Friday 1 July 2022

Sindh in history today (2nd July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (2nd JULY) 2nd July BIRTH DATES Surit Ali Korai (Shah Muhammad/Poet/ birth 2nd July 1910), Ustad Ali Shah Bukhari (JhandoGadahi/Poet/ birth 2nd July 1933), SarlaTahilramani (Sukkur> New Delhi/Writer/ birth 2nd July 1936), Sushela Punjabi (Karachi >Mumbai/Actress/ birth 2nd July 1944), SikandarAbbasi (Larkano/Writer/ birth 2nd July 1956), Abdul MajeedOdho (GarhiYaseen/Journalist/ birth 2nd July 1957), Bahadur Khan Talpur (ChhatoMadarani/Writer/ birth 2nd July 1966), Abbas Ali Talpur (ChhatoMadarani/Singer/ birth 2nd July 1972), Saeed ‘Rahi’ Mahesar (Larkano/Poet/ birth 2nd July 1984) EVENTS 1843: Charles Napier writes to the Secretary to Government of Bombay informing him that ‘the Sinhian population detest the Amirs (Ex-Rulers);the Hindu population rejoice in their overthrow; and Baloches are perfectly indifferent to their late Chiefs.(Mir) Sher Muhammad’s troops completely plundered him the other day, and then ran away,-‘ (Source: ‘Correspondence related to Sinde’). 1921: Aman Sabha is formed at Manjhand with Tejomal Khanchand as its president and Seth Tahilram-merchant & Municipal Councilor-as secretary. This Sabha arranged so many functions and public gatherings to make people realize that launching any movement, or participate in that movement is not in interests of people. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: On the eve of 12th of Rabi-ul-Awal a public meeting is held by the local branch of Khilafat Committee of Dhoro Naro.Speakers in their speeches praised valuable political services rendered and sacrifices made by Din Muhammad Alig, Jamaluddin Bukhari, Moulana Taj Muhammad Nasrpuri and Moulvi Muhammad Musa of Kotri.(Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1949: Chowdri Khaliq-u-Zaman blames Moulvi Fazul Haq of Bengal that he is working against the interests of Muslim League. This may kindly be noted that Moulvi Fazul Haq played a vital role in proposing ‘Pakistan Resolution’ in the Annual Session of the All-India Muslim League, in 1940. (Source: Newspapers). 1950: Hari Tahrik creates history. It is decided that on next day procession will be taken out before the Sindh Assembly and Memorandum will be presented to MPAs. On second day Hari Tahrik did it and next day ‘Tenancy Bill’ is adopted by the Sindh Assembly. (Source: ‘Source-Material on Hari Party’, compiled by Gul Hayat Institute). 1951: Sindh Government withdraws ban on political activities of Pir Illahi bux. This may be noted that he was disqualified for six years by the Election Tribunal in 1949. (Source: Newspapers). 1959: Services of 739 First Class and Second Class officers are terminated. (Source: Ibid). 1972: Sindhi Type-writer is made available in market for sale. (Source: Ibid). TRANSLATION INTO ENGLISH Sindh in history today (2nd JuLy). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. "سنڌي قوم جي ڪارنامن ۽ فردن جي ڪوتاهين جي واقعاتي تاريخ-(2 جولاء)-ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 2.7.1832 ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌ ۾ موجود ڪرنل پاٽينجر کي لکيو ته هو سرحد جون خبرون هٿ ڪري موڪلي ۽ انھئ ڳالھ بابت به پڪي خبر ٻڌائي ته ڇا حيدرآباد واري مير مراد علي خان جي ايران جي بادشاه جي ڌئ سان ڪي شادئ جون ڳالهيون ته نه هلي رهيون آهن. [هئ ڳالھ ذھن نشين ڪرڻي آھي ته فرنگي سنڌ ۽ ايران جي دوستئ مان پنهنجي حڪومت لاء خطرو محسوس ڪندا هئا.] 2.7.1843 سنڌ جي گورنر نيپيئر اڄ ممبئي حڪومت کي هوشيار ڪيو ته سنڌ جا جنگي قيدي مير خطن ذريعي ۽ نياپن سنيهن ذريعي پنهنجي مائٽن يارن سان رابطي ۾ آھن ۽ انھئ جي ممبئي حڪومت کي خبر ئي ڪا نه پئي يا ڪونھي. ان ڪري اوهان اهڙي خط و ڪتابت تي ڪرڙي نظر رکو ۽ انھئ ڳالھ تي توجھ ڏيو ته جيئن سابق حڪمرانن جي نيتن جي خبر ملندي رهي. نيپيئر سابق حڪمرانن بابت راء ڏيندي لکي ٿو ته ميرن جي حڪمراني وئي ته ان تي عام سنڌي ڪا راء نه ٿو ڏئي, ڇو ته عوام سندن حڪمرانئ ۾ ڪنهن ڳڻپ ۾ ئي ڪونه هو. هندن مان ڪيترا ميرن جي حڪمرانئ ختم ٿيڻ تي خوش آهن ۽ ٻروچ هن ڳالھ کان هاڻي جهڙوڪ لاتعلق نظر اچن ٿا. 2.7.1921 مانجهند ۾ سرڪار-دوست پارٽي "امن-سڀا" قائم ڪئي وئي. تيجومل خانچند ان جو صدر ۽ ميونسپل ڪائونسلر سيٺ ٽهلرام ان جو سيڪريٽري ٿيو. امن سڀائون سرڪار کي راضي ڪرڻ لاء ھندن به ٺاهيون ته مسلمانن به ٺاهيون. امن سڀائن جي قيام ۽ ڪارڪردگئ جو مڪمل احوال اوهان گل حيات ويب سائيٽ تي پڙھي سگهو ٿا. باقي ڪتابن ۾ انھن جو ذڪر ڪونه ٿو ملي. 2.7.1922 تحريڪ آزادئ خاطر ۽ انگريز-دشمنئ ۾ سنڌين مذھبي ڏڻن کي به سياسي مقصدن لاء ڪم آندو. اڄ 12 ربيع الاول جو ڏينهن ۽ جلسو آھي, پر ڍورو نارو خلافت ڪميٽئ ان کي سياسي ميڙاڪي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن جلسي ۾ سياسي قيدين جهڙوڪ دين محمد عليگ, جمال الدين بخاري, مولوي تاج محمد نصرپورئ ۽ ڪوٽڙئ جي مولوي محمد موسا جي قربانين ۽ وطن-دوستئ جي واکاڻ ڪئي وئي. 2.7.1948 وفاقي هوم منسٽر ۽ پناهگيرن جي وفد جي گڏجاڻئ ۾ وزير وعدو ڪيو ته پناهگيرن کي ڪٿي به امن امان جي مسئلي کي ڏسڻو نه پوندو. [ياد رهي ته پناھگيرن جي آبادڪارئ لاء وفاقي حڪومت هڪ الڳ کاتو/ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو. سندن خاص طور خيال ان ڪري رکجڻ ۾ آيو جو ملڪ جو وزير اعظم پڻ انهن مان هو ۽ هو پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جو رهواسي ڪونه هو] 2.7.1949 جن به پاڪستان ٺاهڻ ۾ مثالي ڪم ڪيو, انھن کي پاڪستان ٺھڻ کان پوء ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. بينگال جي مولوي فضل حق تي اڄ لڏي آيل ۽ مسلم ليگ جو اڳواڻ چوڌري خليق الزمان ڏمريو ۽ مٿس الزام هنيائين ته هو مسلم ليگ خلاف ڪم ڪري رهيو آھي. [مولوي فضل حق کي 1940 ۾ پاڪستان ٺھراء پيش ڪرڻ ۽ پاس ڪرائڻ ۾ اڳرن کان اڳرو هو.] 2.7.1951 جي.ايم.سيد کي ڌانڌلئ سان هارائڻ جي ڏوه ۾ اليڪشن ٽربينل 1949 ۾ پير الاهي بخش کي ڇهن سالن لاء سياست کان خارج ڪيو هو. اڄ سنڌ سرڪار پير الاهي بخش تان اها سياسي پابندي هٽائي.[اهڙي ٿوري ڪرڻ جو معاوضو اهو رکيو ويو ته پير الاهي بخش ڪراچي مرڪز حوالي ڪرڻ ۾ سهولتڪار ٿيندو ۽ ڪراچئ ۾ پناهگيرن جي آبادڪارئ ۾ مدد ڪندو. پوء اڳتي هلي پناهگيرن جي آبادڪارئ لاء ڪراچئ ۾ ”پير الاهي بخش ڪالوني" جڙي.] 2.7. 1972 سنڌي ٽائيپ رائيٽر مارڪيٽ ۾ وڪري لاء موجود ڪيو ويو. 2.7.1973 جنگي قيدين جي ٻارن ۽ مائٽن اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلئ اڳيان مظاهرو ڪيو.[ نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آھي ته ذوالفقار علي ڀٽي 90 هزار جنگي قيدي ته واپس ڪرايا, پر وقت آيو ته هن جي ڪنهن به جان نه بچائي. *************** [ولادتون]: 2 جولاءِ 1910ع شاعر صورت علي ڪورائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1933ع ليکڪ استاد علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1936ع ليکڪا سرلا تهلراماڻي (سکر / دهلي)جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1944ع اداڪاره سشيلا پنجابي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1956ع ليکڪ سڪندر عباسي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1957ع صحافي عبدالمجيد اوڍو (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1966ع ليکڪ بهادر خان ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1971ع ليکڪ ۽ سياسي، سماجي اڳواڻ بدر سميجو(پنو عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1972ع موسيقار عباس علي ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1977ع ليکڪ ناچيز پاهي جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1984ع شاعر سعيد راهي مهيسر (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. [وفاتون]: 2 جولاءِ 1997ع سياستدان آغا غلام نبي پٺاڻ(سلطان ڪوٽ) جو لاڏاڻو ٿيو. 2 جولاءِ 1998ع شاعر بشير بيوس اوٺوجي وفات ٿي. 2 جولاءِ 1998ع دنيا جي سڀ کان ڊگهي انسان طور مشهوري ماڻيندڙ عالم چنا جي وفات ٿي. 2 جولاءِ 2005ع ناليواري شخصيت حاجي علي بخش ڪولاچي جو لاڏاڻو ٿيو. 2 جولاءِ 2007ع ناليواري ٽي وي پروڊيوسر ۽ هدايتڪار هارون رندجو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment