Monday 7 August 2023

SINDH in history today (8th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 3:38 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{8th August} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Terrible conditions are created when we neither understand, nor abide by Human values and requiments of instincts and natural norms. Scared souls can't understand ground realities. Closed hearts can't accept vision & wisdom and love & beauty. Ego will distance & differences. It is the problem of our society and by our society] بيزاري جي بره کان پوء رهندي دنيا سان جنگ, پاڻ کان پرين کان پوء پنهوارن کان رهبو تنگ, رهڻَ ڪٺن پوء سنگ, سرت سونهن سورن سان ************* SINDH IN HISTORY TODAY {8th AUGUST} EVENTS: 1854: Camel train is started between Karachiand Multan for carrying post and official correspondence via Kotri, Hyderabad ; Sehwan; Larkano; Shikarpur; Jacobabad; Sabzal Kot and Bahawalpur . After every twelve miles camels were replaced by fresh camels.(source: Sindh Journal of Historical Society). 1920: Third Special train of Sindhi migrants reaches Peshawar (Source: Al-Wahid). 1921: Valecha, District Congress leader of Sukkur, editor of Daily ‘Saweaj’ is served upon Show Cause Notice for publishing an appeal in his paper. (Source: The Daily Gazette). 1931: The All-India Hindu Mahasabha in its 13th session held at Akola , passes the resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency and deplores inadequate and highly defective representation of Sindhi Hindus on the Round Table Conference. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1931). 1939: The Daily Al-Wahid in its course of editorial asks Sindhi Muslims to take active part in the movement for the restoration of Masjid Manzilgah. (Source: indicated). 1950: Pakistan Federal Union of Journalist if formed.(Source: Newspapers). 1955: One-Unit scheme is finalized. Punjab to get 40 per cent seats in the Assembly of West Pakistan (Source: ibid). 1957: Shaikh Mujeeb resigns as the minister for Trade and Commerce in the Government of East Pakistan. (Source: Newspapers). 1965: Pakistan cannot sacrifice her sovereignty and self-respect at alters of economic assistance. U.S, in interest of her global politics, asks us to make adjustment in country’s foreign policy but, We make it clear that Pakistan is not ready to accept it, says Z.A.Bhutto (source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Bhutto says his life is in danger and foreign powers have hand in it. Asks PNA to eschew differences with him (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1979: Zia is firm holding polls on November 17, says Asghar Khan. (Source: Newspapers). 1990: Benazir Bhutto directly blames army, terms dismissal of her Government as undemocratic. (Soure: ‘Source-material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Sindh in history today (8th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 8 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 8.8.1840: سنڌ تي بادشاهي ڪرڻ کان اڳ انگريزن سنڌوء تي بادشاهي ڪئي. هن زماني ۾ فرنگين جو گهڻو تڻو توجھ سنڌوندئ ۽ ان ذريعي سندن ھلندڙ واپار تي هو. اڄ آئوٽرام حيدرآباد مان پنهنجي گورنر جنرل جي پرائيويٽ سيڪريٽرئ کي هڪ طويل خط لکيو آهي, جنهن جي مطالعي مان خبر پئي ٿي ته انگريز سنڌ فتح ڪرڻ لاء اڳ ۾ ميرن کي معيشت ۾ شڪست ڏيڻ پيا گهرن ۽ انھن ايئن ڪيو. پاٽينجر پنهنجئ حڪومت کي تجويز ٿو ڏئي ته سنڌوندئ تي هلندڙ ٻيڙن ۽ واپار تي مير پنهنجي ماڻھن کان محصول ٿا وٺن. اهو بند ڪرائجي. ان مان فائدو هي ٿيندو ته مهاڻا ۽ سنڌي واپاري سمجهندا ته اهو احسان اسان ڪيو اٿن جو ميرن کي مڃرائي محصول ختم ڪرايو. ان مان ٻيو فائدو هي ٿيندو ته واپار ۽ تجارت لاء اسان جو مارڪيٽ وڏو ٿي ويندو. پاٽينجر اها به صلاح ڏئي ٿو ته ميرن کي ٻيڙين جي تلاشي وٺڻ جو اختيار ڏجي. ڇو ته اسان جي پرڏيهي واپارين جون ٻيڙيون گهٽ تعداد ۾ هونديون ۽ ڏيهي واپارين جون گهڻيون ٻيڙيون هوندو ۽ اهي پنهنجي حڪمرانن جي اھڙئ سختئ مان خود پنهنجي حاڪمن کان بدظن ٿيندا. (حوالو: ڊاڪيومينٽ نمبر 379). 8.8.1854: اڄ ڪراچي ۽ ملتان جي وچ ۾ ٽپال جي اٺ-گاڏي )Camel Train) شروع ڪئي وئي. جيڪا ڪوٽڙئ کان ٿيندي, حيدرآباد, سيوهڻ, لاڙڪاڻي, شڪارپور؛ جيڪب آباد, سبزل ڪوٽ ۽ بهاولپور کان گذري ملتان پهچندي. هر ٻارهن ميل بعد اٺن کي بدلايو ويندو. (حوالو: سنڌ جرنل آف هسٽاريڪل سوسائٽي). نوٽ: هن واقعي جي مهيني ۽ سال جي ته پڪ آھي, پر تاريخ جي پڪ ڪانهي. 8 آگسٽ اندازي طور لکي اٿم. 8.8.1920: سنڌي مهاجرن جي ٽئين خاص ٽرين پشاور پهتي. [خلافتي اڳواڻن جو اهو غلط فيصلو هو. ان ڪري ڪيترا سنڌي گهراڻا مهاجر ٿي تباه ٿيا.] (حوالو: "الوحيد" اخبار). 8.8.1921: سکر جي ضلعي ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ روزاني ’سوراج‘ اخبار جي ايڊيٽر مسٽر وليڇا کي پنهنجئ اخبار ۾ "تلڪ سوراج فند" جي حق ۾ اپيل شايع ڪرڻ تي سکر جي سٽي ماجسٽريٽ کيس شو ڪاز نوٽيس ڏنو. (حوالو: "دي ڊيلي گزيٽ" اخبار). 8.8.1931: اڄ آل انڊيا هندو مهاسڀا اڪولا ۾ ٿيل پنهنجي 13 سالياني اجلاس ۾ سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ خلاف قرارداد منظور ڪئي ۽ انھئ ڳالھ جي مذمت ڪئي ته گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌي هندن کي جوڳي نمائندگي نه ڏني وئي. (حوالو: "انڊين ائينيوئل رجسٽر ، سال،1931 واليوم ٻيو). 8.8.1939: اڄ روزانه الوحيد اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ سنڌي مسلمانن کي مسجد منزل گاهه جي بحالي لاءِ تحريڪ ۾ سرگرم حصو وٺڻ جو زوردار تاڪيد ڪيو. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 8.8.1950: پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ٺاهي وئي. (حوالو: اخبارون) 8.8.1955: ون يونٽ منصوبي کي حتمي شڪل ڏني وئي. اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ۾ پنجاب کي 40 سيڪڙو سيٽون ڏنيون وينديون. (حوالو: اخبارون). 8.8.1957: شيخ مجيب مشرقي پاڪستان جي حڪومت مان واپار ۽ ڪامرس واري وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. (ذريعو: اخبارون). 8.8.1965: اڄ ملڪ جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي بيان ۾ سچي ڪئي ته آمريڪا پاڪستان جي اقتصادي مدد انھئ شرط سان ڪرڻ گهري ٿو ته پرڏيهي پاليسي آمريڪا جي مرضئ ۽ مفادن مطابق تبديل ڪيو. [ملڪ جا حڪمران وقت به وقت آمريڪا جي دٻاء جو کليل لفظن ۾ ذڪر ڪندا آيا آھن. آمريڪا تڏهن کان حڪم هلائڻ شروع ڪيا, جڏهن روس ويندڙ پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي کي روس وڃڻ کان جهلي, پاڻ ڏانھن گهرايو] 8.8.1967: ون-يونٽ کي ٺھيئي عرصو ٿيو. سرڪار کي خيال آيو ته اها جاچ ڪجي ته ماڻھون اڃا ون-يونٽ جي مخالفت ڇو ٿا ڪن. اها خبر جڏهن سنڌي اخبارن کي پئي ته انھن عوامي امنگن جي ترجماني ڪئي. اڄ ”مهراڻ" اخبار هڪ چئن قسطن واري ايڊيٽوريل جي پهرين قسط شايع ڪئي. 8.81977: ڀٽي وڏي واڪ چوڻ شروع ڪيو ته سندس زندگي خطري ۾ آهي ۽ منھنجي خلاف محاذ آرائئ ۾ پرڏيهي طاقتن جو هٿ آهي. (حوالو: اخبارون). 8.8.1990: اڄ بينظير ڀٽو فوج تي سڌي ريت الزام هڻي ڇڏيو ۽ چيو ته هن جي حڪومت کي برطرف ڪرڻ وارو قدم غير جمهوري آهي. (حوالو: Press Clippings of Statements of Benazir Bhutto, Compiled by Gul Hayat Institute). *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** [جنم ]: 8 آگسٽ 1917ع ڀڳت پيسو رام (ڀڳت ڪنور رام جو پُٽ). 8 آگسٽ 1924ع اڳواڻي جج، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. 8 آگسٽ 1925ع شاعر مولچند ايم ڪمل (ڪنڊيارو / الهاسنگر). 8 آگسٽ 1927ع سياستدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي ڊپٽي وزير اعظم ايل ڪي آڏواڻي (لال ڪرشن آڏواڻي) (ڪراچي / هندستان). 8 آگسٽ 1934ع ليکڪ ناليواري اسڪالر، محقق، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو. 8 آگسٽ 1935ع راڳي ڀڳت گهنشام ويڌرام (سکر / هندستان). 8 آگسٽ 1946ع شاعر ستار آسي. 8 آگسٽ 1949ع ليکڪ شبير ڀرڳڙي. 8 آگسٽ 1950ع شاعر بيوس نظاماڻي. 8 آگسٽ 1952ع صحافي غلام رسول بلوچ (ڪنڌڪوٽ). 8 آگسٽ 1958ع شاعر حافظ عطاءُ الله بجاراڻي. 8 آگسٽ 1981ع شاعره بينظير عادل. 8 آگسٽ 1981ع شاعر راجا ثابت علي شاهه. [وڇوڙو]: 8 آگسٽ 1934ع ليکڪ موهن دولترام آڏواڻي (حيدر آباد). 8 آگسٽ 1961ع شاعر مرزا علي بخش بيگ ڪوثر (حيدر آباد). 8 آگسٽ 1962ع شاعر عزيز الله مجروح.

No comments:

Post a Comment