Sunday 24 July 2022

Sindh in history today (25th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (25th JULY) [Sincere efforts to create friendship between Past and Present. Movement launched by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute) 25th July BIRTH DATES Imam Bux ‘Sabir’ jatoi (New Jatoi/Poet & Politician/ birth 25th July 1881), ‘Shad’ Abbasi (Borrai/Poet/ birth 25th July 1934), Muhammad SalihKumbhar (Sinjhoro/Journalist/ birth 25th July 1947), Imtiaz Ali Channo (Valid/Writer/ birth 25th July 1958), AllahdinoaliesBhejo Fakir (Saeendad/Social Worker & Poet/ birth 25th July 1959) DEATH DATES Ali Muhammad ‘Ajiz’ Sakrai (Poet/ date 25th July 1959) EVENTS 1938: Gandhi refuses to accept All-India Muslim League as the sole representative of the entire Muslim Population of India. He writes to Jinnah. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1938). 1940: Sir Haji Abdullah Haroon President of the Sindh Provincial Muslim League in the course of a statement to press from Lahore declares that Mr. Jinnah has committed no crime in calling spade a spade; our province whole-heartedly supports the stand he has taken in dealing with Moulana Abdul Kalam Azad. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1940). 1947: Lord Mountbatten asks Chamber of Princes to take into account consideration such as the geographical location, economic and strategic factors and wishes of people in arriving at decision whether to accede to India or Pakistan. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1947). 1966: N.M.Uqueli is appointed as Finance Minister of Pakistan.(Source: Newspapers). 1974: I will not order for withdrawal of military or to stop operation in Balochistan as it will be taken and termed as weakness of the Government, says Z.A.Bhutto (Source: Newspapers). 1978: A White Paper ‘Conduct of General election in March 1977, by Z.A.Bhutto Government’ is issued by the Government of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(25 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪي واقعا ] 25.7.1844 ڪمپني حڪومت جي "سيڪريٽ ڪمٽئ" نيپيئر کان دريافت ڪيو ته قيدي ميرن جون گهرڌياڻيون پنھنجي ورن سان گڏ رهڻ ۽ اوڏانھن وڃڻ گهرن ٿيون يا نه. ياد رهي ته انھن عظيم عورتن پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو هو. 25.7.1881 حاجي امام بخش ولد خانبھادر غلام رسول جتوئئ جو تعلقي موري جي ڳوٺ ملڪ ۾ جنم ٿيو. هو اڳتي هلي شاعر ۽ سياستدان ٿيو. سرڪار کيس 1912 ۾ ”خانصاحب" ۽ 1926 ۾ ”خانبهادر" جا لقب ڏنا. 1916 کان 1938 تائين اعزازي ماجسٽريٽ به رهيو. 1921 کان 1932 تائين ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر به ٿي رهيو. 7 نومبر 1938 تي وفات ڪيائين. 25.7.1938: گانڌئ, آل انڊيا مسلم ليگ کي پوري هندستان جي سموري مسلم اڪثريت واري نمائندي طور مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جناح ڏانهن خط لکي اهڙو ويچار ونڊيو. (ذريعو/مآخذ: ”انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليوم -11 ، سال 1938). 25.7.1940: سر حاجي عبدالله هارون, سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي صدر ، لاهور مان پريس کي بيان ڏيڻ جي دوران ، اعلان ڪيو ته اسان جو صوبو پوري دل سان جناح صاحب جي انھئ موقف جي حمايت ڪري ٿو جيڪو هن مولانا عبدالڪلام آزاد بابت بيان ڪيو آهي. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر، واليوم -11 ، سال 1940). 25.7.1947: لارڊ مائونٽ بيٽن شهزادن واري چيمبر Chamber of Princes کي خطاب ڪندي چيو ته جاگرافيائي صورتحال, محل وقوع ، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ عوامل ۽ عوام جي مرضئ کي ڌيان ۾ رکي آزاد رياستون پوء فيصلو ڪن ته اهي پاڪستان ۾ شامل ٿينديون يا انڊيا ۾ شامل ٿينديون. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽرڊ ، واليوم ٻيو ۽ سال 1947). 25.7.1966: ٺٽي جي اين ايم عقيلي کي پاڪستان جو وزير خزانه مقرر ڪيو ويو (ذريعو: اخبارون). 25.7.1972 ڪراچي ۾ وري دهشتگردئ جي لهر معصوم ماڻھن جي حياتيون ورتيون. 25.7.1974: "آئون نه ته فوج بلوچستان مان واپس گهرائيندس ۽ نه وري اتي هلندڙ آپريشن بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندس - ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان.(معلومات جو ذريعو: اخبارون) 25.7.1978: فوجي حڪومت, مارچ 1977 ۾ ڀٽي-حڪومت طرفان ڪرايل چونڊن بابت "وائيٽ پيپر" جاري ڪيو ته جيئن عوام کي آگاهي ڏئي سگهجي ته چونڊن ۾ حڪومتي ڏاڍ سان وڏي پئماني تي ڌانڌليون ڪرايون ويون هيون. (ذريعو: ‘ڀٽي خاندان تي گڏ ڪيل مواد’ ، گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل). 25.7.1990 مهين جي دڙي جي انٽرنئشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ٿيو. [جنم ڏينهن]: 25 جولاءِ 1881ع شاعر ۽ سياستدان امام بخش صابر جتوئي(نوان جتوئي). 25 جولاءِ 1934ع شاعر شاد عباسي ٻورائي. 25 جولاءِ 1947ع صحافي محمد صالح ڪنڀر (سنجهورو) . 25 جولاءِ 1958ع ليکڪ امتياز علي چنا. 25 جولاءِ 1959ع سماجي ورڪر الله ڏنو عرف ڀيڄو فقير . 25 جولاءِ 1961ع ناليواري اداڪار منظور مراد. [وڇوڙو]: 25 جولاءِ 1959ع شاعر علي محمد عاجز ساڪراڻي

No comments:

Post a Comment