Friday 11 August 2023

SINDH in history (12th August).Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 2:44 AM Dr.Pathan wishes you Good Evening In 1998, Gul Hayat Institute was visited by the Asian Director of world's largest /big Archives : International Institute for Social History, Netherland. What he said about Gul Hayat ? Read his Visit Note. 1998 ۾ دنيا جي وڏئ آرڪائيوز جي ايشين ڊائريڪٽر هالنڊ مان اچي گل حيات ڏٺو. هن گل حيات لاء چا لکيو؟ اهو ملاحظہ فرمايو ***** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {12th August} and Good Day Wish. ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever bounds others to abide by his/her orders and desires, and avoids to accept responsibility to listen with care, is an ugly soul. Because, human beings, either he/she is lover or beloved, or is he or she, are equal in all respects. The change has taken place. They can be ruined, but not ruled] تون جيئن چئین سو آئون پيو ڪريان، پر نہ ڪرین جیئن چوان توکي مان، ڇا تون آھين اصلي سچي سون جو، مان ڪو جڙیل کوٽئ پتل منجھان؟ ھل نہ ھوت ایئن مون يا ڪنهن سان، گهرجي همسري نہ ڪا ئي خودسري. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {12th AUGUST} EVENTS: 1848: Sindh Commissioner directs all Collectors of districts to furnish his office information about Antiquities and ancient of their respective districts.(Source: Circular letter No.2199). 1939: The Daily Al-Wahid of Karachi in course of its editorial deplores the policy of Jamiat-i-Ulema Sindh regarding agitation for restoration of the Masjid Manzilgah. This may kindly be noted that Moulana Muhammad Sadik of Khada and Hakim Fatih Muhammad Sehwani were not in favour of agitation and wanted to resolve the issue through deliberations and politically. However, they were demanding the restoration of Mosque as and like other Muslims. 1943: K.B.Muhammad Ayub Khuhro presides over Muslim League Conference at Matiari (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1946: Pandit Jawaharlal Nehru, the Congress President is invited by the Viceroy to form an interim Government at the Centre. Criticizing the Congress Committee’s resolution, M.A.Jinnah says that the resolution of the 10th August is only a repetition of the Congress stand taken by them from the very beginning only put in a different language and phraseology. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946). 1948: Several followers of Khan Abdul Ghaffar Khan are killed in firing by police in Bhabhra on orders of the NWFP Chief Minister Khan Abdul Qayoon Khan. (Source: Newspapers). 1960: The First Housing Census of Pakistan starts (Source: Newspapers). 1965: China offers 30,000 tons of steel, 1,00,000 tons of coal and 15,000 tons of cement to Pakistan (Source: Newspapers). 1969: Pakistan Democratic Movement is dissolved. (Source: ibid). 1990: People’s Work Program is disbanding. Government charges PPP regime for giving their henchmen billion of rupees. (Source: Newspapers) 1991: APC attended by 23 opposition groups demands immediate fresh, free and fair election under a caretaker Government of national consensus. (Source: ibid) ( 12 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 12.8.1800: اڄ آغا عبدالحسين وڃي مير فتح علي خان طرفان ناٿن ڪرو کي نياپو پهچايو ته مون تي وڏو بار پئجي ويو آھي, ان ڪري ٻيو چارو ڪونهي ته سنڌ ۾ تنھنجي فئڪٽري بند ڪجي. توکي منھنجي انھئ حڪم جي تعميل ڪرڻي آھي. (حوالو: Chronology of trade relations between Britian and Sindh (1626 to 1843) by Dr.Pathani 12.8.1839: ڪراچي ۽ منوڙو کسي فرنگين حيدرآبادي ميرن کي مات ڏني. هاڻي سندن نظر خيرپور تي آھي. هو خيرپور ته اتان جي ميرن کان کسي نه ٿي سگهيا, پر هنن اتي ڀاء کي ڀائرن سان ويڙھايو ۽ پوء انھن اختلافن مان فائدو ورتو, مير رستم خان کان بکر قلعو ورتو ۽ سکر تي قبضي ڪرڻ جا سانڀاها ڪيا. انھن مقصدن ماڻڻ لاء فرنگين مير علي مراد تي هٿ رکيو. اڄ گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ معرفت پنهنجي اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي خيرپوري ميرن جي اختلافن مان فائدو وٺبو. مير علي مراد کي ناراض نه ڪبو. خيرپوري ميرن جي پرڳڻن جو نقشو ڪڍي موڪل ۽ سندن نيتن بابت تفصيلي رپورٽ لکي موڪل. (حوالو: شملي مان لکيل خط. ڊاڪيومينٽ نمبر 208). 12.8.1843: آئوٽرام جيڪا نيپيئر خلاف باه ٻاري ۽ هن جي سنڌ بابت پاليسئ جي اخبارن ۾ پت وائکي ڪئي, ان تي سرڪار نيپيئر کان پڇاڻا ڪندي رهي. اڄ نيپيئر هڪ اهڙي پڇاڻي جي جواب ۾ حيدرآباد مان گورنر جنرل کي لکي ٿو ته آئوٽرام جا الزام بي بنياد آھن. هن جي ميرن لاء دل ڪرڪي پئي ۽ مير کيس مون خلاف استعمال ڪرڻ چاهن پيا. مان آئوٽرام جي چوڻ تي هلان ها ته سمورئ فرنگي فوج سميت ڪسجي وڃان ها. (حوالو: ڪتاب Correspondence related to Sinde). 12.8.1848: اڄ سنڌ جي ڪمشنر سمرن ضلعن جي ڪليڪٽرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي پنهنجي ضلعن جي قديم آثارن بابت معلومات ھٿ ڪري فراهم ڪن ته جيئن انهن جي بچاء جو جوڳو بندوبست ڪري سگهجي.(ڪمشنر جو سرڪيولر ليٽر نمبر 2199). ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ آھي ڌارين, غيرن فرنگين کي سنڌ جي عظيم ماضئ کي بچائڻ جو ته اونو هو, ليڪن اسان جي ڏينھن ۾ وس وارن ماڻھن قديم آثارن تي قبضا ڪري, انھن تاريخي خزانن کي ميسارڻ جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ڪيو آھي. سنڌ سان دشمني ڪرڻ ۾ اسان به ڪونه گهٽايو آھي. 12.8.1923: امل سنگ رتيديري جو ويٺل هو. ڪانگريسي هو. "عدم تعاون تحريڪ" ۾ حصو ورتائين. کيس قلم 108 CPC هيٺ گرفتار ڪري جيل جي سزا ڏني وئي. هو اڄ اها سزا ڪاٽي جيل مان آزاد ٿي آيو. (حوالو: ڪتاب Sorrows & Longings of Freedom Fighters, by Dr.Pathan. it is on website). 12.8.1938: لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر مراسلو(نمبر 9665) ذريعي لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي چيو ته ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ لائبرريون قائم ڪجن. پر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ انھئ راء کي رد ڪري ڇڏيو. 12.8.1939: سنڌ هن دور ۾ مذھبي ۽ سياسي اختلافن ڪري ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي ھئي. مسلمان به هڪڙا مسلم ليگي ته ٻيا غير مسلم ليگي ٿي ويا. حڪومت الله بخش سومري جي هئي ۽ مسلم ليگي سومري ۽ سندس دوستن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي نڪري پيا. اڄ روزاني “الوحيد“ ڪراچئ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ مولانا محمد صادق کڏي واري ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي سياسي ڪارڪردگئ تي تنقيد ڪئي. اهي ٻئي سياستدان ساڃھ کان ڪم وٺندي مسجد منزلگاه جي بحالي وارئ تحريڪ کي هندو-مسلم فساد ۽ اختلاف جو ذريعو ٿيڻ نه پيا ڏسڻ چاهن. ان ڪري "الوحيد" جمعيت علماء سنڌ ۽ ان جي هنن ٻنھي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻايو. "الوحيد" مسلم ليگ جي زبان بڻجي چڪي ھئي ۽ مسلم ليگ وري مسجد منزل گاه مسئلي تي ممڻ مچائڻ گهري پئي. 12.8.1943: اڄ ڪي بي محمد ايوب کهڙي مٽياري ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. (حوالو: ‘سنڌ مسلم ليگ تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران گڏ ڪيل مواد'). 12.8.1946: اڄ پنڊت جواهر لال نهرو ، ڪانگريس صدر کي وائسراء پاران مرڪز ۾ عبوري حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. ايم اي جناح انھئ قدم ۽ ڪانگريس تي سخت تنقيد ڪئي. (حوالو: "انڊين ائينيئل رجسٽر ، واليوم 2 ، سال 1946). 12.8.1948: سرحد صوبي جي وڏي وزير خان عبدالقيو خان ​​جي حڪم تي خان عبدالغفار خان جا ڪيترائي پيروَڪار ڀابرا ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويا. هھڙن واقعن مان آسانئ سان اندازو لڳائي سگهجي پيو ته ملڪي سياست ۾ رياستي دهشت گردئ جو ڪليدي ڪردار رهڻو آهي. (حوالو: اخبارون) 1969: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ نالي سياسي اتحاد کي ختم ڪيو ويو. (حوالو: اخبارون) 12.8.1991: اڄ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ مخالف ڌر جي 23 پارٽين جي نمائندھ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ اتفاق راءِ سان مطالبو ڪيو ويو ته نگران حڪومت جوڙي جلد از جلد آزاد ۽ منصفاڻي اليڪشن ڪرائي وڃي. (حوالو: پريس رليز) [جنم] : 12 آگسٽ 1912ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر گوبندرام هر دلعزيز . 12 آگسٽ 1926ع شاعر، اديب ۽ صحافي ٽهلرام جيسومل آزاد(ٽنڊو محمد خان / آگره). 12 آگسٽ 1936ع گلوڪار فدا حيدري (ڪرمپور). 12 آگسٽ 1942ع شاعر شاهنواز شاد دايو. 12 آگسٽ 1943ع شاعر غلام رسول سوز سمون (ڪراچي). 12 آگسٽ 1949ع صحافي اشوڪ واڌياڻي (شڪارپور). 12 آگسٽ 1954ع ليکڪ عاجز شورو. 12 آگسٽ 1956ع شاعر عابد نياز ميمڻ (شڪارپور). 12 آگسٽ 1960ع سماجي ورڪر علي احمد جوکيو (ڪراچي). 12 آگسٽ 1966ع شاعر انعام ٽکڙائي . 12 آگسٽ 1970ع ليکڪ ستار چنا. 12 آگسٽ 1971ع شاعر ناصر شاهه ناصر. 12 آگسٽ 1972ع صحافي عباس سارنگ (جيڪب آباد). 12 آگسٽ 1975ع ليکڪا رخسانا پيرزادو. [وڇوڙو]: 12 آگسٽ 1622ع مذهبي اسڪالر شيخ عيسى سنڌي برهانپوري. 12 آگسٽ 1892ع شاعر ڇتو فقير سانگي. 12 آگسٽ 1989ع بلوچ سياسي اڳواڻ غوث بخش بزنجو. 12 آگسٽ 2009ع ڪوٽڙي سان تعلق رکندڙ شاعر اسير ملاح

No comments:

Post a Comment