Thursday 3 August 2023

SINDH in history today (4th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 4:37 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th August} and Good Day Wish ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Beauty in behaviour is more valuable than beauty of body. Boldness is more important than to bow before out-dated values & traditions. Whoever is acting against human nature and instincts, has to face distance & difference in his/her own heart and mind. He/She is a wandering soul and divided personality without peace & love and vision & wisdom] سرت ۽ سونهن سندء ساجن سچا سفير, سندء فطرت ۽ رويا تنهنجا امير ۽ وزير, تون پاڻ ئي آھين پنهنجو مقدر ۽ تقدير, جي ريتن رسمن بڻائيا هت روح اسير, اهي بي پير, مڃن نہ سونهن سلام کي. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (4th AUGUST) EVENTS: 1940: The Board of the Independent Muslims (Azad) Conference meets in New Delhi under the presidency of K.B. Allah Bux Soomro to discuss the questionnaire regarding rights of the minorities. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1940). 1947: Special Military Command Punjab Boundary Force is set up to ensure law & order in 12 districts where disturbances have started. (Source: Newspapers). 1948: Abdul Samad Achakzai is house arrested. (Source: Newspapers), 1954: The Government of Pakistan approves the National Anthem written by Hafiz Jalandhri and composed by Chagla. Sindh’s contribution is visible. Hafiz Jalandhri had remained Court Poet in Khairpur and Chagla was from Karachi (Source: ibid). 1955: Women Rights Commission is constituted by the Government to revise and recommend amendments in Family Law. (Source: ibid). 1959: Not people, but now 80,000 BDs Members will elect President and Parliament of Pakistan. The decision is taken in this regard. (Source: ibid). 1971:Pakistan accepts proposal of the Secretary General of U.N.O to appoint representatives of U.H High Commission for refugees on both sides of East Pakistan and Indian border. (Source: ibid). 1972: Shimla Agreement comes into force with the exchange of the instruments of ratification. (Source: ibid). 1991: PDA, including Benazir Bhutto observes token hunger-strike throughout country and alleged political victimization by IJI government. (Source: ‘Chronology of PPP’, compiled by Gul Hayat Institute). Sindh in history today (4th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 4 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 4.8.1940: اڄ "(آزاد) مسلمانن جي آزاد بورڊ" جي ڪانفرنس ٿي. نئين دهلئ ۾ ٿيل هن ڪانفرنس جي صدارت خانبهادر الله بخش سومري ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ اقليتن جي حقن بابت سوالن تي بحث ڪيو ويو. هئ پارٽي جي نظرياتي سوچ گڏيل هندستان جي حق ۾ هئي. ان ڪري گڏيل هندستان ۾ مسلمان به اقليت ۾ شمار ٿين پيا. [هن ڪانفرنس جو مطلب اهو ته ڀلي گڏيل هندوستان آزاد ٿئي, پر ان ۾ اقليتن جا حق محفوظ ھجڻ گهرجن] (حوالو: "انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليم -11 ، سال 1940). 4.8.1945: محمد ايوب کهڙي, سندس ڀاء ۽ ٻين ٻن جوابدارن کي ڪورٽ الله بخش شھيد ڪيس مان آزاد ڪيو. کهڙي جي رهائئ تي "الوحيد" ايڊيٽريل لکيو ۽ کيس مبارڪ ڏني. کهڙو "لاهور ميل"ذريعي ڪراچئ پهتو ته کيس جلوس ۾ سندس گهر تائين آندو ويو. 4.8.1947: سنڌ جي بارڊر کان پناهگيرن جي آمد جو تعداد هن ڪري آسان ۽ پر امن هئو, جو سنڌ جي انھئ پٽي ۾ پناهگيرن جي ڦرلٽ نه پئي ٿئي ۽ عورتون نه پيون ڀڄايون وڃن. پر پنجاب جي بارڊر تي خوني واقعا ٿيا ۽ عورتون ڀڄايون ويون. ان ڪري اڄ اتي پنجاب جي 12 ضلعن ۾ امن و امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص فوجي ڪمانڊ باؤنڊري فورس قائم ڪئي وئي. (حوالو: اخبارون). 4.8.1948: ملڪ ٺھيو ئي مس ته معمولي سياسي مخالفن لاء غير معمولي قدم کنيان ويا. اڄ عبدالصمد اچڪزئي کي گرفتار ڪيو ويو. (حوالو: اخبارون)، 4.8.1954: اڄ حڪومت پاڪستان حفيظ جالنڌرئ جو لکيل ۽ چاگلا پاران ڌن ڏيل قومي ترانو منظور ڪيو.[ ياد رهي ته حفيظ جالنڌري خيرپور ۾ درٻاري شاعر رهي چڪو هو ۽ چاگلا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي هو. سنڌ ايئن پاڪستان جي قومي تراني ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. 4.8.1959: هاڻي عوام نه ، پر 80،000 بي ڊي ميمبر پاڪستان جي صدر ۽ پارليامينٽ کي چونڊيندا. ملڪي سرڪار جو فيصلو (حوالو: اخبارون). 4.8.1972: اڄ پاڪستان ۽ انڊيا وچ شمله معاهدي وارن دستاويزن جي مٽاسٽا ٿي ۽ معاهدي تي عمل شروع ٿيو. (حوالو: اخبارون) 4.8.1991: آء.جي.آء حڪومت پاران شروع ڪيل سياسي ڏاڍ ۽ مخالف-دشمنئ خلاف اڄ PDA وارن علامتي هڙتال ڪئي. بينظير به ھڙتال تي ويٺي. (حوالو: گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ پي.ڊي.اي بابت گڏ ڪيل مواد). *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** [جنم ڏينهن]: 4 آگسٽ 1899ع اردو جي مشهور شاعر تبسم صوفي. 4 آگسٽ 1919ع ليکڪ ليکو تلسي. 4 آگسٽ 1922ع ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش. 4 آگسٽ 1929ع اداڪار ۽ ڊانسر رميش جنجاڻي (خيرپور / بمبئي). 4 آگسٽ 1939ع شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي گادي جو اڳوڻو گادي نشين مخدوم محمد امين فهيم. 4 آگسٽ 1939ع شاعر مستانو محمد شاهه. 4 آگسٽ 1939ع اردو جي ناليواري شاعر، ڊراما نگار ۽ ليکڪ امجد اسلام امجد. 4 آگسٽ 1945ع صحافي غلام محمد کهڙو (ڦلجي اسٽيشن). 4 آگسٽ 1948ع سياستدان مير مشتاق علي ٽالپر. 4 آگسٽ 1950ع شاعر جڳديش نماڻو (بمبئي). 4 آگسٽ 1956ع صحافي شير محمد ملڪاڻي. 4 آگسٽ 1967ع شاعر زاهد ابڙو. 4 آگسٽ 1986ع شاعر ساگر شهزاد جاگيراڻي (لاڙڪاڻو). [وڇوڙو]: 4 آگسٽ 1991ع ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي. 4 آگسٽ 1999ع گلوڪار اخلاق احمد. 4 آگسٽ 2000ع اداڪار محمود صديقي. 4 آگسٽ 2015ع شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر موتي پرڪاش

No comments:

Post a Comment