Tuesday 22 August 2023

Sindh in history today (23rd August). English Portion by Mumtaz Pathan & Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd August} and my Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear you are more beautiful than this beautiful universe. Witness its waiting for you. Rainbow has less colours than your colourful personality. You are higher than high mountains. The flow of your love & beauty is more strong and speedy than flow of lakes and rivers. Dear! Don't hide, but add your beauty & love and vision & wisdom in this world and make it more wonderful & beautiful, please] تنهنجون سوچون انڊلٺ ريکا پر لوچون پوء ڇو تنهنجون ماٺيون ۽ مدهوش؟ گهاگهر بن شل گهري پئين دل سان تار ندئ منجھ ڀل اها ڏسي تنهنجو جوش, دل ۽ دنيا ۽ ھئ ڌرتي پل پل طلبن تانگهن تنهنجي سونهن سندو آغوش, پنهنجو روپ نہ ڪر روپوش, ڪر ظاهر سندرتا سرت ۽ سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {23rd AUGUST} EVENTS: 1838: Colonel Pottenger is asked by his Government to purchase and store grain crops at Larkana. (Source: letter of 23rd of August 1838). 1918: The Chief of the General Staff, India reports that several [ Sindhi] employees of J.T. Chainrai & Co [of Sindhworki] from Tenerife & Panama had been bound over for spreading alarmist pro-enemy rumors. (Source: ‘Source-Material on Sindh workis’, compiled by Gul Hayat Institute). 1933: There is a debate on the clause regarding representation of labour Unions, Merchants etc in the Karachi Municipality. Baskhale proposes amendment seeking to remove the clause restricting the election of a representative of registered unions, to labourers and asks that instead of 2 seats, 3 should be reserved for, and this should be nomination. Jamshed Mehta taking part in debate says that he was President of the Federation of Labour Unions in Karachi, and it was he who had suggested restriction in order to give the labour an opportunity to be represented by an actual working men. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933). 1936: Prices of almost all States meet the Viceroy of India to have final talks on the Federal Plan. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1939). 1947: Khan Abdul Qayoom Khan and his cabinet take over oath in NWFP. (Source: Newspapers). 1955: ‘One-Unit’ bill is presented in the Constituent Assembly of Pakistan (Source: ibid). 1976: Islamabad University is renamed as ‘Quaid-i-Azam University’ (Source: ibid) سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(23 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 23.8.1838: انگريزن جي افغانستان تي نظر آھي. هو مڪمل فوجي تيارئ سان اوڏانھن وڃڻ گهرن پيا. سنڌ جي مختلف شهرن کان گذرڻ وقت, هنن اناج,گاه ۽ اٺ خريد ڪيو. اڄ ڪرنل پاٽينجر کي پنهنجي سرڪار هدايت ٿي ڪري ته لاڙڪاڻو ۾ ميرن ۽ دوڪاندارن کان اناج خريد ڪري ڪٺو ڪري. (حوالو: ڪمپني حڪومت جو مراسلو مورخه 23 آگسٽ 1838). 23.8.1856: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي انگريزن سنڌ جي مختلف پرڳڻن ۽ رستن جا نقشا ٺاهڻ شروع ڪيا هئا. پوء جڏهن هو حاڪم ٿيا ته انھن سروي Survey ڪرائڻ تي خاص توجه ڏنو. اڄ اپر سنڌ جي ڪليڪٽر لاڙڪاڻي ڊويزن جي روينيو سيٽلمينٽ, سروي ۽ حدن جي رپورٽ ڪمشنر ڏانھن ڏياري موڪلي. اها سروي لفٽيننٽ فورڊ نالي انگريز عملدار ڪئي هئي. (حوالو: اپر سنڌ جي ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 313). 23.8.1918: اڄ چيف آف جنرل اسٽاف انڊيا رپورٽ ۾ لکيو/چيو ته سنڌ ورڪي جيڪي ڏيساور ۾ واپار ڪن ٿا, سي اتي برطانيه جي مفادن خلاف ڪم ٿا ڪن. هن لکيو ته جي. ٽي. چئنراء جا ڪيترائي [سنڌي] ملازم پاناما ۾ ملڪ-دشمن پروپئگنڊا ڪن ٿا. (ذريعو: ‘ سنڌ ورڪيز تي’ مرتب ڪيل گل حيات انسٽيٽيوٽ طرفان مواد). 23.8.1933: اڄ به ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ “ڪراچي ميونسپالٽي ائڪٽ“ ۾ تريميم آڻڻ تي بحث ھليو. غير سنڌي ميمبرن بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته رجسٽرڊ مزدور يونئينس کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ پنھنجي طرفان ٻه ميمبر چونڊڻ جو حصو ڏجي. ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ڪارواين جو رڪارڊ سنڌ ۾ ڪونهي. انگريز سرڪار India in Parliament جي نالي سان هر سال ڪتاب ڇپرائيندي هئي. ان ۾ انڊين ليجسليٽو ڪائوونسل ۽ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا مڪمل ڪاروايون ڏنيون وينديون. محقق لاء اهي ڪتاب وڏي اهميت رکن ٿا. انھن جو مڪمل سيٽ دهلئ جي آرڪائيوز ۾ موجود آھي. گل حيات ۾ سنڌ سان لاڳاپيل ڪاروايون چڱي خاصي تعداد ۾ موجود آھن. 23.8.1936: "انڊيا ايڪٽ آف 1936" هندستان سان لاڳو ٿيو. ان بعد مسئلو پيدا ٿيو انڊيا جي وفاق جي ڪهڙي نوعيت هجڻ گهرجي. انھئ مامري تي ڳالھ ٻوله ڪرڻ لاء اڄ ھندستان جي سمورين آزاد رياستن جا والي وائسراء سان مليا.(حوالو: ڇهماهي انگريزي رسالو "انڊين ائنيوئل رجسٽر" ، سال1939 ۽ واليوم 2). 23.8.1955: ‘ون يونٽ’ بل پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو 23.8.1976: اڄ “اسلام آباد يونيورسٽيءَ“ کي ’قائد اعظم يونيورسٽي‘ جو نالو ڏنو ويو. {23 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1943ع اسڪالر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري. 1945ع اداڪار تيجڀان ڪرپلاڻي (ٽنڊو محمد خان / جئپور). 1946ع سماج سڌارڪ محمد ملوڪ انڙ. 1967ع شاعره رخسانه پريت. [وڇوڙو]: 1623ع صوفي شاعر شاه ڪريم بلڙي. 1798ع ٺٽي جي اڳوڻو گورنر غلام علي نظاماڻي۔ 1972ع شاعر انور علي شاهه (چڪ). 1987ع ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي. 1992ع شاعر سليم هالائي. 2010ع شاعر اختر لڪياري.

No comments:

Post a Comment