالو: مراسلو نمبر 32). ان کان سواء گورنر کي هدايت ڪئي وئي ته سنڌ مان "سڪي سازئ" جا ڪارخانا بند ڪراء (حوالو: مراسلو نمبر 1224). 25.8.1858: سنڌ جي ڪمشنر ڪجه وقت اڳ مسٽر پيلئ Pelly کان سنڌ جي مکيه جاگيردار سردارن جي لسٽ ٺھرائي هئي (جيڪا گل حيات ۾ موجود آھي).اڄ جاگيرن جي اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته انھئ لسٽ تي نظرثاني ڪرائي وڃي. (حوالو: خط نمبر 2124). 25.8.1939: اڄ سنڌ ڪانگريس جي ڪجهه اڳواڻن ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽي جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو جنهن مطابق ڪانگريس پارٽئ سباش چندر بوس کي بنگال جي صوبائي ڪانگريس ڪميٽي جو صدارت تان هٽايو. سنڌ جا ڪانگريسي بي باڪ ۽ باشعور ھئا ۽ سباش چندر بوس جي ڪانگريس مان نيڪالي سٺو سياسي قدم نه پيا سمجهن.(ذريعو: اخبارون). 25.8.1946: هندستان ۾ "عبوري حڪومت" ٺاهڻ واري قدم تي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ متضاد موقوف ورتو. گانڌئ مسلم ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته مسلم ليگ طرفان عبوري حڪومت ٺاهڻ خلاف ڪيل احتجاج جي نتيجي ۾ ڪلڪتي ۾ ھندو-مسلم فساد شروع ٿيا. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر, سال 1946, واليوم 2), 25.8.1977: اڄ سابق ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ ڊاڪٽر نصير شيخ ۽ ايف ايس ايف جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مسعود محمود کي گرفتار ڪيو ويو . اهو قدم ذوالفقار علي ڀٽي ڦاسائڻ جي ڪوشش ھو. (ذريعو: اخبارون). 25 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون [جنم ڏينهن]: 1852ع صوفي شاعر پير ميان غلام نبي پنڃل (هالا). 1937ع ليکڪ ڀوڄراڄ وشاڻي (سنڌ / بمبئي). 1952ع شاعر قريشي نعمت الله صابر (شڪارپور). 1955ع ليکڪ الهه بچايو پنهور. 1962ع زرعي ماهر ڊاڪٽر عبدالله آريجو. 1962ع بنگلاديش جي مشهور ناول نگار ۽ شاعره تسليمه نسرين. 1978ع ليکڪ شهزاد عمران (گل مگسي). [وڇوڙو]: 1907ع مذهبي اسڪالر علامه عطاءُ الله فيروزشاهي. 1986ع شاعر درويش سيتائي. 1987ع شاعر استاد زيب سومرو. 1979ع سماج سڌارڪ بلاول شاهه حسيني(ڀٽ شاهه). 1998ع شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ اداڪاره ماروي. 2008ع مشهور ترقي پسند شاعر احمد فراز.

No comments:

Post a Comment