Tuesday 26 July 2022

Sindh in history today (26th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (26th JULY) 26th July BIRTH DATES Syed Ali Muhammad Shah Daerai (Saint/ birth 26th July 1811), Allah Bux ‘Anees’ Ansari (Larkano/Poet & writer/ birth 26th July 1923), NazirBhund (Bilal Bhand/Writer/ birth 26th July 1947), AsifZardari (Ex-President of Pakistan/ birth 26th July 1955), Ali Akbar Sand (Bhit Shah/Writer & Journalist/ birth 26th July 1958), Riaz Memon (Mirpurkhas/Journalist/ birth 26th July 1963), DEATH DATES Moulana Muhammad Akram Ansari (Religious Scholar/ date 26th July 1958), EVENTS 1840: The Government of Bombay asks Captain Robert Oliver, Superintendent of Indian Navy to draft Rules & Regulation for Steam Flotilla on the Indus. (Source: The Bombay Government’s letter, dated 26th July 1840). This may kindly be noted that later on Steam Communication between Karachi and Mulatan was established but, in 1857 it was stopped due to Persian Expedition. 1950: Indian Muslim Migrants take out procession demanding their proper rehabilitation. (Source: Newspapers). 1954: Restrictions are imposed on undue movement /activities of Russian diplomats in Pakistan. (Source: Newspapers). 1955: Red Shirt politicians will not be allowed to launch movement against One-Unit, declares Major General Iskandar Mirza, Home Minister of Pakistan. (Resources: ibd). 1965: American diplomats are free to contact any politician and record his opinion on vital issues relating to Pakistan. Government takes notice and asks them to refrain from such activities. (Source: Ibd). 1972: Indian cabinet approves Simla Agreement. Though, it is a big achievement of PPP Government but, Bhutto faces serious problems. Simla Agreement is being criticized in Punjab and Sindh is burning due to language riots. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1996: 15-party’s opposition alliance finalizes plea " سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي تاريخ-(26 جولاءِ-)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا] 26.7.1840: ممبئي جي حڪومت ڪئپٽن رابرٽ اوليور ، هندستاني نيوي جي سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪي ته هو "انڊس تي هلندڙ اسٽيم فلوٽيلا لاءِ ڀاڙن, ۽ ٻين ضابطن جو مسودو تيار ڪري. (ذريعو/مآخذ: ممبئي حڪومت جو خط ، تاريخ 26 جولاءِ 1840). نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته فرنگين جو سنڌ تي قبضو 1843 ۾ ٿيو, پر سنڌوندئ تي قبضو ان کان ڪيترا سال اڳ ٿيو. ان ڪري 1840 ۾ سنڌوندئ تي هلندڙ آگبوٽن لاء ضابطا, قائدا ۽ قانون ڌاريا انگريز ٿا جوڙن, جڏهن ته سنڌ ۽ سنڌوندئ جا وارث حڪمران مير هئا. 26.7.1854 هي اهو دور آھي جڏهن سنڌوندئ ۾ سنڌ کان ملتان تائين آگبوٽ ھلندا هئا. پر ايران ۾ فرنگين فوجي ڪاروائي شروع ڪئي ته ڪمپني حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي چيو ته ملتان تائين هلندڙ آگبوٽ سروس بند ڪريو. (حوالو: گورنمينٽ آف انڊيا جو خط نمبر 3354). 26.7.1950: هندستاني مسلمان مهاجرن وري اڄ پنهنجئ بهتر آبادڪارئ لاء جلوس ڪڍيو. هو ان پنهنجئ آبادڪارئ کي ان ڪري پنهنجو حق پيا سمجهن جو کين لڏڻ جي ترغيب ڏني وئي هئي. ان کان سواء اهڙا جلوس سرڪار لاء پريشر کان وڌيڪ جواز پيا پيدا ڪن ته سرڪاري طور تي انھن لاء گهڻو ڪجھ ڪري سگهجي. (ذريعو: اخبارون). 26.7.1954: پاڪستان سرڪار روسي سفارتڪارن جي غير ضروري اٿ ويه ۽ سرگرمين تي پابنديون لاڳو ڪيون. (ذريعو: اخبارون). 26.7.1955: پاڪستان جي گهرو وزير ميجر جنرل اسڪندر مرزا اعلان ڪيو ته ريڊ شرٽ سياستدانن کي ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. (وسيلو: اخباري بيان) 26.7.1965: آمريڪي سفارتڪارن ڪنهن به سياستدان سان رابطو ڪرڻ ۽ ملڪي حالتن بابت اهم معاملن تي آزادئ سان راءِ رڪارڊ ڪرڻ کي پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو ته حڪومت نوٽيس وٺي انهن کي چيو ته اهڙين سرگرمين کان باز اچن. (ذريعو: اخباري خبرون) 26.7.1972: ڀارتي ڪابينا سملا معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. جيتوڻيڪ اها پيپلز پارٽي سرڪار جي وڏي حاصلات هئي ، پر ، ڀٽو سنگين ڏکيائين کي منهن ڏنو. پنجاب ۾ شمله معاهدي تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ ٻولي جي فسادن جي ڪري سنڌ جلندي رهي. (ذريعو: ‘ڀٽي خاندان تي گڏ ڪيل مواد’ ، گل حيات انسٽيٽيوٽ). [جنم ڏينهن]: 26 جولاءِ 1811ع بزرگ سيد علي محمد شاهه ديرائي. 26 جولاءِ 1923ع شاعر ۽ ليکڪ الله بخش انيس انصاري(لاڙڪاڻو). 26 جولاءِ 1947ع سماجي ڪارڪن نظير احمد ڀنڊ(خدا آباد). 26 جولاءِ 1955ع سياستدان ۽ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري. 26 جولاءِ 1958ع ليکڪ علي اڪبر ساند (ڀٽ شاهه). 26 جولاءِ 1963ع صحافي رياض ميمڻ (ميرپور خاص). [وڇوڙو]: 26 جولاءِ 1958ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اڪرم انصاري (هالا).

No comments:

Post a Comment