Monday 28 August 2023

SINDH in history today (29th August). English version by Mumtaz Pathan & Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th August} and my Good Day Wish. ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Wealth and education without love & respect for human-beings make us egoist and follower of hatred & discrimination. It paves way to apply ideology, vision & wisdom for gaining personal interests only. It makes us high-risk for human values.] جو موڳو ھوندو مت جو، ان کي اڪثر ٿئي مڳي، مقصد سندس حیاتئ جو، ھوندو ھر پل ٽڙڪ ٺڳي، ھو سدا انا پٺیان لڳي، وڃائیندو سرت سلام کي. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {29th AUGUST} EVENTS: 1845: Captain Prtridge , Deputy Collector, Kotri prepares report on the construction of Bund Veero in order to induce the inhabitants of the tract to abandon their present unsettled course of life and to return their attention to agriculture. (Source: Captain Preedy, Collector of Karachi’s office letter No. 749). 1928: All-Parties Conference at Luck now after long discussion adopted the Dominion States without restricting the liberty of other political parties whose goal was complete independence. Even a known revolutionary Subhas Chandra Bose also agreed and singed the resolution. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1928). 1936: Himalalyas is climbed for the first time . The joint British-American Expedition led by Professor Grahm-Brown of Cardiff University reach highest peak of 25,660 feet. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1936). 1969: Total strike is observed throughout Pakistan to protest against the putting the Al-Aqsa Mosque on fire. (Source: Newspapers). 1973: We do not recognize the Government of PPP, says Asghar Khan. (Source: Newspapers). 1977: Investigation in the murder of Nawab Muhammad Ahmad Khan is in final stage. Stage is being set to involve and hang Z.A.Bhutto who brought back home POWs, Gave Pakistan unanimously adopted Constitution, hold Islamic Conference. (Source: ibid) ( 29 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.8.1845: سنڌو انگريزن جي دور تائين ايئن نه سڪو, جيئن ان کي اسان جي دور ۾ سڪائي بنجر ڪيو ويو آھي. پاڻي جي هوند هوندي به فرنگي حڪومت ننڍا بند/ڊيم ٺاهڻ لاء منصوبه بندي ڪئي. انھئ سلسلي ۾ اڄ ڪوٽڙئ جي ڪليڪٽر "بند ويرو" ٺاهڻ بابت هڪ رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي. انھئ بند/ڊيم ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته آبپاشئ/زمين آباد ڪرڻ لاء پاڻي گڏ ڪيو وڃي ته جيئن لاڳاپيل ايراضئ وارا ماڻھون زرعي زمينون آباد ڪن. 29.8.1857: سنڌ جي ڪمشنر جاگيرن کي چئن قسمن ۾ ورهائڻ ۽ رکڻ گهريو. ان سلسلي ۾ ٽئين درجي جي جاگير ۽ چوٿين درجي جي جاگير جا رولس/قائدا/قانون ٺاهي, اڄ ممبئ سرڪار جي منظورئ لاء ڏياري موڪليا. 29.8.1928: لکنو ۾ سڏايل "آل پرٽيز ڪانفرنس" برطانيه سرڪار کان هندوستان ۾ Dominion States قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي. [ اها "مطلق آزادئ" جي گهر ڪانه هئي. نه وري هندستان کي ورهائڻ جي صلاح ھئي. ليڪن "برطانيه جي نظردارئ هيٺ آزاد رياستن“ قائم ڪرڻ واري تجويز هئي. انھئ ٺھراء تي سياسي پارٽيون سنجيدگئ سان متفق ٿي ڪم ڪن ها ۽ برطانيه کان ڳالھ مڃرائن ها ته هندستان ٻن ملڪن ۾ نه ورهائجي ها ۽ سنڌ سميت ڪيترا نوان ملڪ قائم ٿي سگهن ها. اسان جا وڏڙا هندوستان جو ورهاڱو چاهيندڙ پارٽين جا پوئلڳ ٿي ويا] 29.8.1936: برطانيه ۽ آمريڪا جي پروفيسرن جي ٽيم پهريون دفعو هماليه جبل جي 25,660 فٽ بلند چوٽي سر ڪئي. 29.8.1973: پيپلز پارٽئ جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۽ ايوب شاهئ خلاف هلندڙ تحريڪ دوران, اصغر خان جهڙوڪ ڀٽي جو عاشق هوندو هو. ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته اهو ئي اصغر خان سندس سخت مخالف ٿي پيو. اڄ ھن بيان ڏنو ته مان پي.پي.پي جي حڪومت کي مڃان ئي نه ٿو. 29.8.1977: نواب محمد احمد خان جي قتل بابت جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي. آثار اهو پيا ٻڌائن ته ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسائڻ لاء تياري مڪمل ٿي چڪي. *************** 29 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 29 آگسٽ 1829ع ليکڪ سيد ميران محمد شاهه (اول) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آگسٽ 1906ع ليکڪ گُل سدارنگاڻي (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آگسٽ 1942ع تعليمدان ۽ اديب پروفيسر احسان دانش ڀٽو(شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آگسٽ 1970ع ليکڪ اويس قرني جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 آگسٽ 1940ع مذهبي اسڪالر مولانا خليل الرحمان مهر جو لاڏاڻو ٿيو. 29 آگسٽ 1952ع سياستدان قيصر خان بوزدار جو انتقال ٿيو. 29 آگسٽ 1953ع شاعر جمعو خان غريب جي وفات ٿي. 29 آگسٽ 1963ع قانوندان شمس الدين ابڙو(لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو. 29 آگسٽ 1989ع شاعر محمد ڇٽل فراز جي وفات ٿي. 29 آگسٽ 2002ع سياستدان الهه بخش ڀٽو جو انتقال ٿيو. 29 آگسٽ 2007ع نعت خوان الحاج خورشيد احمدجو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment