Saturday 12 August 2023

SINDH in history today (13th August). Post in English By Mumtaz Pathan & in Sindhi By Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 2:36 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {13th August} and Good Day Wish. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Denying anybody of love and respect, paves way to hatred, discrimination and disturbances. As we can't chain light and air, in such a way, we must not chain fragrance of our beauty, love and respect.Because, they are universal in nature. Let they not be for one, but for all. Heart is Home of Allah, let us not close its door, because of our likes and dislikes. Let us own and accept love, beauty and peace. Because, they are needs and requirements of our instincts and nature.] پيار عزت ۾ متڀيد نہ ڪر اهو ئي ماڻھپي ۾ وڏي کان وڏو ڪفر آھي، ھوا پاڻئ روشنئ خوشبوء پيار عزت کي پسند ناپسند ٿيندي ناهي، انهن مان هر ڪنهن ۾ ھر ڪنهن جو حصو برابر جو ئي ٿيندو آھي، ڪرين ڇو ٿو محروم ماڻھن کي انا متڀيد نفرت جا ڪوٽ ٺاهي، نہ مڙندين تہ امن سڪون کان رک تون پيارا سمورو آسرو لاهي دل آھي گهر ڌڻئ جو ان ۾ اچڻ ڏي ڪوئي جو دل سان اچڻ چاهي ، رستا روڪجن ڇو ڪنهن جا ڇو پنهنجي اجايو طاقت آزمائي؟ اها ئي اربعا خطا آھي، جو ٿڏجي سرت سونهن ۽ سلام سدائين. ************** EVENTS from History {13th of August} 1843: Sindh Governor, Sir Charles Napier, while writing to the Governor-General of India criticizes the role played by Major Outram in Sindh. He writes that Major Outram had many years lived on terms of personal contacts with Sindh Rulers, and I vainly imagined he had some influence with them- an influence which it was my duty to call into play in the hopes of preventing war. I therefore sent him to Hyderabad , but I saw that the Amirs were making use of him to ensure the destruction of the force under my command. (Source: ‘Correspondence related to Sinde’). 1939: The Daily Al-Wahid of Karachi carries a letter of Ali Gohar Lahori of Larkano, in which he has informed that he has donated Rs.50 to the Masjid Manzilgah Restoration Committee through Qazi Fazlullah and is ready to pay more if desired by the Committee. (Source: indicated). 1954: It is the for the first time that the National Anthem of Pakistan is broadcasted by the Radio Pakistan (Source: Newspapers). 1963: Malik Amir Muhammad Khan, General Moosa Khan and Z.A.Bhutto are awarded ‘Hilal-i-Pakistan’ by President Ayub. It is amazing to note that none of them had natural death and all were killed. (Source: Newspapers). 1972: Khair Bux Mari is elected as president of NAP Balochistan (Source: ibd). 1973: Z.A.Bhutto is elected as the Prime Minister of Pakistan. He second to none in a way that being a civilian, he became Chief Martial law administrator. He availed all important positions such as Minister, Deputy Prime Minister and President. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1979: Proposal of Zia for proportional representation is rejected by all major parties, such as PPP.JUI and PNA. (Source: ibid). "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(13 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 13.8.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي ٻڌائي ٿو ته: 1. ميرپور جي مير مراد علئ چئي ٿو پارڪر ۾ ڦرلٽ جون جيڪي ڪاروايون ٿيون آھن, اھا ڦرلٽ به مان موٽرايان ٿو ۽ ڏوهاري پاٽينجر جي حوالي ڪندس, 2. ديري غازي خان ۾ ڪرپال سنگ 400 فوجي گڏ ڪيا آھن. خبر ناهي ته رنجيت سنگ شڪارپور ته هٿ ڪرڻ نه ٿو گهري. ميرن به جاسوس موڪليا آھن ته سڄي خبر وٺي اچن. 13.8.1834: مغربي ملڪن جي افغانستان ۾ مداخلت جي تاريخ پراڻي آھي ۽ اها اڄ ڪلھ جي ناهي. ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل آڪلينڊ پهريون ماڻھو هو جنھن اڄ فيصلو ڪيو ته افغانستان ۾ دوست محمد جي حڪومت ختم ڪرائي شاه شجاع کي حڪمران بڻائجي ۽ ان کي شطرنج جي مهري طور استعمال ڪجي ته جيئن انھئ طرف کان ٿيندڙ ڪنهن به حملي کي روڪي سگهجي. هن جو سنڌ تي برو پيو. فرنگين سنڌ جي حڪمرانن کان زبردستئ شاه شجاع لاء خراج ورتو. شاه شجاع سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور تي نظرون رکيائين. شاه شجاع, فرنگين ۽ ميرن جي وچ ۾ انھئ موضوع تي لکپڙھ ۽ ڇڪتاڻ سالن جا سال هلي. 13.8.1838: مير نور محمد جيڪي خط ۽ گذارش ناما ايران جي حاڪم ڏانھن موڪليندو هو, انھن مان هڪ گذارش نامو پاٽينجر هٿ ڪري اڄ پنهنجئ سرڪار کي موڪليو. (حوالو: پاٽينجر جو خط نمبر 85). 13.8.1839: ريزيڊنٽ ان سنڌ پاٽينجر اڄ گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ کي خط لکي سنڌ ۾ پنهنجئ سفارتڪارئ بابت رپورٽ ڏئي ٿو ته مير اسان طرفان تجويز ڪيل نئين معاهدي تي دستخط ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آھن. مير نور محمد سنڌ ۾ اسان جي فوج رکڻ لاء اسان کي مٿس مقرر ڪيل خرچ پکو ڪنهن اعتراض کان سواء ڏيڻ لاء تيار آھي. [ هئ ڳالھ ذھن ۾ رکڻي آھي ته ٻيٽ ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء فرنگي ميرن تي نئون معاهدو مڙھڻ آسان ڪم پيا سمجهن ۽ سنڌ ۾ پنهنجي فوج جو خرچ ميرن کان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا. مطلب ڪراچي هٿن کان وئي ته ميرن جي هٿن مان طاقت به وئي.] ( حوالو: پاٽينجر جو ڀڄ مان لکيل خط). 13.8.1851: صوبائي حڪومت اڄ سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن ڪئپٽن ميڊٽائون ٽيلر جي لکيل اولھ ھڻدستان جي غارن واري رپورٽ ڏياري موڪلي, کيس تاڪيد ڪيو ته انھئ رپورٽ مان فائدو وٺي, اهڙئ طرح سنڌ جي غارن ۽ آڳاٽن بابت رپورٽ لکي موڪليو. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 3266), 13.8.1851: گورنر جنرل حڪم ڪڍيو ته ڪراچئ ۽ ملتان وچ ۾ آگبوٽ ھلايا وڃن. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 4451). . 13.8.1939: ڪراچي جي "الوحيد" اخبار ۾ اڄ لاڙڪاڻي جي علي گوهر لاهوري جو خط ڇپيو جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته هن قاضي فضل الله ذريعي مسجد منزل گاهه جي بحالي وارئ تحريڪ لاءِ 50 روپيا عطيا ڏنو آھي ۽ جيڪڏهن مسلم ليگ وڌيڪ گهريو ته اهو به ڏيڻ تي تيار آهيان (حوالو: الوحيد) 13.8.1954: اڄ اهو پهريون ڀيرو آهي جو پاڪستان جو قومي ترانو ريڊيو پاڪستان پاران نشر ڪيو ويو (ماخذ: اخبارون). 1963: اڄ صدر ايوب طرفان ملڪ امير محمد خان ، جنرل موسو خان ​​۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي ”هلال پاڪستان“ نالي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو . اها حيرت انگيز ڳالھ آهي ته انهن مان ڪنهن جو به قدرتي موت نه ٿيو, پر سڀ مارجي ويا. (ذريعو: اخبارون). 13.8.1972: خير بخش مري بلوچستان جي نئشنل عوامي پارٽئ جو صدر چونڊيو ويو (حوالو: اخبارون) 13.8.1973: ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجي ويو. هو پاڪستان جو اهو واحد سياستدان ٿيو,جنهن سڀ عهدا (وزير, ڊپٽي پرائيم منسٽر, صدر, چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ وزير اعظم) عهدا ماڻيا. پاڪستان جو پهريون وزير اعظم هو, جيڪو ڦاهئ چاڙھيو ويو. [جنم ]: 13 آگسٽ 1915ع دانشور ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويو. 13 آگسٽ 1918ع شاعر سليمان شاهه سالم. 13 آگسٽ 1924ع شاعر هزارو خان مجاهد. 13 آگسٽ 1931ع شاعر، اداڪار ۽ گلوڪار هارو لال ستايل (باڊهه / الهاسنگر. 13 آگسٽ 1936ع سياستدان، تاريخ نويس ۽ استاد ڊاڪٽر حميده کهڙو. 13 آگسٽ 1937ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر پرسو گدواڻي(دادو / پونو). 13 آگسٽ 1960ع شاعره حميده قاضي (شڪارپور). [وڇوڙو]: 13 آگسٽ 1817ع اسڪالر مخدوم ضياءُ الدين. 13 آگسٽ 1977ع ڪهاڻيڪاره ثميره زرين(شڪارپور). 13 آگسٽ 1992ع ڪهاڻيڪار ايشور چندر. 13 آگسٽ 1999ع ٻاراڻي ادب لاء ڪم ڪندڙ ليکڪ اڪبر جسڪاڻي

No comments:

Post a Comment